سنڌي انفرميٽڪس (آءَ ٽي) شعبو

سنڌي انفرميٽڪس (آءَ ٽي) شعبو

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران، سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ جي سلسلي سال 1998 ۾ سنڌي انفرميٽڪس شعبو قائم ڪيو ويو هو. شعبي جي سربراھ محترمہ انيس ڪاڪا آھي ان کان علاوہ ھن شعبي ۾ ھن وقت ھڪ نائب قاصد محترم محمد بخش ٿيٻو بطور ڪمپيوٽر آپريٽر ڪم ڪري رھيو آھي.
هن شعبي وقت به وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جديد تقاضائن کي سامهون رکندي اهم ڪم ڪيا آھن جيڪي مختصر طور ھيٺ ڏِجن ٿا..

  1. سنڌي او سي آر ( سنڌي ٻوليءَ جي فوٽو يا اسڪين ٿيل مواد کي ٽيڪسٽ ۾ بدلائڻ ۽ ان ۾ ايڊٽ ڪرڻ)
  2. پارٽس آف اسپيج (ڳالهائڻ جا لفظ) (سنڌي ٻوليءَ کي لکڻ يا ڳالهائڻ مهل، جملن جي سڀني لفظن کي پاڻمرادو گرامر جي حصن ۾ ڏسيندڙ سرشتي جو قيام. جنهن سان خودڪار ترجما، تصويرن مان سنڌي اکر ڪڍڻ ۽ مصنوعي آوازن جي مدد سان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجھڻ ۾ مدد ملندي
  3. آن لائين لائبري جنهن ۾ اداري جا ڇپيل ڪتاب ٽيڪسٽ ۾ اپ لوڊ ٿينداآهن جنهن کي سرچ انجن آسانيءَ سان سرچ ڪري سگهي ٿي.
  4. آن لائين ڊڪشنرين جو پورٽل تيار ڪيو ويو آهي هن پورٽل ۾ سوا ڇهه لک لفظ موجود آهن. جنهن ۾ سنڌيءَ مان انگريزي يا انگريزيءَ مان سنڌي لفظن جا متبادل لفظ، پهاڪا، چوڻيون فني اصطلاح ۽ خاص لفظ ڳولي گهربل مفهوم پڙهي سگهجن ٿا.
  5. لنڊن جي ڪمپنيءَ ”سويفٽ ڪي ڪيبورڊ“ وارن سان لهه وچڙ ڪري سمارٽ فونن جي جڳ مشهور ۽ ڪامياب ترين ”ڪيبورڊ“ ٺاهڻ واري ڪمپني ”سويفٽ ڪِي ڪيبورڊ“ (Swift Key Keyboard) ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرايو آهي.
  6. انٽرنيٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ برائوزر جنهن ۾ گوگل ڪروم ۽ فاير فاڪس شامل آهن انهن برائوزرن لاءِ هڪ ايڪسٽينشن تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن به انگريزيءَ يا سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ يا تشريح هڪ ٽڙڪ (ڪلڪ) سان حاصل ڪري سگھجي ٿي.
  7. سنڌي ٻوليءَ جي رجسٽرڊ انٽرنيشنل ڪوڊ (SD) کي گوگل ۽ مائڪرو سافٽ تسليم ڪري پنهنجي مرڪزي پروگرامنگ ۾ داخل ڪريو ڇڏيو آهي.
  8. آن لائين سنڌي سکيا جو ڪورس مڪمل طور تي تيار ڪيو ويو آهي جيڪو دنيا جي سڀني پليٽ فارمن ۽ ڊوائيسز تي کلي سگھي ٿو. جنهن مان ڪافي ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. اٿارٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن جي ورچوئل لائبريري تيار ٿي رهي آهي جنهن ۾ اٿارٽيءَ جا ڇپيل ڪتاب رکيا ويندا.
  9. پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن لاءِ درسي گيتن جو پورٽل تيار ڪيو ويو آهي.
  10. دنيا جي ويب ورلڊ جا اهم سرشتا ”ورڊ پريس“ ۽ ”جوملا“ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن.
  11. 11 ڊڪشنرين جون اينڊرائيڊ ايپليڪيشنون تيار ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ”ڦلواڙي“ جي پڻ ايپليڪيشن تيار ڪئي وئي آهي. جيڪي گوگل پلي تان مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري موبائيل ۾ انسٽال ڪري سگهجن ٿيون.
  12. اداري جي ويب سائيٽ کي وقت به وقت اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي.
  13. اداري جو يوٽيوب تي چينل ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ وقت به وقت ٿيندڙ سرگرمين جي رڪارنڊنگ پڻ هن چينل تي اپلوڊ ڪئي ويندي آهي.
  14. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پروجيڪٽ تي جديد پروگرامنگ تحت آن لائين ويب سائيٽ ٺاهي وئي آھي، جيڪا يوزر فرينڊلي ۽ ايڪسس ڪرڻ بلڪل آسان آھي.
  15. سنڌي ڪمپيوٽنگ جا ڪلاس ھلايا ويا، جن ۾ شاگردن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڄاڻ وئي.
  • سربراھ:

    انيس ڪاڪا
    (ڊائريڪٽر )

شيئر ڪريو: