ٻارن لاء ٻولي ۽ ثقافت جو ٻن ڏينھن جو ميلو

21

جنوري 2023ع

صبح 09 بجي

تقريب ڪوٺائيندڙعمرڪوٽ جو آواز فورم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ

پروگرام آچر 22 جنوري 2023 شام 06 بجي ختم ٿي چُڪو آھي
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سھڪار سان، سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾، ”عمرڪوٽ جو آواز“ فورم پاران ”ٻارن لاء ٻولي ۽ ثقافت جو ٻن ڏينھن جو ميلو“ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ملهايو پيو وڃي. ٻولي ۽ ثقافت جي هن ميلي ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪانفرنس، سنڌي ٻوليءَ جي ٻاراڻي ادب بابت مذاڪرو، ڪتاب گهر، آرٽ ۽ مصوريءَ جا مقابلا، موسيقي ۽ ڊراما ۽ ٻارن ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاء مختلف سرگرميون رکيون ويون آهن.