حيدرآباد : 10 آڪٽوبر 2022ع
سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ شاعر امداد حسينيءَ کي خراج پيش ڪرڻ لاء ”امداد حسينيءَ جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون“ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت نامور شاعرہ ۽ امداد حسينيءَ جي جيون ساٿياڻي ڊاڪٽر سحر امداد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ امداد حسينيءَ جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي، جڏھن تہ ادريس جتوئي ’درسي ۽ نصابي ڪتابن جي تياريءَ ۾ امداد حسينيءَ جون مھارتون‘ ، نصير مرزا ’امداد حسينيءَ جا ريڊيو ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون‘ علي دوست عاجز ’امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جون حسناڪيون‘، شبنم گل ’امداد حسينيءَ جي ڪھاڻين جي ٻولي ۽ اسلوب‘، علي آڪاش ’امداد حسينيءَ جي لکيل مھاڳن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت نڪتہ نظر‘ ۽ ياسر قاضي ’امداد حسينيءَ جا لکيل درسي نظم ۽ ٻارن لاء شاعري‘ جي موضوعن تي پنھنجن تحقيقي مقالن جو تت پيش ڪيو. سيمينار جي ڪارروائي ڊاڪٽر فياض لطيف ھلائي. سيمينار جي ٻي نشست دوران نظر شاھ، خليل سمي، جواد احمد، فراز علي ڀلائي ۽ ٻين نوجوان راڳين، امداد حسينيءَ جا گيت ڳائي ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪيو. سيمينار ۾ امداد حسينيءَ جي ڪٽنب سميت وڏي انگ ۾ عالمن، اديبن، شاعرن،صحافين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.