علامه غلام مصطفيٰ قاسمي انفارميشن رسورس سينٽر

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي انفارميشن رسورس سينٽر

انفارميشن رسورس سينٽر، محققن ۽ عالمن کي انتھائي اھم ۽ مددگار مواد مھيا ڪري ٿو.ھن شعبي ۾ سنڌي ٻولي بابت ڇپيل مواد کي سنڌي ٻوليءَ جي محققن ۽ شاگردن کي فائدي پھچائڻ لاءِ گڏ ڪيو ويو آھي. هن سينٽر طرفان سنڌ ڊيٽابيس ۽ ڊاڪيومينٽيشن بابت مواد گڏ ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي. لائبرري ۾ مختلف ڪارنر به قائم ڪيا ويا آهن. هن وقت رسورس سينٽر ۾ 37000 ڪتاب ۽ 16000 رسالا، 10 اخبارون موجود آھن. 1958 کان اڄ تائين مختلف اخبارن جو رڪارڊ مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيل آهي، هتي روزاني7 عدد اخبارون به پڙهندڙن جي تحقيق لاءِ خريد ڪيون وينديون آهن. رسورس سينٽر ۾ جديد سافٽ ويئرن جي مدد سان مواد ڪمپيوٽرائيز ڪيوويو آھي. شعبي جو سربراھ عامر علي ڀٽي آھي ان کان علاوہ عنبرين خاصخيلي جونيئر ڪلرڪ، رحيم پاشا جونيئر ڪلرڪ، طفيل احمد سومرو بائينڊر شامل آھن.

  • سربراھ:

    عامر ڀٽي
    (لائبريرين)

شيئر ڪريو: