-
ھَنڌُ:
حيدرآباد، سنڌ، 71000
-
سومر کان جمعو، 9 کان شام پنج
ڇنڇر ۽ آچر موڪل
- رابطو ڪريو
گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال: مسئلا ۽ موقعا
گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال: مسئلا ۽ موقعا
حيدرآباد : 21 فيبروري 2026.
ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران " گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال: مسئلا ۽ موقعا " جي موضوع هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ناليواري اديب، ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي ڪئي، جڏهن ته صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ناليواري ليکڪ مدد علي سنڌي چيو تہ" اڄوڪي ڏينهن جي وڏي تاريخي اهميت آهي، بنگالي ٻولي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ شاگردن جي قرباني آهي جيڪا انهن 1952 ۾ ڏني ۽ پوءِ گڏيل قومن 1997 ۾ هن ڏينهن کي ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو تہ جڏهن ادارا نہ هئا تڏهن بہ سنڌي ٻوليءَ سلامت هئي، سنڌ تي هزارين حملا ٿيا ان باوجود سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻولي قائم آهي. اسان وٽ موهن جي دڙي ۽ شاھ لطيف جهڙا ورثا موجود آهن تہ اها خاطري آهي ته سنڌي ٻولي سلامت رهندي. خانگي ادارن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي ان لاء سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. مهمان خاص صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه خطاب ڪندي چيو ته هن وقت دنيا ۾ 7 هزار کان وڌيڪ ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. جن جي پنهنجي اھميت آهي. ٻولي اٿارٽي جو ڪم سنڌي ٻولي کي محفوظ بڻائڻ آھي. دنيا کي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌي پر امن آھن. ھن چيو تہ اڄ سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن، پر هر سطح تي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي حملي جون سازشون ناڪام بڻايون وينديون. ۽ پڪ اٿئون ته سازشي عنصرن کي شڪست نصيب ٿيندي. هن وڌيڪ چيو تہ سنڌي ٻولي ڪانفرنسون اسلام آباد، دبئي سميت ٻين ملڪن ۾ به ڪرائڻ گهرجن. ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪانفرس جا مقصد ٻڌائيندي چيو ته گڏيل قومن جو ادارو به چوي ٿو ته هر ماڻهوءَ کي هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ گهرجن. پر سڀني کان وڌيڪ اهميت پنهنجي ٻولي کي ڏيڻ گهرجي. ٻولي خاص نه بلڪه عام ماڻهو بچائيندا آهن. اسان خوش قسمت آهيون جو 5 هزار سال پراڻي سنڌي ٻولي جا وارث آهيون. عظيم ٻوليون ئي پاڻ ۾ تبديليون آڻينديون آهن. سنڌي به هڪ ارتقا جي مرحلي مان گذري اڄ موجود آهي. ناليواري دانشور
انعام شيخ چيو ته" سنڌي ٻولي کي سڀ کان وڏو خطرو غيرفطري ۽ غير لاڳاپيل لفظ ڳالهائڻ مان آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ٻولي جو بگاڙ وڌي ويو آهي، تعليمي ادارن ۾ سنڌي جو استعمال گهٽجي ويو آهي، يونيورسٽين ۾ سنڌي ۾ پيپر يا ٿيسز لکڻ وارو عمل ختم ڪيو ويو آهي". نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو تہ "دنيا جون سموريون مادري ٻوليون هڪجهڙيون آهن، دنيا ۾ ٻولين جي تفريق ٻولين پاڻ ناهي آندي، طبقاتي نظام، طاقت،عقيدا ۽ جاهلت جي ڪري ٻولي جي صورت بدلجي وڃي ٿي. هن چيو تہ چيو وڃي ٿو ٻوليءَ ابلاغ ۽ رابطي جو ذريعو آهي پر جڏهن انسان اڪيلو هوندو آهي، پاڻ سان ڳالهائي ٿو، ڪجھ لکي يا سوچي ٿو اهو بہ هو پنهنجي ٻولي ۾ ڪري ٿو ان ڪري ٻولي وجود آهي ڇو تہ ڄاڻڻ ۽ سوچڻ جو پورو عمل ٻولي ۾ آهي، انسان جو تھذيبي، تخليقي سفر ۽ علم ٻولين ۾ آهي ان ڪري ٻولين جو بچڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوليون طاقت جي ڪري ئي مرن ۽ بچن ٿيون، دنيا جي هر عالمگير ٻولي طاقت جي ڦھلاء سان ئي وڏيون ٿيون، عرب بادشاهت جي ڦھلڻ سبب عربي ٻولي وڌي ايئن ڪالونيل دور کان پوءِ انگريزي عالمگير ٻولي بڻجي وئي، مطلب ننڍيون وڏيون ٻوليون طاقت وسيلي طئي ڪيون وڃن ٿيون". عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي چيو ته "عبدالماجد انسٽيٽيوٽ واحد ادارو آهي، جنهن عزم ڪيو ته مشينري کي سنڌي ٻولي بابت اهڙو مواد مهيا ڪجي جو اها ايئن ڳالهائي جيئن سنڌ جي سگهڙ ماءُ ٻار سان ڳالهائيندي آهي، ڀٽائي سرڪار تي جيترو ڪم ٿيو آھي اوترو دنيا جي ڪنهن به شاعر تي ڪم ناهي ٿيو، فخر سان چئي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌي ٻولي مصنوعي ذهانت جي ٻولي آهي، سنڌي کي جديد دنيا ۾ کڻي هلڻ واري مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون." شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي استاد ڊاڪٽر ڦلو مينگهواڙ چيو ته "يونيسڪو جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ سنڌي کانسواءِ ٻيون مقامي ٻوليون خطري ۾ آهن، ٻولين جو مرڻ قومن جو مرڻ هوندو آهي، سنڌ ۾ سمورين مقامي ٻولين کي قانوني حق ملڻ گهرجي ان سان ئي اهي ٻوليون بچي سگهنديون ڪنهن به هڪ ٻولي جو موت صدين جي ڏاهپ جو موت آهي. اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاهاڻي آيل مھمانن جي آجيان ڪندي چيو ته " اڄوڪو ڏينهن اسان کان تقاضا ڪري ٿو تہ اسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسون تہ اسان پنهنجي ٻولي جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي ماء ٻولي جي ترقي، تحفظ ۽ واهپي لاء ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر بختاور جليل ابڙي ۽ پروفيسر حسام الدين ميراڻي پڻ پنهنجا مقالا پڙهيا
جڏهن ته عامر ضياء چارڻ انٽرنيٽ تي سنڌ سلامت جي هيستائين ڪارڪردگي بابت ٻڌايو.
ڪانفرنس دوران اداري پاران ڇپيل ٽن ڪتابن ۽ ايس ايل اي فونٽ جي مھورت پڻ ڪئي وئي
- شيئر :
ھاڻوڪيون تحريرون
-
ڊاڪٽر عبدالقادر ( اي. ڪيو انصاري)…27 جولاءِ، 2026ع -
سنڌ جي مشھور شاعر نياز همايوني…11 اپريل، 2026ع -
سچل سرمست جي شاعري ۾ ٻوليءَ…05 مارچ، 2026ع -
گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو…21 فيبروري، 2026ع -
هٿرادو ڏاهپ ۽ سنڌي ٻولي30 جنوري، 2026ع