حيدرآباد : 14 جنوري 2026.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي نئين چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي پنهنجي چارج سنڀالڻ بعد اداري جي شعبن جي سربراهن سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ سمورن شعبن پنهنجي پنهنجي ڪمن ۽ ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. گڏجاڻي ۾ چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي شعبن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو تہ "اسان لاءِ اهو اعزاز آهي تہ اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ، ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو تہ اسان اداري جي مقصدن جي حاصلات لاءِ گڏجي ٽيم ورڪ طور ڪم ڪنداسين. گڏجاڻي ۾ اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاهاڻي ۽ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.