سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اشاعتي ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي، چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي صدارت ۾ ٿي گذري. هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پھلوئن تي اشاعت لاءِ آيل مسودا ڪميٽيءَ آڏو رکيا ويا، جن مان مختلف تحقيقي ڪتابن ۽ موضوعاتي لغتن تي ماهراڻي راءِ کانپوءِ اشاعت جي منظوري ڏني وئي.
گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر تھمينه مفتي، محترم عزيز ڪنگراڻي، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، محترم علي دوست عاجز، سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاهاڻي ۽ ڪوآرڊينيٽر شوڪت چاچڙ شرڪت ڪئي.