اڪائونٽس شعبو

اڪائونٽس شعبو


اڪائونٽس شعبو اداري جو هڪ بنيادي، اهم ۽ مرڪزي شعبو آهي، جيڪو اداري جي سمورن مالي معاملن جي نگراني، ترتيب، رڪارڊ رکڻ ۽ مالي پاليسين تي عملدرآمد جي ذميواري نڀائي ٿو. شعبو اداري جي سالياني بجيٽ جي تياري، گرانٽ جي بروقت اجرائي، پگهارن، پينشن، ۽ مختلف ادائگين جي بلن جي تياري سان گڏ انهن جو صحيح رڪارڊ رکڻ جو ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ان سان گڏوگڏ، داخلي ۽ خارجي آڊٽ جي مرحلن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ به هن شعبي جي ذميوارين جو حصو آهي.

هي شعبو نه صرف روزمره جي مالي ڪاررواين کي مؤثر نموني منظم ڪري ٿو، پر مالي منصوبابندي، مالي رپورٽنگ، ۽ بجيٽ جي نگراني ذريعي اداري جي پائيدار ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مالي ضابطن تي سختيءَ سان عمل ڪندي، اڪائونٽس شعبي جي ڪوشش هوندي آهي ته اداري جي مالي وسيلن جو استعمال شفاف، جوابده ۽ نتيجا ڏيندڙ هجي.

اهم ذميواريون:

اداري جو سالياني بجيٽ تيار ڪرڻ

گرانٽ رليز ڪرائڻ

اداري جا سڀئي مالي معاملا سنڀالڻ

پگهار ۽ پينشن جو ادائگيون ڪرڻ

ADP  اسڪيمون تيار ڪرڻ ۽ انھن جا مالي معاملا سنڀالڻ 

آڊٽ جو عمل ڪرائڻ

مالي رپورٽون تيار ڪرڻ

سنڌ اٿارٽي فنڊ ((1) اٿارٽي انڊوومينٽ فنڊ، (2) پينشن ڪنٽريبيوشن  فنڊ، (3) ميڊيڪل ري امبرسمينٽ فنڊ، (4)  اٿارٽي جي ملازمن جي قرض جو فنڊ، (5) سنڌي سکيا مرڪز فنڊ، (6) حوالا جاتي مواد فنڊ ، ۽ (7) فنانشل اسسٽنٽ پيڪيج فنڊ) 

مختلف ڪميٽيون ڪرائڻ جن ۾ مالي ڪميٽي، ميڊيڪل ري امبرسمينٽ ڪميٽي، پروڪيورمينٽ ڪميٽي، سيڙپ ڪميٽي وغيرھ شامل آھن 

عملي جي فهرست:

محمد امين لغاري – ڊپٽي ڊائريڪٽر 

احسان احمد ميمڻ – اسسٽنٽ ڊائريڪٽر

فياض حسين ميمڻ – سينيئر ڪلارڪ

زاھد حسين بليدي – جونيئر ڪلارڪ

جمشير –نائب قاصد


  • سربراھ:

    احسان ميمڻ
    (اسسٽنٽ ڊائريڪٽر )

شيئر ڪريو: