سنڌي ٻولي جاڳرتا مُھم جي افتتاحي تقريب

27

سيپٽمبر 2022ع

صبح 11 بجي

تقريب ڪوٺائيندڙسنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد

فيسبڪ پوسٽ
پروگرام اڱارو 27 سيپٽمبر 2022 شام 05 بجي ختم ٿي چُڪو آھي

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران، سنڌي ٻوليءَ جي سماجي واھپي کي وڌائڻ، ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ محبت جي جذبي کي اُڀارڻ ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لازمي تعليم ۽ تدريس کي يقيني بنائڻ جي ڏَس ۾ ’سنڌي ٻولي جاڳرتا مُھم‘ شروع ڪئي وئي آھي. ان حوالي سان، تاريخ 27 سيپٽمبر 2022ع، اڱاري جي ڏينھن، صبح جو 11 وڳي، ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ جاڳرتا مُھم جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي پئي وڃي. 

اوھان کي ھن تقريب ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏِجي ٿِي.


 ڊاڪٽر اسحاق سميجو
چيئرمئن