سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران " ميڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست واھپي" بابت چئن ڏينھن جو سکيا ورڪشاپ 30,31 جنوري ۽ 1,2 فيبروريءَ 2023ع تي اداري جي ڊاڪٽر بلوچ ھال ۾ منعقد ٿي گذريو. اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي سکيا ورڪشاپ جا مقصد ٻڌائيندي چيو تہ: ھن سکيا ورڪشاپ جو مقصد ئي ھو تہ ميڊيا جي ادارن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو گڏيل جائزو وٺي انھن کي درست ڪري سگھجي، ڇو تہ پڙھڻ پڙھائڻ کان وڌيڪ سکڻ ۽ سيکارڻ ھميشہ ياد رھندو آھي. ورڪشاپ ۾ سکيا ڏيندي ناليواري صحافي سھيل سانگي چيو تہ: ميڊيا روز جي بنياد تي جيڪو مواد پيدا ڪري ٿو اھو تمام گھڻو مواد آهي جنھن سان تاريخ جڙي ٿي.اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو تہ: ميڊيا اھم ۽ سماج ۾ ٻوليءَ پھچائيندڙ وڏو شعبو آهي ۽ ميڊيا ۾ ٻوليءَ جي بگاڙ کي محسوس ڪيو وڃي ٿو ان ۾ درستگي جي ضرورت آھي.ٻاراڻي ادب جي ليکڪ خالد آزاد چيو تہ: جيڪي سنڌي ۾ معقول ۽ متبادل لفظ موجود آهن ان جاءِ تي ڌارين ٻولين جي لفظ استعمال ڪرڻ سان بگاڙ ٿئي ٿو. عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي ليڪچر ڏيندي چيو تہ: ميڊيا جي ادارن کي پنهنجي ويب سائيٽ تي تعارف سنڌي م ڄاڻائڻ گھرجي تہ جيئن گوگل ۾ سنڌي جو شمار وڌ ۾ وڌ ٿئي. سينئير صحافي ناز سھتي چيو تہ: پھريان ايڊيٽر پروفيشنل ھوندوا ھئا، انھن جي ھر شيءِ تي نظر رھندي ھئي ۽ ھاڻ جيڪو سيڙپ ڪري ٿو ھاڻ اھو ئي ايڊيٽر بنجي ويو آهي. ٻوليء ماھر تاج جويي موضوع: ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو درست استعمال (جملي جي ساخت ، گرامر ،واحد جمع مذڪر مونث) تي، ماھر ادريس جتوئي موضوع: لکڻي عبارت لکڻ جو فن ۽ ان جا اصول بابت سکيا ڏني.چئن ڏينھن جي سکيا ورڪشاپ ۾ کل 13 سيشن ٿيا.ورڪشاپ جي آخر ۾ سکيا وٺندڙن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.