حيدرآباد: 20 آگسٽ 2025
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سموريءَ سنڌ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن جي سکيا ڪندو. اهڙو اتفاق سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ايم ڊي گھنور خان لغاريءَ وچ ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ٿيو آهي. ٻنهي ادارن جي اعليٰ اختيارين ۽ فني ٽيمن وچ ۾ اهڙي گڏجاڻي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هلندڙ سنڌي ٻولي سکيا مرڪزن جي ماڊل کي وڌيڪ مک شھرن تائين ڦھلائڻ تي به اتفاق ٿيو، جنھن لاءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن مالي سھڪار پڻ ڪندي. ان ڏس ۾ اڄ سنڌ ايجوڪيشن فائونديشن جو وفد اداري مئنيجنگ ڊائريڪٽر گهنور خان لغاريءَ جي سربراهيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پھتو. ان موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي اداري پاران هلندڙ سينٽرن جي تصور، معيار، مينيوئل ۽ پڙهائڻ جي طريقن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته معياري سنڌي ٻولي پڙهائيندڙ استاد ئي سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل تائين پھچائڻ ۾ مددگار ٿيندا. ان ڪري اسان علمي ۽ تحقيقي ڪمن سان گڏ تعليمي، تدريسي ۽ ٻوليءَ جي سکيا وارن پاسن تي پڻ خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر گهنور خان لغاريءَ چيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو سنڌي ٻوليءَ جو محافظ ادارو آهي، جنھن وٽ ٻوليءَ کي سرڪار پاران سکيا ۽ تدريس جو ڪم پڻ سونپيل آهي. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ پڙهندڙن ٻارن جي سنڌي توڙي اردو پڻ معياري هجي.
هن گڏجاڻيءَ ۾ ٻنهي ادارن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل عملي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خاص طور استادن جي تربيت جي حوالي سان تربيت جي طريقئه ڪار طئي ڪرڻ ۽ مختلف هنڌن تي سکيا مرڪز کولڻ لاءِ جلد هڪ معاهدي ڪرڻ تي اتفاق ٿيو.
گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاهاڻي، ايجوڪيشن فائونڊيشن جي عملدارن نثار ٻانڀڻ، مسرت ذوالفقار، سجاد گهلو، اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر ائڊمن امين لغاري،تعليمي ماهر ادريس جتوئي، سنڌي سکيا پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر شوڪت چاچڙ ۽ تربيتڪارن ستار سروهي ۽ الاهي بخش اڄڻ شرڪت ڪئي.