اداري پاران اڄ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نوابشاھ ۾ 'تحقيق جو فن ۽ ٻوليءَ تي تحقيق جا بنيادي اصول" جي عنوان هيٺ هڪ ڏينھن جو تربيتي ورڪشاپ، يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس شعبي جي' ويڊيو ڪانفرنس هال' ۾ منعقد ڪيو ويو.
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مدد علي شاھ ۽ اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجو ورڪشاپ ۾ شريڪ رهيا. اداري جي سھڪار ۽ ٻوليءَ سان نوجوانن جي محبت جي جذبي کي ساراهيندي ڊاڪٽر مدد علي شاھ يونيورسٽيءَ اندر علمي ۽ ثقافتي سرگرمين لاءِ وڌيڪ ڪوششون وٺڻ ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ به ڪوششون جاري رهنديون، سنڌي شعبي م پڙهندڙ نوجوان هرگز مايوس نه ٿين، ادبي سرگرمين ۽ ڪتابن جي مطالعي سان اهي سٺي منزل ماڻي سگهن ٿا.
ڊاڪٽر اسحاق سميجي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد علمن تي تحقيق ڏانھن لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ هن قسم جون سرگرميون ضروري آهن، هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي روايتي ادبي تحقيق کي ڇڏي ٻوليءَ جي علمن ۽ لسانيات جي شاخن جي چونڊ ڪرڻي پوندي، جنھن سان دنيا ۾ کين روزگار جا سٺا موقعا ملي سگهن ٿا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي اعلان ڪيو ته اٿارٽيءَ جي 'سنڌي ٻولي انٽرنشپ پروگرام' کي جاري رکندي، هن يونيورسٽيءَ سميت ٻين يونيورسٽين جي شاگردن جي مالي سھائتا سان گڏ انهن کان سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رخن تي تحقيقي ڪم ڪرايا ويندا.
ورڪشاپ جي پھرئين سيشن ۾ "تحقيق جا طريقا ۽ لسانياتي تحقيق جا اصول* جي موضوعن تي ڊاڪٽر احسان دانش تفصيلي روشني وڌي.
ٻين ويھڪ/سيشن ۾ معياري تحقيق، حوالاجاتي مواد ۽ تت/abstract لکڻ جو فن" تي ڊاڪٽر رفيق وساڻ تفصيل سان سمجهاڻيون ڏيئي سرگرميون پڻ ڪرايون.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ڦلو ميگهواڙ ۽ شوڪت چاچڙ پڻ خيالن جو اظھار ڪيو.
آخر ۾ سکيا وٺندڙن کي سرٽيفڪيٽ به ڏنا ويا.