”سنڌيءَ ۾ لکيل ٻارن جو ادب: نوان لاڙا، موضوع ۽ نئين دؤر جون گهُرجون“

19

نومبر 2022ع

صبح 11 بجي

تقريب ڪوٺائيندڙسنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد

فيس بڪ پوسٽ
پروگرام آچر 20 نومبر 2022 شام 06 بجي ختم ٿي چُڪو آھي

پيارا سائين/سانئڻ!
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، ٻارن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان
”سنڌيءَ ۾ لکيل ٻارن جو ادب: نوان لاڙا، موضوع ۽ نئين دؤر جون گهُرجون“
جي عنوان ھيٺ ٻن ڏينھن جي قومي ڪانفرنس ٿي رھي آھي. اوھان کي ھن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دل سان دعوت عرض رکجي ٿي. ھن ڪانفرنس ۾ سنڌ سميت ملڪ جي چئني صوبن مان ٻارن جي ادب جا نامور ليکڪ، محقق، شاعر ۽ رسالن جا ايڊيٽر شريڪ ٿي رھيا آھن.
ڪانفرنس ۾ علمي ۽ ادبي اجلاسن سميت ٻارن جي غير نصابي سرگرمين لاءِ ڌار پنڊال تيار ڪيا ويندا، جتي ٻار پنھنجين صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ موسيقي، آرٽ، خاڪن، ڊرامن، ٽيبلوز ۽ ٻين سرگرمين ذريعي سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جو حصو ٿيندا.
اوھان کي پنھنجن ٻارڙن سميت شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

تاريخ: 19 ۽ 20 نومبر 2022ع صبح جو يارھين وڳي.
ھنڌ: سنڌ ميوزيم، حيدرآباد.

ڊاڪٽر اسحاق سميجو
چيئرمئن