مارڪيٽنگ شعبو

مارڪيٽنگ شعبو

هي شعبو اٿارٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن کي وڪرو ڪري آمدني پيدا ڪرڻ جو هڪ اهم وسيلو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي باختيار اداري طرفان هن وقت تائين 290 کن ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا آهن، جن کي سنڌيءَ جي مختلف علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچائڻ لاءِ مارڪيٽنگ جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي مڙني مک شهرن جي مشهور ڪتاب گهرن تائين اداري جا ڪتاب پهچائڻ هن شعبي جي ذمي آهي ۽ گڏوگڏ مارڪيٽنگ شعبي جي نگرانيءَ ۾ اداري جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ قليچ ڪتاب گهر قائم ٿيل آهي، جنهن ۾ نه صرف اداري جا ڪتاب وڪري لاءِ موجود آهن پر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مڙني ادبي ۽ علمي ادارن جا ڪتاب به محققن، استادن ۽ شاگردن جي سهولت لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي مناسب اگهن تي دستياب آهن.ھن شعبي جو انچارج ابراھيم ڪنڀر مارڪيٽنگ مئنيجر، ان کان علاوہ بخشل شاھہ سينيئر ڪلرڪ، سيد محمد علي شاھہ ڪمپيوٽر آپريٽر، سڪندر علي بلوچ جونيئر ڪلرڪ آھن


  • سربراھ:

    ڪوبہ نہ
    (انچارج )

شيئر ڪريو: