سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي گڏيل سھڪار سان لسانيات ۽ لغات جي ماهر، سائنسدان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي ۽ زرعي يونيورسٽيءَ جي پهرئين وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر ( اي. ڪيو انصاري) جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
تقريب جي صدارتي سٿ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊاڪٽر مجيب صحرائي (وائيس چانسلر سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي), ڪمشنر حيدرآباد محترم فياض حسين عباسي، ڊاڪٽر الطاف سيال (وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي) ڊاڪٽر شير مھراڻي (چيئرمئن, اٿارٽي) شامل هئا.
ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل ابو پوٽي، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀار، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، پروفيسر رشيده ڀٽي، محترم زيد انصاري، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري۽ ڊاڪٽر انور علي شاهه خيالن جو اظھار ڪيو.
تقريب ۾ نامياري راڳي استاد ذوالفقار علي ڀٽائيءَ جون وايون پيش ڪيون، پروگرام جي ميزباني شوڪت چاچڙ ڪئي.