سرگرميون

سرگرميون

22 فيبروري 2018

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 21 فيبروري تي ”جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ مادري ٻولين جي اهميت“ بابت سيمينار اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ منقعد ٿيو. جنهن جي صدارت عطا محمد ڀنڀري ڪئي. سنڌ جي ناليواري محقق، نقاد ۽ مترجم عطا محمد ڀنڀري چيو ته انسان جو ٽي مائرون ٿينديون آهن؛ هڪ اها جنهن جي ڪُک مان انسان جن وٺي ٿو، ٻي ڌرتي ماتا ۽ ٽئين ٻولي ماءُ ٿيندي آهي، جن سان انسان بيحد پيار ڪندو آهي. سنڌ ڌرتي  اسان جي ماءُ آهي جنهن اسان کي تهذيب ڏني جنهن انسان کي مهذب رهڻ سيکاريو ۽ سنڌو ماٿري دنيا کي پهرين لکت ڏني. جڏهن ته اها سنڌو ماٿري ئي آهي جتان اوائلي جمهوري قدر ملن ٿا. هي اهو خطو آهي جتي جا رهواسي ايڏا ته باشعور هئا جو 7000 ق.م ۾ به سندن اناج جا گُدام مليا، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ان دور جي ماڻهن کي خوراڪ جي اهميت ۽ افاديت جي چڱي ريت ڄاڻ هئي. هن دعوى ڪئي ته سنڌي ٻولي اها ٻولي آهي جنهن مان ٻين ٻولين جنم ورتو. اهڙو اظهار هن مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ’جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دؤر ۾ مادري ٻولين جي اهميت‘ جي عنوان هيٺ سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ اڃا ڪهڙا اهڃاڻ پيش ڪيسا وڃن، ته سنڌي ٻولي نوءَ هزار سال پراڻي ٻولي آهي جنهن جا آٽوگرافي اهڃاڻ مليا آهن جيڪي سڀ کان اوائلي آهن ۽ رڳ ويد ماٿيلي ۾ سنڌو ڪناري لکيو ويو جتي اهو رڳ ويد مندر موجود اآهي. هن چيو  ته اسان جتي به وياسين اُتي پنهنجي ٻولي ۽ اسڪرپٽ سان گڏ وياسين ۽ اسان اتي علم ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو يورپ آمريڪا ۾ به سنڌي ٻولي جا آثار ملن ٿا. هن حڪومت کي چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو فوري طور تي ڏنو وڃي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته سنڌي ٻولي صدين کان هلندڙ ٻولي ۽ پاڪستان جي واحد ٻولي آهي جيڪا هزارين سال پنهنجي تاريخ رکي ٿي. جديد دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي پهتي آهي ۽ ان لاءِ ڇا ٿي رهيو آهي اهو نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري اسان روايتي پروگرام کان هٺي ڪري اڄوڪو ڏينهن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت بابت سيمينار ڪرائي رهيا آهن ته جيئن اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻولي جي اهميت ۽ حيثيت کان واقف ٿي سگهي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ وڌندڙ منفي رجحانن جي خاتمي لاءِ مثبت سوچ ۽ ڪم جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ اٿارٽي پاران ٻولي جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترائي مڪمل ٿي چڪا آهن. هن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي سموري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.

ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ انڊس اسڪرپٽ تي تحقيق ڪندڙ محقق سمعود لوهار چيو ته چائنا جي تهذيب کان پوءِ سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ سڀ کان وڌيڪ گهيرائي آهي، موهن جي دڙي جو ذڪر مهاڀارت ۾ پڻ آهي. هن چيو ته انشاءَ الله ماهرن جي مدد سان ايندڙ پنجن کان ڇهن سالن ۾ سنڌي اوائلي لکت جي ڀاڃ ڪري پڙهائي جي قابل ڪئي ويندي. هن تجويز پيش ڪندي گُهر ڪئي ته موهن جي دڙي جي اڃا وڌيڪ کوٽائي ڪئي وڃي جنهن مان اڃا وڌيڪ اهڃاڻ ملي سگهن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڊائريڪٽر انيس ڪاڪا اٿارٽي پاران ٽيڪنالاجي جي جديد دور جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي شروع ڪيل ڪمپيوٽنگ پراجيڪٽس بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ناليواري ليکڪ حليم بروهي جي چوڻي موجب ته سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ نئون اسڪرپٽ ٻيلهه ڏيو پوءِ اهو رومن هجي يا ديوناگري. اڄ 21 فيبروري تي سنڌ جي انفرميٽڪس شعبي پاران ٽي اهم پراجيڪٽس شروع ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ پهريون: ٽرانسلٽريشن ايپليڪيشن متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن وسيلي سنڌي ٻولي کي رومن ۽ ديوناگري سميت ٻين ٻولين ۾ آساني سان پڙهي سگهبو، ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي جي ڪارپس ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ لڳ ڀڳ 2 لک لفظن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو عمل پڻ جاري آهي. ٻيو پراجيڪٽ سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل کي آن لائن ڪيو پيو وڃي جنهن وسيلي نوان ۽ پراڻا تحقيقي جرنل آساني سان آن لائن پڙهي سگهبا. جڏهن ته ٽيون پراجيڪٽ سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي سمورن جلدن کي پڻ آن لائن ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد هاڻي انٽرنيٽ وسيلي ڄاڻايل ڪتاب آساني سان دستياب هوندا.

سافٽ ويئر ماهر شبر ڪنڀار چيو ته سنڌو لکت جي قدآور تحرير ڊولاويرا ڀارت مان ملي آهي، وڌيڪ تحقيق لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪئي وڃي ته جيئن اڃا دفن ٿيل شيون هٿ ڪري سگهجن، ان مان اسان کي ڪافي خزانو مليو.

سيمينار کي سافٽ ويئر ماهر حبيب الله جاکري پڻ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ سافٽ ويئر جي حوالي سان پنهنجي بريفنگ ڏني.

سيمينار جي آخر ۾ نوجوان راڳي وقار ملاح سُر وکيريا.

وڌيڪ پڙهو...
03 جنوري 2018

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌ جي مختلف ضلعن جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي ”معياري سنڌي پڙهائڻ“ جي تربيت جي سلسلي ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) جي زير اهتمام هلندڙ ’روشن تارا‘ اسڪولن جي استادن جي لاءِ چئن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو ، جنهن ۾ روشن تارا اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ 82 استادن کي تربيت ڪرائي ويئي. تربيت کي خطاب ڪندي اٿارٽيءَ جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مقصد ٻڌائيندي چيو ته: اٿارٽيءَ جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته سنڌي ٻولي معياري ڳالهائي، پڙهائي ۽ سيکاري وڃي. ان ۾ بنيادي ڪردار استاد جو هوندو آهي، ان مقصد کي مدنظر رکندي سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي تربيت جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان وٽ اهو تاثر پيدا ٿي ويو آهي ته انگريزي پڙهڻ ۾ ئي ترقي آهي ۽ ان ڪري سنڌي ٻوليءَ سان رويو نامناسب ٿيندو وڃي، پر سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ انسان خواب ڏسي ٿو، ان ٻوليءَ جي بنيادي تعليم ئي انسان کي سمجهه لائق بنائي ٿي، هن چيو ته اڄ ڪمرشلائيزيشن جي دور ۾ اسان جو معاشرو فطرت کان پري ٿي رهيو آهي، ان ڪري ٻار کي فطري ماحول ميسر ناهي، ٻار پنهنجي تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافتي شين کان اڻڄاڻ آهي، اهو عمل انتهائي منفي آهي، ان سان ٻولي تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. انهن حالتن ۾ استاد جي بنيادي ذميواري آهي ته ايندڙ سماج کي اڏيندڙ ٻار کي پنهنجي فطري ماحول ۽ ماءُ ٻوليءَ کان ڪيترو روشناس ڪرائي ٿو، اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ قوم جي مستقبل کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته، مون کي فخر آهي ته آئون بنيادي طور هڪ اُستاد آهيان، اُستاد پنهنجي پيشي سان سچا آهن ۽ استاد جيترو سُٺو پڙهائيندو، اوترو سُٺا شاگرد پيدا ٿيندا ۽ استادن کي گهرجي ته پرائمري ۾ ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ جا آواز سُٺي نموني پڙهائن ته جيئن اڳتي هلي شاگرد ڏکيائين کان بچي سگهن ۽ کين ڪاليج توڙي يونيورسٽيءَ ۾ به انهن جي ڪم اچن. 

تربيت ڏيندڙ ناليواري  محترم اديب تاج جويي چيو ته انگريزن جي دور ۾ ئي سنڌي ٻولي اڳتي هلي، اسان جي اسڪولن ۾ سنڌي سٺي نٿي پڙهائي وڃي، هي ٻولي کي هڪ وڏو خطرو آهي، اسان جا اسڪول، اخبارون، ادارا، ريڊيو، ٽي.وي وغيره مرڪزي ذريعا آهن جن جي ذريعي ٻولي کي بچائي سگهجي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ٻولي ۾ بيهڪ جون نشانيون نه هجن ته لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ان جي معني الڳ ڪڍي سگهن ٿا، ان لاءِ گرامر انتهائي ضروري آهي.

تربيت ڏيندڙ  پروفيسر ادريس جتوئي چيو ته : سنڌي ٻولي دُنيا جي اوئلي ۽ قديم ٻولي آهي، ان کي پنهنجو اڻکٽ علمي خزانو آهي، جنهن کي درست نموني پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کي پڙهائڻ لاءِ پيشيور استادن جي به گُھرج آهي، ٻار جي بهتر سِکيا پنهنجي مادري زبان ۾ ئي ٿئي ٿي. 

ماهر لسانيات ۽ تربيت ڏيندڙ ٽرينر محترم سڪندر علي ساگر چيو ته: اهڙين تربيتن جو مقصد آهي ته استادن کي معياري ٻولي ڪيئن پڙهائجي، ان بابت آگاهي ڏيڻ آهي، استاد ئي سماج جي بهتريءَ جو خالق هوندو آهي، تنهن ڪري استاد جي ڪُلهن تي تمام وڏو وزن آهي. 

سگا جي سيڪريٽري  جنرل محترم منظور حسين اڄڻ چيو ته: ٻوليءَ کي جيڪي خطرا درپيش آهن، انهن کان تحفظ لاءِ استاد جو ڪردار انتهائي اهم آهي، استاد قوم جي ايندڙ نسل کي پڙهائي شعور ڏئي ٿو، تنهن ڪري ان تي ذميواري آهي ته هُو پنهنجي ماءُ ٻوليءَ کي معياري طور پڙهائي ۽ ٻوليءَ جي اهميت بابت آگاهي ڏي. ڏيڻ آهي ،

چيئرمئن سگا محترم رفيق احمد جعفري ان موقعي تي چيو ته ٻولي علم حاصل ڪرڻ جو رستو آهي اسان کي پنهنجي مادري ٻولي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. تربيتي ورڪشاپ جي آخر ۾ حصو وٺندڙ استادن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تربيتي ورڪشاپ ۾ محترم  پيرل خان کوسي (وائس چيئرمين سگا) ، محترمه اشرف لاريب ۽ اداري جي سيڪريٽري محترم هارون عنايت پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙهو...
21 ڊسمبر 2017

 

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ محمد ابراهيم جويو يادگار ڪميٽي پاران18 ڊسمبر 2012 تي سائين ابراهيم جويي جي چاليهي جي موقعي تي علمي، ادبي ۽ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪرائي ويئي.

            ريفرنس جي صدارت ڪندي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ناليواري ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي چيو ته جويي صاحب جي جهڙي به تحرير کڻو ۽ جيڪا به سِٽَ ڏسو ان جي محور سنڌ نظر ايندي، ان سنڌ سان جِنون جي حد تائين محبت ڪئي. پنهنجي هٿن سان پمفليٽ لکي ورهايا. سنڌ جويي صاحب جي لاءِ هڪ يونيورسل شيءِ هئي جنهن جي خوشحاليءَ لاءِ هُن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته جنهن جويي صاحب کي نئين سنڌ جو معمار ته سڏيون ٿا پر اڄ هِن سنڌ جي ڪهڙي حالت آهي، جتي روايتون دفن ٿي ويون، تعليم تباهه ٿي وئي، عزتِ نفس محفوظ نه آهي، اسان ڪهڙي دنيا ۾ آهيون ان جي ڪا به خبر ناهي. جويي صاحب جي هر ڳالهه لبرل ۽ روشن خيال نظر ايندي. پهرين عالمي جنگ دوران جنم وٺندڙ ٻارڙي دنيا جي اُٿل پُٿل کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ کي درياهه ۾ لُڙهندي ڏٺو، هُن ٻي عالمي جنگ ۾ انسانيت جي بربادي ڏٺي. ان جي ازالي لاءِ هُن پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪيو، ايترو ڪم ته ادارا به ناهن ڪري سگهندا ۽ اهڙي شخص کي سمجهڻ لاءِ زندگيون گهرجن. هن چيو ته ٻين ٻولين جي شاهڪار ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ جِن شخصيتن ترجمو ڪري آندو اُهو انهن جو ذاتي شوق هو پر ڇا اسان جو ادب اِن قابل ناهي جو اُهو دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿئي اهو سرڪار جو ڪم آهي، اُن حوالي سان مون 3 سال پهرين بيورو آف ٽرانسليشن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل پاس ڪرايو پر اهو بيورو الائي ڪڏهن ٺهندو؟

            سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته جويو صاحب جي تاريخ تي ڳالهايون ٿا ته ائين لڳندو آهي ڄڻ پوري هڪ صديءَ جي تاريخ تي ڳالهائي رهيا آهيون ۽ اها صدي 20هين صدي آهي، جنهن ۾ وڏا انقلاب آيا ۽ وڏيون جنگيون لڳيون، محمد ابراهيم جويو ان پوري اُٿل پُٿل جو اکين ڏٺو گواهه هو ۽ جويي صاحب جو وڏو ڪم اهو هو ته هِن سنڌ ۾ سيڪيولر، فلسفي ۽ فِڪر کي  متعارف ڪرايو، جويو صاحب مساوات ۽ برابريءَ تي يقين رکندڙ انسان هو، هو اهڙي شخصيت هو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي نظريي تي قائم رهيو، هُن سنڌ کي علم ۽ سيڪيولر سوچ ڏني ۽ ان نظريي جي ضرورت ڪنهن هڪ ٻِن صدين جي لاءِ نه پر ان جي ضرورت تاحيات رهندي آهي.

            پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته جويي صاحب جي پوري زندگي ڀرپور محرومين ۾ گذري، پوءِ به هُن خوشحال سنڌ جو خواب ڏٺو ۽ ان خواب جي تعبير جي لاءِ ماڻهن کي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ورهاڱي وقت سنڌ جي سياستدانن کي سمجهائڻ چاهيو پئي ته سنڌ هڪ آزاد ۽ الڳ وطن آهي، انگريزن سان ان بنياد تي ڳالهائجي، هن چيو ته جويي صاحب پهريون ڏاهو هو جنهن پوري هڪ صدي گذاري ۽ ان صديءَ جو گواهه رهيو، سندس زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿي سگهي ٿي ۽ جويي صاحب جيڪو خواب ڏٺو اسان سڀني جي ذميواري آهي ته جويي صاحب جي ان خواب کي پوري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

            ناليواري ليکڪه مهتاب محبوب چيو ته جويو صاحب سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ گهاٽي بَڙَ جي ڇانوَ جيان هو جنهن هميشه اُتساهه ڏنو ۽ سنڌ سان سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ سيکاريو ڇو ته سندس محبتن جي محور سنڌ هئي.

            ناليواري شاعر اياز گُل چيو ته جويو صاحب جهڙي شخصيت زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جوان رهيو ۽ سڄي عمر سنڌ سنوارڻ ۾ گذاري، هن چيو ته جويو صاحب اتساهه ڏيندڙ استاد هو ۽ هن هميشه نوجوانن کي اُتساهيو، جويي صاحب سان جڏهن به ملبو هو ته ڪٿي به محسوس نه ٿيندو هو ته اسان کانئس عمر يا ڪم ۾ ننڍا آهيون.

            اڳوڻي براڊڪاسٽر نصير مرزا چيو ته جويو صاحب هڪ مڪمل روشن خيال انسان هو جنهن پوري زندگي فڪر ۽ فلسفي جي تعليم ڏني، جويي صاحب جيڪو علمي پورهيو ڪيو ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

            جويي صاحب جي ڏوهٽي محسن جويي چيو ته جويو صاحب پوري زندگي تمام گهڻو ڪم ڪيو ان ڪم جو بنياد نيشنلزم آهي، سندس ان ڪم کي دنيا اڳيان آڻڻ لاءِ ٽرانسليشن بيورو جي ضرورت آهي، هن چيو ته جويو صاحب هڪ هاريءَ جو پٽ هو ۽ هر شيءِ کي گُلزار ڪرڻ لاءِ آتو هو، هو روحن کي ريج ڪرڻ ڄاڻيندو هو، جويو صاحب جي محبت جي محور هميشه سنڌ رهي ۽ هُن سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو.

            زرعي يونيورسٽيءَ جي استاد پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته جويو صاحب هڪ سيڪيولر ۽ روشن خيال مزاج جو انسان هو، جنهن سموري زندگي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو.

            تعزيتي ريفرنس کي ڊاڪٽر دودي مهيري، امداد چانڊيي ۽ ٻين خطاب ڪيو  ۽ ان موقعي تي ڏيئا روشن ڪيا ويا.

 

 

 

وڌيڪ پڙهو...
30 نومبر 2017

ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ’ٻاراڻو ادب ماضي ۽ حال‘ جي عنوان هيٺ سيمينار منعقد ڪرايو ويو.

سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري شاعر اياز گل چيو ته ٻار انسان جي زندگي ۽ دنيا جي بقا ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، ماضي ۾ گلڙن جهڙا ٻارڙا تنظيم ۽ سنڌي ادبي سنگت ادبي تربيت ڪئي ۽ ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان پنهنجي ذميواري سمجهي ٻارڙن جي ادب لاءِ لکيو. 20 سال ٻاراڻي ۾ ڪجهه نه لکيو ويو پر 79ع کان پوءِ ٻارڙن جي ادب ۾ تيزي اچي ويئي پوءِ سياسي جماعتن جي ٻارڙن جي ذيلي ونگز به رسالا ڪڍڻ شروع ڪيا. هن چيو ته هن وقت ايڏي وڏي ترقي تي منزلون طعي ڪري آيا آهيون ته اهي ڪم پيا نه ٿين، ٻارڙن جي ادب تي ڪم نه پيو ٿئي، هن وقت ذميواري ڪونهي. کوڙ سٺا ڪتاب به اچن پيا پر اڪثريت ليکڪن انعامن طرف ڊوڙ آهي. ٻار جي اهميت اسان جي زندگي ۾ ڇا آهي، اهو سوچڻو پوندو، ٻارن جا ميلا ٿيڻ کپن، ادارا ٺهڻ گهرجن اها اسان سڀني جي انفرادي ۽ ادارن جي ذميواري آهي. سنڌي سماج ۾ ٻه ٻارڙا راحت ۽ انتخاب رول ماڊل آهن، اهو تربيت جو اثر آهي، ٻار جي تربيت سان سندن مستقبل ۽ سماج جي بهتري لاڳاپيل آهي. ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ٻار لاءِ مثبت اثر به ڇڏي سگهن ٿا. هن چيو ته ادارا ٻارن جا ڪتاب ڇپرائين، ليکڪن کي مڃتا ڏين، ٻاراڻي ادب کي هٿي ڏين. سرڪار ۽ ادارا ذميواري قبول ڪن، والدين، استادن ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀبائڻ گهرجي. ٻارڙن لاءِ لکڻ سان اسان کي نه فقط مڃتا ملندي پر امرتا ملندي. سنڌي ٻارن جو 20 نومبر نه پر سال ۾ اهڙا ڏينهن کوڙ هجڻ گهرجن.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سيمينار ۾ آيل مهمانن جي آجيان ۽ مقصد ٻڌائيندي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ايندڙ نسل جيڪو سنڌ جو وارث آهي، قوم جي مستقبل، ادب ۽ ٻولي جو وارث آهي، انهن کي ٻولي ۽ ثقافت ڪيئن منتقل ڪريون، ٻار ٻولي ڪيئن لکن ۽ ڳالهائن اهو ٻڌائڻو آهي. اسڪولي زماني ۾ چيل بيت ياد رهندا هئا، ان سان يادگيري وڌندي آهي، ٻار نئين دنيا کي تصور ۾ آڻڻ شروع ڪري ٿو. ٻار ادب ۽ ٻولي ڏانهن پيار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ سائنسي دور آهي، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل هٿن ۾ آهن، ان ۾ نه ٻولي ملندي، نه ڪلچر، نه شاهه لطيف جا بيت ملندا. اسان جا ثقافتي رنگ ڇا آهن، ٻار ان کان اڻڄاڻ هوندا، ٻولي، ادب ۽ ثقافت کان اسان جو ايندڙ نسل محروم ٿيو ته اها جنگ اسان هارائي ويهنداسين. هن چيو ته اڳ ۾ ٻارن کي لوڪ ادب جون ڪهاڻيون پڙهايون وينديون هيون، ٻارن ۾ نئون شوق پيدا ٿيندو هو. 72-75ع ۾ ٻارڙن جي رسالن ڪمال جو ڪم ڪيو،. لکڻ پڙهڻ ڏانهن ان رسالن رجحان وڌايو، اڄ به ٻارڙن جي شاعري بهترين ٿي رهي آهي، ٻارن جو ادب ۽ ڪتاب بهترين ڇپجن ٿا، پر اهو ٻارن کي ٻڌائڻ ۽ پڙهائڻ گهرجن.

نامياري شاعره مريم مجيدي چيو ته لکت ۾ ادب پوءِ آيو پر ان کان اڳ نانين ۽ ڏاڏين ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون ٺاهيون جيڪي ٻڌائينديون هيون. انسان جيڪو ڪوشش ڪري ٿو ان کي ان مطابق مڃتا ملندي آهي، فطري طور ٻار ماحول سان سکندو آهي، ان جي نشونما بهتر ٿيندي ته اهو اڳتي هلي بهتر سماج کي تخليق ڪندو. ليکڪ جيسين ٻار جي ذهني سطح کي محسوس نٿو ڪري تيسين ٻاراڻي ادب جو تخليق معياري نه هوندو. اسان جو مستقبل سنوارڻ لاءِ بنيادي ڪم ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، ڪتاب ۽ رسالا ڪڍجن اهي اسڪولن تائين پهچائجن، لکندڙن کي همٿائيندي انهن کي مڃتا ڏجي.

نامياري اديب تاج جويو چيو ته سماج جي ارتقا ٻارن جي ارتقا کانسواءِ اڌوري آهي، جيسين ذهني نشونما صحيح ناهي تيسين اهو سماج بهتر نه ٿي سگهندو. مرزا قليچ بيگ 457 ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيا، ٻاراڻي نصاب ۾ بهترين گيت لکيا. ڪشن چند بيوس به نصاب لاءِ بهترين گيت لکيا، محمد صديق مسافر سميت ڪيترن ئي شاعرن بهترين نظم لکيا. ڪشن چند پاڻ استاد هو ۽ ٻارن سان رانديون ڪندي گيت لکيا اهي اڄ به ذهن تي چٽيل آهن. هن چيو ته اڳ ٻارن جي اسڪولن ۾ ڪشادا ميدان هئا اڄ ننڍڙين ڪوٺين ۾ ٻار پڙهن ٿا، ٻارن کي تازي هوائن ۾ پڙهائڻ سان سٺي اوثر ٿيندي آهي، ٻارن جي نشونما لاءِ کليا ميدان هجڻ گهرجن. هن چيو ته ٻولي ۽ ادب جي ترقي ٻاراڻي ادب کانسواءِ ناممڪن آهي، ٻارن جو پرچو اچڻ گهرجي، ماضي ۾ مختلف شهرن مان انفرادي ڪوششون ٿيون، ضرورت انهن کي همٿائڻ جي ضرورت آهي، تعليم کاتي کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جيئن پنجاب ۾ تعليم کاتو رسالا ۽ ڪتاب اسڪولن لاءِ منظور ڪندي آهي، هتي به ائين ٿيڻ گهرجي ۽ هن قسم جا سيمينار ڪرڻ گهرجن.

نامياري ليکڪا ذيب نظاماڻي چيو ته انسان جنهن ڪردار کي وڌائي پيش ڪري ٿو ان جو تعلق سوچ سان آهي، فڪري لحاظ کان ماءُ جي لولي سان آهي، اها ٻار جي سماعتن ۾ بنيادي تخليق هوندي آهي، جيڪا هميشه لاءِ اتساهه ڏئي ٿي، ماءُ جي لولي ڀلي ڳوٺ جي ماءُ ٻڌائي يا شهر جي ماءُ پر ان ۾ به وڏو اتساهه آهي. هن چيو ته ڪشن چند بيوس تمام سهڻا گيت ۽ نظم ڏنا، هڪ هڪ سٽ ۽ هڪ هڪ لفظ ٻارن جي فڪري تربيت ٻڌائي ٿو. ٻار پنهنجو سمجهندڙ کي ئي پنهنجو سمجهي ٿو. ٻار جون فطرت کي شاعر سمجهن ٿا ان جي گهرجن کي سمجهن ٿا، انهن جي شاعري ئي ٻارن جي شخصيت تي اثر انداز ٿئي ٿي.

ياسر قاضي چيو ته ٻاراڻي شاعري ۽ ٻارڙن لاءِ شاعري ان لفظن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ٻاراڻي شاعري ۽ ٻاراڻي ادب کي سمجهي ئي ان کي اهميت نٿا ڏيون، ان ڪري ٽرم تبديل ڪرڻ گهرجن، ٻارڙن لاءِ ادب ۽ ٻارڙن بابت ادب ۾ فرق آهي، ان لفظن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ٻارڙن لاءِ سنڌي ۾ ڪارٽون هجڻ گهرجن، ٽاڪ شوز ٿيڻ گهرجن ۽ ڪهاڻين، ويڊيو گيمز ۾ ۽ پنهنجي شخصيتن، شهرن ۽ ماڳ مڪانن جا ڪردار هجڻ کپن جيئن اهي انهن شيئن کان واقف ٿي سگهن.

وفا مولا بخش قمبراڻي چيو ته ٻاراڻي ادب جو گذريل پوڻا 2 سئو سالا شاندار رهيا، هاڻي ان کي بچائڻ لاءِ ادبي ۽ سرڪاري ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ گهرجي ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪن کي مڃتا ڏيڻ گهرجي جيئن اهي بهتر ادب تخليق ڪري سگهن.

سيمينار دوران ٻن معصوم ٻارن راحت ۽ انتخاب بڙدي شاهه سائين جا بيت ٻڌايا.

وڌيڪ پڙهو...
17 آڪٽوبر 2017

12 آڪٽوبر 2017ع تي شام 5 وڳي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي ڇپيل بهترين ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب ٿي، تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئي. ڊاڪٽر فتح محمد برفت خطاب ڪندي چيو ته انعام ڏيڻ هڪ همت افزاء عمل آهي جيڪو تخليقار کي سندس تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڏجي ٿو، هن چيو ته آءٌ خوشنصيب آهيان جو هڪ سنڌي امڙ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو لاءِ لئنگئيج اٿارٽي ۽ ادبي بورڊ جو نالا وڏي اهميت رکن ٿا ۽ انهن ادارن جو نالو ٻڌي خوشي ٿيندي آهي. هن چيو ته ضلع سينٽرل جو واحد سنڌي اسڪول 1922ع ۾ اسانجي ڳوٺ ۾ کليو، اهو اڃان هلي پيو ان ڳوٺ ۾ بدقسمتي سان 50 سيڪڙو ماڻهو اٺ درجا پڙهيل آهن، 1971ع ۾ سنڌي ڳالهائيندي خوف ٿيندو هو، هن چيو ته ادارن جي تباهي جا ذميوار اسين پاڻ آهيون، ادارن کي ملازمت جا ذريعا بنائي ڇڏيا آهن، هن چيو ته ادب ٻارن ۽ پنهنجن ماڻهن سان پيار ۽ ويجهڙائپ سيکاري ٿو، تخليق انسانيت ۽ محبت جو درس هوندو آهي، سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽي سان پيار ڪريو، ادب جو اثر سماج تي سنئون سڌو پوي ٿو. ادب هجي يا يونيورسٽي هجي جيسين اسان سان عورت گڏ نه هوندي ان سماج ۾ چئلنج رهن ٿا. نياڻين لاءِ ماحول ٺاهڻ گهرجي، هن چيو ته يونيورسٽي غريبن جي علم جي اميد آهي ان جي بهتري لاءِ منهنجو ساٿ ڏيو اها اسان جي آخري اميد آهي ان کي بچائڻ گهرجي. يونيورسٽي مان چار سؤ شاگرد وڌيڪ تعليم لاءِ چين ويل آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته انعام ملڻ همت افزائي جي ڳالهه آهي جيڪو تخليقار جو حق آهي پر جڏهن اوارڊ ڏيڻ جو وقت ايندو آهي ته اجائي بغير سمجهه جي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اوارڊ پنهنجن شاگردن يا مائٽن کي ٿا ڏيون مونکي ان ڳالهه جي خوشي آهي جو منهنجو ڪو شاگرد اوارڊ جي لائق آهي. هن چيو ته اٿارٽي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو رڪارڊ آهي. اسان جو ادارو قانون ساز ناهي نه پوليس موڪلي سگهون ٿا، اسان لکپڙهه ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان پنهنجي وس ۽ وسيلين آهر ڪم ڪريون پيا، هتي مختلف حوالن سان بليڪ ميلنگ ڪرڻ جا حربا هلايا ويندا آهن پر ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين. اسان اداري جي ڪارڪردگي رپورٽ هر ٽن مهينن تي شايع ڪريون ٿا ۽ هن مهيني جي آخر ۾ سال جي رپورٽ اوهانجي هٿن ۾ هوندي. هن چيو ته اٿارٽي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ميدان ۾ سنڌي ٻولي کي پنهنجو مقام ڏياريو آهي. اوارڊ تي تنقيد ٿيندي آهي. ڪتابن جي اوارڊ لاءِ جج هئا، ڇا اهي ناليوارا ماڻهو ڪنهن جي پرچي تي اوارڊ ڏيندا؟ منهنجا ست ڪتاب ڇپيل آهن انهن مان ڪنهن کي به اوارڊ ناهي مليو، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ٻين وڏن نالن کي نوبل اوارڊ نه مليا ته ڇا اهي وڏا اديب ناهن، اوارڊ نه ملڻ جو مقصد ناهي اهو ڪم معياري نه آهي. هن چيو ته سٺي ۽ مثبت ڪم کي ساراهڻ گهرجي جنهن سان همت افزائي ٿيندي آهي، اسان هن ڀيري اوارڊ جي رقم 25 هزار مان وڌائي 40 هزار روپيا ڪئي آهي.

ناليواري ليکڪ غلام حسي رنگريز خطاب ڪندي چيو ته ڪتاب لکجن، پڙهجن ۽ وڪامجڻ اهو وڏو امتحان آهي، ڪتاب لکڻ کانپوءِ ڇپجڻ ۽ ڇپجڻ کانپوءِ وڪامجڻ جا مرحلا وڏا مسئلا آهن، سڌريل سماجن ۾ هڪ ڪتاب لکندڙ کي مالا مال بنائي ٿو ڇڏي. اسان وٽ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ پبلشرن جا پير جهلڻا پون ٿا، دنيا ۾ پبلشر ليکڪن جا محتاج هوندا آهن، هن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جو ماضي ڏسون ٿا ته فخر ٿيندو هو ۽ اڄ ان جي حالت ڏسي ڏک ٿو ٿئي، ادارا ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ قائم ناهن ٿيا، پر انهن جو هڪ مقصد آهي جيڪو حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي محنت ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ ٽنگون ڇڪڻ جي روايت آهي اهو غلط عمل آهي، اوارڊ ڏيڻ سٺي روايت آهي ڇو ته سنڌ جي اديب ۽ ليکڪ کي ٻيو ملي به ڇا ٿو؟ جن ليکڪن ٻولي ۽ ادب کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو انهن کي مڃتا ملڻ کپي، ضروري ناهي جنهن کي اوارڊ مليو اهو ئي سٺو ڪتاب آهي، اوارڊ جن کي مليا اهي پنهنجي صنف تي وڌيڪ ڌيان ڏين ۽ اوارڊ ڏيڻ جو مقصد به اهو ئي هوندو آهي.

ناليواري شاعر تاج بلوچ چيو ته اديب ڏاڍي ۽ ڏکي ذات آهي، سنڌي ٻولي جون بيشمار صنفون زوال پذير ٿينديون وڃن. 80-90ع جي ڏهاڪي ۾ جيڪو ادب تخليق ٿيو اهو زوال طرف وڃي رهيو آهي، هن چيو ته اوارڊ ڏيڻ جو مقصد لکندڙ جي همت افزائي ٿيندي آهي، هتي هر ڪو دعوى ٿو ڪري آءٌ وڏو رائيٽر آهيان اها ئي انا ۽ هوڏ آهي، جيڪو تخليق کي زوال طرف ڌڪي ٿو، اها روايت جيڪا سنڌي ادب ۾ پئدا ٿي آهي ان کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. ان جو واحد حل معياري ادب جي تخليق آهي. اسان وٽ پوسٽ مارٽزم جو به علم ناهي، صحيح نقل به نٿا ڪري سگهون، سٺوادب پڙهڻ گهرجي، ان سان ئي معياري ادب تخليق ٿيندو آهي.

ناليواري دانشور انعام شيخ چيو ته جنهن سماج ۾ فن ۽ علم جو قدر هوندو آهي انهن ۾ رائيٽرز به اميد جا ڪرڻا ليکبا آهن. آرٽ اهو ئي آهي اها جيڪو سندرتا، سونهن ۽ ترتيب سان ڪئي وڃي جنهن سان ان جي نفاست ظاهر ٿئي ان لاءِ جيترو اوارڊ هجي اهو گهٽ آهي. ادارن جو ڪم ليکڪن جي همت افزائي ڪرڻ آهي انهيءَ لاءِ هي اوارڊ جيڏو وڏو هجي اهو گهٽ آهي، هن چيو ته ججمينٽ تمام ڏکيو عمل آهي، اوارڊ جي قابل آهي جيڪو اسرندڙ هجي جنهن جي قلم ۾ ڌم هجي جيڪو پنهنجي ڏات کي اڳتي کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندو هجي. اصل ۾ اوارڊ جو اهو ئي اديب حقدار آهي، هن چيو ته هاڻ اسان نيون روايتون قائم ڪرڻ چاهيون ٿا نئين انداز سان اداري کي هلائڻ چاهيون ٿا، ادارا سازي لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ احتساب ٿيڻ کپي، ان سان ئي اصلاح ٿيندي آهي. جج جي حيثيت ۾ چوان ٿو ته اها لکڻ ۾ معيار ناهي رهي معيار جيڪو اڳ ۾ هوندو هو.

ناليواري ليکڪ نور احمد جنجهي چيو ته ادب ۽ ان کي مڃتا ۽ پذيرائي تڏهن به اهم هئا جڏهن ادب لکيو نه ويندو هو، اڄ مشين جي دؤر ۾ به جڏهن مشين انسان کي به پوئتي ڌڪي ويئي ان دؤر ۾ به مڃتا ۽ پذيرائي اهم آهي. اٿارٽي پنهنجي اصولي روايت کي برقرار رکيو آهي، وڌ ۾ وڌ ادب تخليق ٿئي.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2016ع ۾ ڇپيل جن ڪتابن کي اوارڊ مليا اهي هن ريت آهن: ترجمي تي ولي رام ولڀ جي ڪتاب ”مورڇل“، ٻاراڻي ادب تي انور ابڙي جي ڪتاب ”عني ۽ مائو“، سوانحي ادب جي صنف تي يوسف سنڌي جي ڪتاب ”اقرار به انڪار به“، ڪهاڻين ۾ محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“، شاعري جي صنف تي اياز جاني جي ڪتاب ”دراوڙ دل جي تنهائي“، تحقيق تي ڊاڪٽر ساجده پروين جي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“، لطيف شناسي تي ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، لسانيات تي فهميده چنا جي ڪتاب ”سنسڪرت-سنڌي لغت“، تنقيد تي خليق ٻگهيو جي ڪتاب ”ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا“، سفرنامي جي صنف تي آغا ثناءُالله جي ڪتاب ”چوٿون چڪر آمريڪا جو“، ناول تي مهراڻ ايوب جي ڪتاب ”سعي“ ۽ سهيڙيل ادب تي جبران زيب جي ڪتاب ”سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون“

وڌيڪ پڙهو...
27 سيپٽمبر 2017

سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي نيشنل لئنگئيج اٿارٽي (مقتدره قومي زبان) جي ڊائريڪٽر جنرل افتخار عارف ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر تحسينا جهان سان اسلام آباد ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف ٻولين جي ترقي ۽ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي لاءِ گڏيل طور ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، گڏجاڻيءَ ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته اسان جي سمورين ٻولين جي ترقيءَ لاءِ ٺهيل ادارن جي هڪ ٻئي سان ويجهڙائي وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن ذريعي ملڪ جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ واري مطالبي کي هٿي ملندي ۽ لاڳاپن سان ٻولين ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. گڏجاڻيءَ کان پوءِ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مقتدره قومي زبان جي آفيس ۾ مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو، ان دوران کيس اداري جي ڪمن ۽ رٿائن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.

وڌيڪ پڙهو...
22 سيپٽمبر 2017

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ”سنڌي ٻولي جي درست استعمال“ جي سلسلي هيٺ حيدرآباد جي نذرٿ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردياڻين جو تربيتي ورڪشاپ ٿيو، ناليواري اديب ۽ ٻولي ماهر تاج جويي پڙهائڻ دوران سنڌي جي درست استعمال بابت تفصيلي ليڪچر ڏنو، تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته دنيا ۾ ٻولين کي مختلف قسم جا خطرا موجود آهن، گلوبل وليج جي نالي تي دنيا ڊجيٽلائزڊ بنجي ويئي آهي ان صورتحال ۾ ٻولين کي خطره آهن پر وقت جي ضرورت آهي ته اسان پنهنجي ٻولي کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته هاڻ هر ٻولي گاڏڙ انداز ۾ ڳالهائي وڃي ٿي جڏهن ته شهري علائقن ۾ سنڌي ٻولي جو بگهاڙ وڌي رهيو آهي، اهو به هڪ قسم جو خطرو آهي، صورتحال اها آهي ته ڪافي جاين تي سنڌي ۾ ڳالهائيندي شرم محسوس ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي ماءُ ٻولي لاءِ رويو درست ناهي. هن چيو ته اسڪول ۽ ڪاليج ٻولي لاءِ اهم مورچا آهن جتي جي تعليم ٻولي کي تحفظ فراهم ڪندي آهي ان لاءِ اسان اسڪولن جي سطح تائين سنڌي ٻولي پڙهائڻ ۽ گرامر جي درست استعمال بابت تربيت  ڪرائي رهيا آهيون، ان موقعي تي ناليواري اديب تاج جويي چيو ته انسانن جي ڳانڍاپي ۽ رابطي جو بنيادي ۽ اهم ذريعو ٻولي آهي ، هڪ ٻئي سان ڏک سک، خوشي ۽ غمي جي اظهار جو ذريعو ئي ٻولي آهي. اسان خوشنصيب آهيون جن جي ٻولي تاريخي قدامت رکي ٿي. هن چيو ته سنڌي ٻولي 15 هين عيسوي صدي کان لکي پڙهي وڃي ٿي ۽ مذهبي تعليم سنڌي ۾ ڏني ويندي هئي، هن وقت ٻولي کي اندروني ۽ ٻاهريان خطره آهن اندروني بگاڙ اسڪول سطح تي ختم ٿي سگھي ٿي، ڇو ته اسڪول ئي ٻولي جا قلعا آهن، هن چيو ته سنڌي ٻولي ۾ گرامر ۽ بيهڪ جون  نشانيون نه هجن ته لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ان جي معنيٰ الڳ ڪڍي سگھن ٿا ان لاءِ گرامر انتهائي اهم آهي، نذرٿ ڪاليج جي پرنسپال ناصره دلشاد چيو ته خوبصورت ٻولي جو استعمال خوبصورت انداز ۾ ڪيئن ڪجي، پنهنجي اندر جي آواز کي لفظن ذريعي ڪيئن اظهار ڪجي ان لاءِ  هن قسم جي تربيت انتهائي اهم آهي. ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر سعيده شفيق چيو ته استاد پنهنجي ٻولي جي بچاءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا ۽ انهن لاءِ هن قسم جي تربيت بنيادي حيثيت رکي ٿي. تربيتي ورڪشاپ جي آخر ۾ حصو وٺندڙ استادن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. تربيتي ورڪشاپ ۾ پروگرام آفيسر زاهد اوٺي ۽ ترجمان سليم جروار پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙهو...
30 آگسٽ 2017

29 آگسٽ 2017ع تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ”سنڌي ٻولي جي سرڪاري اهميت“ جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار جي صدارت ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀُٽي چيو ته انگريزن ۽ هندن به تمام سُٺو ڪم ڪيو، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ان وقت سنڌ جي ڪا به مقرر صورتخطي نه هئي ان لاءِ سر بارٽل فريئر جو ڪردار بنيادي آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو علمي لحاظ کان مالا مال رهيا آهن، ٺٽي ۾ 4 سؤ ڪتبخانه هئا جيڪي يونيورسٽيز جي برابر هئا، مطلب ته هن خطي ۾ ماڻهو علم سان چاهه رکندڙ هئا پر اڄ حالت ٻي آهي ان کي سڌارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته اڄوڪو ڏينهن وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن يعني 29 آگسٽ 1857ع تي سنڌي جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيندي لکپڙهه سنڌي ۾ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، هن چيو ته سنڌي ٻولي هزارين سال تاريخ رکندڙ ٻولي آهي جنهن کي فطرت ۽ قوم ته بچايو پر انگريزسرڪار بنيادي ڪردار ادا ڪيو، سر بارٽل فريئر سنڌي ٻولي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو ۽ سرڪاري حڪمنامي ۾ سنڌي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو، هن چيو ته انگريز جتي به ويندا هئا هو اتي جي ٻولي، ثقافت ۽ نفسيات کي سمجهي ڪم ڪندا هئا، هنن سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ حيثيت کي محسوس ڪيو، هن چيو ته اسان ان دؤر کي غلامي جو دؤر چئون ٿا، پر ان دؤر ۾ سنڌي ٻولي کي وڏي اهيمت ملي. هن چيو ته ٻولي بچائڻي آهي ته پنهنجي ٻار کي سنڌي ٻولي پڙهايو، اسڪولن ۾ سنڌي سليس بدران سنڌي لازمي پڙهايو. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار اسمبلي مان بل پاس ڪرائي ۽ سرڪاري کاتن جي ويب سائيٽس سنڌي ۾ ٺهڻ گهرجن.

ناليواري دانشور انعام شيخ چيو ته انگريز سرڪار سنڌ ۾ اچڻ جي چند سالن ۾ ئي سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو ته سنڌي سکو نه ته ملازمت ۾ ترقي نه ٿيندي ۽ انڪريمينٽ نه ملندي، ان ۾ سر بارٽل فريئر جو بنيادي ڪردار هو، هن نه صرف سنڌي ٻولي کي اهميت ڏني پر سنڌ ۾ ٺهيل انفراسٽرڪچر به ان ٺهرايو جنهن ۾ پليون وغيره شامل آهن، هن چيو ته اسانکي پنهنجي ٻولي لاءِ ايئن ڪم ڪرڻو پوندو جيئن انگريزن ڪيو. اسان کي سوچڻ کپي ته انگريزن کانپوءِ ٻولي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اسان جي عالمن، اديبن ۽ ادارن ڪو ڪم ناهي ڪيو سرڪار ادارن کي گرانٽ ته ڏيندي آهي پر اها به پگهارن ۾ هلي ويندي آهي، هاڻ اسان کي انفرادي طور طئي ڪرڻو پوندو ته اسان ٻولي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ايندڙ وقت جديد ٽيڪنالاجي جو دؤر آهي اسان کي ان لاءِ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ سوچڻو پوندو. هن چيو ته اسان وٽ خزانو ختم ٿيندو وڃي ان کي نئين طريقي سان بچائڻ جي ضرورت آهي، جيئن عربي ۽ فارسي تي تحقيق ٿي رهي آهي اسان کي به ايئن ڪرڻ گهرجي، تحقيق جو اهو مقصد ناهي ته هتان اتان جو حوالو ڏيئي مقالو يا مضمون لکي ڇڏيون پر تحقيق ۾ نوان رخ ڳولڻ گهرجن.

نامياري اديب تاج جويي چيو ته سنڌي زبان سرزمين سنڌ جي قديم زبان آهي، هي زبان هتي ڄائي، هتي نپني، وڌي ويجهي اها ٻولي نه سنسڪرت مان ڄائي نه سامي سٿ جي ٻولي آهي پر هڪ آدي جڳادي اصلي ۽ هن ڌرتي جي ڄائي زبان آهي، هن چيو ته هونئن ته سنڌي زبان کي تدريس، تعليم ۽ سرڪاري زبان طور صدين جو پسمنظر آهي پر انگريز دؤر 1843ع ۾ هن ٻولي کي تسليم ڪري هن زبان جي لپي، آئيوٽيا صورتخطي ۽ لکت طرف خاص ڌيان ڏنو ويو، ان ڏس ۾ 1848، 1849، 1851 ۽ 1852ع جي دوران انگريز عالمن ۽ آفيسرن جي لکپڙهه، سرڪاري نوٽن، درسي ڪتابن، آفيسرن جي سکيا وغيره جا دستاويز موجود آهن.

سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ اديب يوسف سنڌي چيو ته 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ اطلاع نامو ڪڍي سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سنڌي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي سکن ۽ انهي سر بارٽل فريئر 1853ع ۾ سنڌي ٻولي کي صورتخطي ڏني جنهن سان سنڌي ادب، تعليمي نظام، سياست، صحافت ۽ سماجي ترقي ۾ تبديلي آئي، هن چيو ته فريئر 25 مارچ 1857ع تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانهن حڪم موڪليو ته سنڌي ٻولي کي روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. 29 آگسٽ 1857ع تي سر بارٽل فريئر پڌرنامو جاري ڪري عام ماڻهن کي اطلاع ڏنو ته سنڌ جي درٻار ۾ هر قسم جي عريضي سنڌي ۾ لکي موڪلي وڃي جيڪا ٻڌڻ ۾ ايندي، مطلب ته انگريز سرڪار سنڌي ٻولي کي تمام گهڻي اهميت ڏني ۽ سنڌي کي دفتري ٻولي طور رائج ڪيو.

وڌيڪ پڙهو...
24 آگسٽ 2017

خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ (ضلعو: سکر)

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، 22 آگسٽ 2017ع تي، پريس ڪلب هال سکر ۾ خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنهن ۾ استادن، صحافين ۽ شاگردن کان علاوه ناليواري اديب، نقاد ۽ اڳوڻي ڪمشنر ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، خانگي اسڪولن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محترم مظهر علي ڀُٽي خصوصي طور شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن کي تربيتي ليڪچر ناليواري اديب تاج جويي ڏنو، ۽ هن تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ لاءِ ناليواري ليکڪ، ناولنگار ۽ صحافي ممتاز بخاريءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته اداري پاران زاهد اوٺي، علي نواز آريسر ۽ نظير چانڊيي هن ورڪشاپ جون ذميواريون نڀايون.

سڀ کان پهرين ممتاز بخاري آرگنائيزر جي حيثيت ۾ آجياڻو ڏيندي چيو ته: اسان سکر واسي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ٿورائتا آهيون، جنهن ٻوليءَ جي دُرست استعمال بابت هيءُ ليڪچر منعقد ڪرايو آهي، جيڪو يقيناً ڄاڻ سان ڀرپور هوندو. هن طرح جا تربيتي پروگرام اهميت وارا هوندا آهن، ڇو ته ٻولين ۾ بگاڙ کانپوءِ سنوار تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ان لاءِ وقتائتا قدم کڻبا آهن. جديد دَور سائبر اسپيس جو آهي، ان ڪري هي پروگرام ٻوليءَ ۾ وُسعت ڏيڻ ۽ اُن جي بيهڪ، خاص ڪري بنيادي گرامر جي اُصولن کي لاڳو ڪرڻ ۽ انهن جي مسلسل استعمال ڪرڻ لاءِ بيحد ضروري ۽ فائيديمند آهن. استادن ۽ صحافين لاءِ هيءُ ورڪشاپ تمام گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو.“

تاج جويي ليڪچر ڏيندي چيو ته: ”هيءُ ليڪچر نهايت ئي اهم موضوع تي آهي، ڇاڪاڻ جو پرائمري اسڪول ٻوليءَ جا ٿنڀا هُوندا آهن ۽ هيءُ تربيتي ورڪشاپ استادن ۽ صحافين کي ٻولي، تلفظ، گرامر ۽ بيهڪ جي نشانين کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌ جي ضلعن ۾ تربيتي ورڪشاپن جو  سلسلو شروع ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ جي جيڪا وِک وَڌائي آهي، ان ۾ اسان سڀنيءَ کي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي. سماجي، سياسي ۽ اقتصادي لحاظ کان جيڪي ٻوليون سُڌريل هونديون، اُهي ئي قوم کي معاشي طور مضبوط ڪنديون. انگريزن جي دَور ۾ هُنن سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهندي برصغير جي سڀني ٻولين ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جو گرامر جوڙيو، شاهه سائينءَ جي ڪلام کي رسالي جي صورت ۾ محفوط ڪيو ۽ 1853ع ۾ ڪميٽي جوڙي رسم الخط ٺاهيو ۽ ان ڪميٽيءَ مختلف سرگرميون جاري رکندي 1857ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور لاڳو ڪيو، سرڪاري نوڪريءَ لاءِ بنيادي شرط سنڌي ٻوليءَ جو 18 مهينن جو ڪورس رکيو ويو، جنهن ڪري سنڌين سان گڏ انگريزن کي به سنڌي سِکڻي پئي. اهڙيءَ طرح مئٽرڪ تائين  سنڌيءَ جو سبق لازمي رکيو ويو، جيڪو ورهاڱي تائين برقرار رهيو.

ٻوليون، مذهب ۽ وطن ڪي به دليل نه گُهرندا آهن، سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهريان خطرا اهي آهن ته کيس اُهي اختيار ناهن مليا، جيڪي هڪ پُروقار ٻوليءَ کي هُجڻ گهرجن، ۽ اندروني خطرا هي آهن ته اسان پاڻ پنهنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪري رهيا آهيون، اسان جو استاد ٻار کي دُرست نه ٿو پڙهائي، اسان جا قلمڪار ۽ صحافي لاتعداد غلطيون ڪندا آهن. ان پاسي ڌيان ڏيڻ گُهرجي. هتي سکر جي خانگي اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محترم مظهر علي ڀُٽو موجود آهي، اسان ان کي اپيل ٿا ڪريون ته هُو خانگي اسڪولن ۾ سنڌيءَ کي لازمي قرار ڏين، ڇاڪاڻ جو ٻار خواب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏسندو آهي ۽ خدارا! ٻارن کان خوابن جي ٻولي ته نه کَسيو. ميڊيا جو حال اهو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ٽي.وي تي هلندڙ پٽيءَ ۾ ”گوث بخش“، ”کُدابخش“، ”اکبار“، ”کبر“، ”کالقڏنو“ ۽ ”بُکاري“ وغيره لکيل هوندو آهي، جيڪو ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو بِگاڙ آهي.  اڪثر چيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جا لفظ شامل ٿي ويا آهن، جيڪو ٻوليءَ جو بِگاڙ آهي، پر تازو هندستان جي ماهر، نقاد راجيش رائو چيو آهي ته: ”دنيا جون لاتعداد ٻوليون موهن جي دڙي جي سنڌو لکت مان نڪتل آهي، سنڌي 15 هزار سال آڳاٽي زبان آهي.“ تنهنڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته ”سنڌيءَ جا لفظ ٻين ٻولين ۾ شامل ٿيا آهن.“ عربيءَ جو مثال وٺجي ته عربيءَ ۾ ٺيٺ سنڌيءَ جا ڪيترا لفظ صدين کان استعمال پيا ٿين. مثال طور: بصر کي چون ”بصل“، ٿُوم کي چون ”ثُوم“، يا وري سنڌيءَ ۾ موهن جي دڙي کان وٺي ”ساسر“ کي ”ساسر“ ئي سڏيو وڃي پيو، جيڪو ٻين به ڪيترين ٻولين ۾ مُروج ٿي ويو آهي، تنهنڪري اسان کي پنهنجي تحقيق جو دائرو اڳتي وڌائي نتيجا ڪڍڻا پوندا ته سنڌي ٻين ٻولين کان لفظ ورتا آهن يا ٻين ٻولين کي لفظ ڏنا آهن. ان کان علاوه اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن اسان پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن سنجيده رَويو رکنداسين. اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ آهن، جن ۾ پيش ۽ زبر جي مَٽا سان لفظ واحد ۽ جمع ٿيندا آهن، تنهنڪري انهن جي استعمال وقت خاص ڌيان ڏيڻ گُهرجي.

واحد            جمع             غلط استعمال

ڪتابُ           ڪتابَ          ڪتابون

لفظُ               لفظَ             الفاظ

حالت            حالتون          حالات

حادثه           حادثو/حادثا      حادثات

جسمُ            جسمَ            جسمون

لاشُ             لاشَ               لاشُون

افواهه           افواهَه            افواهون

جيلُ              جيلَ              جيلون

نظمُ             نظمَ                نظمون

غزلُ             غزلَ                غزلون

قدرُ              قدرَ                 اقدار/قدرون

اهڙيءَ طرح ’و‘ جو اجايو استعمال ڪري جملي جي اندر ٺوسيو ويندو آهي، جيڪي فارسيءَ جو اثر آهي، اسان جا ڪيترا ليکڪ ان مان اڃا جان ڇڏائي نه سگهيا آهن. مثال طور:

دل و دماغ تر و تازه ناهي

دوستن سان گڏ سير و تفريح ڪئي

يا وري پنهنجا خوبصورت لفظ ڇڏي، ڌارين لفظن کي هرو ڀرو استعمال ڪرڻ. ’محض‘ جي جاءِ تي ’رُڳو ‘يا ’اتفاق‘ ڇو نه ٿو استعمال ڪيو وڃي. يا وري ڪِن جاين تي اضافي استعمال به بگاڙ آهي. مثال طور: ”سپوٽ پُٽ“، ”ڪپوٽ پُٽ“ لکيو ويندو آهي. حيدربخش جتوئي سنڌ جو سپوٽ پُٽ آهي. سپوٽ سان گڏ پُٽ ڪونه لکبو، حيدربخش جتوئي سنڌ جو سپوٽ آهي. يا وري لکندا آهن ”هي ماڻهو صوفي منش آهي.“ هتي منش ۽ ماڻهو ٻئي ڪونه لکبا، ڇوته منش جي معنيٰ به ماڻهو ئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو دامن تمام وسيع آهي، ان ۾ ڪيترا لفظ مُروج ٿي ان جو حصو بڻجي ويا آهن، ته ڪيترن لفظ کي سنڌي ٻولي اڄ تائين قبول ناهي ڪيو، ان جي باوجود اسان جا ليکڪ انهن کي ٻوليءَ ۾ ٽُنبڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو نهايت ئي غلط آهي. ان کان علاوه بيهڪ جي نشانين جو يا ته غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، يا وري بلڪل به ناهي ڪيو ويندو ۽ بيهڪ جي نشانين جي غلط استعمال يا استعمال نه ڪرڻ ٻنهي صورتن ۾ جملا تبديل ٿي ويندا آهن، مفهوم مٽجي ويندو آهي. ڳالهه واضح نه ٿي سگهندي آهي.

استادن، صحافين، اديبن ۽ نون لکندڙن کي گُهرجي ته هُو پنهنجي ٻوليءَ لاءِ سنجيده ٿين، ڇاڪاڻ جو بنيادي تعليم سُٺي هوندي ته ٻار جي اڳتي اَوسر به بهتر ٿي سگهندي. ساڳيءَ طرح جيڪي سينيئر صحافي آهن، اُهي ڪنهن حد تائين ٻوليءَ جو دُرست استعمال ڪندا آهن، اجايا لفظ ٽُنبڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خبر ٺاهيندي ڊيسڪ تي ويٺل مُنجهي پوندو آهي. مثال طور:

رتوديرو: رتيديري جي ڀرسان فائرنگ

هتي رتوديرو ۽ رتيديري ٻئي لکيا ويا آهن، ٻنهي ۾ فرق نشانيءَ جي ڪري واضح ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو رتوديرو علائقي جو نالو آهي، پر اُهو جڏهن جملي ۾ استعمال ٿيو آهي ته ان جي صورت تبديل ٿي آهي. اهڙيءَ طرح بيهڪ جي نشانين جو استعمال ٻوليءَ جي لاءِ لاڀائتو ٿيندو. سڀ کان وڌيڪ جيڪا نشاني استعمال ٿئي ٿي، سا آهي ڪاما (،) پر اسان جا ڪي دوست ڪاما جو اجايو استعمال ڪندا آهن، تنهنڪري ان کي سوچ سمجهه آهر استعمال ڪرڻ گهرجي.

تاج جويي بيهڪ جي نشانين بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ سڀيئي نشانيون سمجهايون، جنهن ۾ ڪاما، فل اسٽاپ، ڪولن، سيمي ڪولن، ڏنگي، ننڍي ڏنگي، وڏي ڏنگي، ليڪ، ڳنڍيندڙ ليڪ وغيره.

هن ورڪشاپ جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر بدر اُڄڻ چيو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، سنڌي ٻوليءَ جي دُرست استعمال لاءِ هي ليڪچر پروگرام تمام سُٺي ڪوشش آهي، ڇاڪاڻ ته صحافتي سلسلي ۽ پرائمري اسڪول سطح تي تمام گهڻو بگاڙ اچي ويو آهي. اها ڪوشش يونين ڪائونسل ۽ پرائمري اسڪول ليول تائين ڪرڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو. هر پرائمري اسڪول جي استادن کي ٻوليءَ واري اداري پاران تربيت لاءِ گُهرايو وڃي يا تعلقي سطح تي اهڙا پروگرام وڌ کان وڌ ڪرايا وڃن ته ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو.“

خانگي اسڪولن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (سکر) مظهر علي ڀُٽي چيو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سکر شهر ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي لاءِ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو آهي، جيڪو تمام گهڻو ساراهه جوڳو عمل آهي. اصل ۾ هر قوم جي سُڃاڻپ سندن ٻولي هوندي آهي. الله پاڪ اسان جي ٻوليءَ کي تمام گهڻو وسيع ڪيو آهي. پاڪستان گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي، پر تعليم جي لحاظ کان پاڪستان  ۾ هتان جي ٻولين مان صرف ٻن ٻولين ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. هڪ قومي زبان اردو ۽ ٻي اسان جي مٺڙي ٻولي سنڌي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ سان سچا نه آهيون، اسان کي پنهنجي ٻولي بچائڻي آهي ته پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي لازمي طرح پڙهون ۽ پڙهايون. اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، جنهن هن اهم موضوع تي ليڪچر منعقد ڪيو، جنهن ۾  اسان جي ذهني تربيت ٿي آهي. ان کانسواءِ آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي گذارش ڪندس ته هُو سڀني ضلعن ۾ خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽرس سان رابطي ۾ اچي انهن سان لکپڙهه شروع ڪئي وڃي، انهن سان ميٽنگون ڪيون وڃي ته لازمي طرح اُهي پنهنجن ضلعن جي اسڪولن کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪندا.

ليڪچر جي پڄاڻيءَ تي اداري پاران تربيت وٺندڙن کي سَند پڻ ڏني وئي.

وڌيڪ پڙهو...
24 آگسٽ 2017

خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ  (ضلعو: خيرپور)

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي تاريخ 21 آگسٽ 2017ع تي، خيرپور ميرس ۾ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنهن ۾ استادن، صحافين ۽ شاگردن کان علاوه ناليوارن اديبن قربان منگي ۽ امر اقبال پڻ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن کي تربيتي ليڪچر ناليواري اديب تاج جويي ڏنو، ۽ هن تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ لاءِ ناليواري ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو، ۽ اداري پاران زاهد اوٺي، علي نواز آريسر ۽ نظير چانڊيي هن ورڪشاپ جون ذميواريون نڀايون.

ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ابراهيم کرل آجياڻو ڏنو ۽ ڳالهائيندي چيو ته: ”اسان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ ان جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ٿورائتا آهيون، جنهن پنهنجي ٽيم موڪلي اسان جي ضلعي جي استادن ۽ صحافين جي ٻوليءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا آهن. ادارو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، خيرپور ۾ استادن، استادياڻين ۽ صحافين لاءِ هتي ورڪشاپ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دُرست ٻولي پرهائڻ ۽ لکڻ بابت آگاهي ڏني پئي وڃي. ان مان اندازو ٿئي پيو ته هيءُ ادارو سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ دُرست استعمال لاءِ سنجيده آهي. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي درست ٻوليءَ جي سکيا ملي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سٺو ڪم هوندو! آءٌ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ هميشه اداري سان سهڪار ڪندو رهندس.“

تاج جويي ليڪچر ڏيندي چيو ته: ”آءٌ ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو، جنهن مون کي هي اهم ذميداري سونپي آهي، ۽ آءٌ ڪوشش ڪندس ته ان کي سُٺي نموني نباهيان. سنڌي ٻولي نه رُڳو مادري زبان آهي، پر اُها قومي زبان پڻ آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪوششن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسلسل محنتن سنڌيءَ کي گوگل تائين پهچائي دنيا جي ڪيترين ٻولين سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ٻولين جو لاڳاپو ٻولين کي ترقي ڏياريندو آهي، ٻوليون هڪٻئي کان لفظ وٺنديون آهن، انهن کي پنهنجو ڪنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي پٽي عربي رسم الخط ۾ هئڻ ڪري عربيءَ جا ڪيترا لفظ پنهنجا ڪيا آهن، پر سنڌيءَ جي گرامر جو مزاج پنهنجو آهي، جو عربيءَ ۾ چون ’خَيال‘ ته سنڌيءَ ۾ ’خِيال‘ وغيره. اها سنڌي ٻوليءَ جي وُسعت آهي، جو هن انگريزيءَ جي ڪيترن لفظن کي هضم ڪري ڇڏيو آهي، مثال طور: ’گلاس‘ انگريزيءَ جو نالو آهي، گلاس ڪنهن به شيشي کي چيو ويندو آهي، پر اسان جي ٻوليءَ جي مزاج ان کي پنهنجي صورت ڏني آهي، جو گلاس شيشي جو هُجي يا جِست جو، پر ان  کي گلاس ئي چئبو، اهڙيءَ طرح عربي کان رڳو اسان لفظ ڪونه ورتا آهن، پر خود عربي ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ شامل ٿيا آهن. مثال طور: هُو ’ڀَتُ‘ کي چون ’ڀَتَ‘ اسين ’چانور‘ کي ’چانور‘ چوندا آهيون، پر عرب ’چانور‘ کي به ’ڀَتَ‘ چوندا آهن، اهڙي طريقي ٻيا به ڪيترا لفظ آهن، جيڪي عربيءَ ۾ شامل ٿيا آهن.  

ٻولين کي هڪڙا ٻاهريان خطرا هوندا آهن، ٻيا اندروني خطرا. مثال طور: ريڊيو، ٽي. وي، اخبارون، پرائمري اسڪول ۽ درسي ڪتاب اسان جي ٻوليءَ جا مورچا آهن ۽ جي انهن مورچن ۾ بگاڙ هوندو ته اها ٻولي وڌي نه سگهندي.

زير اضافت جو اجايو استعمال:

خونِ جگر-جگر جو خون

جوشِ جنون- جوش ۽ جنون

قابلِ داد- داد جي قابل

داغِ دل- دل جو داغ وغيره

فارسي اسمن جو گهڻو ۽ اجايو استعمال:

آئنده- آئندي يا آئندو

نظريه- نظريو/نظريا

موقعه- موقعو/موقعا/موقعي

جذبه- جذبو/جذبا

جويه- جويو/جويا

ڀُٽه- ڀُٽو/ ڀُٽا

عربي ۽ فارسيءَ جو جمع:

جذبات- جذبا

واقعات- واقعا

خيالات- خيالَ. تنهنجا خيال ڏاڍا وڻيا.

احساسات: احساسَ. دل ۾ احساسَ هُجڻ گهرجي.

وسائل: وسيلا

مسائل: مسئلا

مضامين: مضمونُ/مضمونَ

رسائل: رِسالا

حالات: حالتون

تقارير: تقرير

اُردوءَ جو اثر:

لاشون: لاشَ

ڪتابون: ڪتابَ

مؤنث ۽ مذڪر جو غلط استعمال

دل جهڙي نازڪ شيءِ اردوءَ ۾ مذڪر آهي ۽ ڪتاب جهڙي سخت شيءِ مؤنث آهي. انهي اثر هيٺ اسان جا ڪيترا ليکڪ مذڪر ۽ مؤنث جو خيال ڪونه ڪندا آهن، مثال طور:

رَت ڳاڙهي آهي: رَت ڳاڙهو آهي

موسم سُٺوآهي: موسم سُٺي آهي، هتي اهو پڻ واضح ٿو ڪجي ته سنڌيءَ ۾ موسم جا ٽي نالا آهن ۽ اُهي ٽيئي مؤنث آهن. موسم، مُند، رُت

اولاد چڱي آهي: اولاد چڱو آهي

سماج سُٺي آهي: سماج بهتر آهي

’و‘ جو اضافي استعمال:

آب و هوا- آب هوا

آمدورفت- آمدرفت

غم و اَلم- غم ۽ اَلم

دل و دماغ- دل ۽ دماغ وغيره

ڌاريون صفتون:

سالانه ڪنوينشن: ساليانو ڪنوينشن، سالياني رپورٽ

ماهانه: ماهياني ونڊي، مهيني جو پگهار، ماهوار اُجرت

عارفانه ڪلام: عارفاڻو ڪلام

شاعرانه خيال: شاعراڻو خيال، شاعراڻي سوچ

روزانه اخبار: زوزاني اخبار

مختلف علائقن ۾ لهجن جو فرق:

لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جا ماڻهو ’مڇي‘ کي ’مشي‘ ۽ ’ڇا‘ کي ’شا‘ چون. لهجي ۾ ڳالهائڻ وقت ته ايئن ڳالهائي سگهجي ٿو، پر لکڻ مهل معياري صورت ۾ لکڻ گهرجي. يا وري ڪن علائقن ۾ ’پُٽم‘،لکندا آهن، جيڪو پڻ فارسيءَ جو اثر آهي، سنڌيءَ ۾ ’مُنهنجو پُٽ‘ لکڻ گهرجي.

فارسي حرف جر:

ازان سواءِ: ان کانسواءِ

اگرچه، حالانڪ، چناچه: جيتوڻيڪ، پر وغيره

علامه آءِ آءِ قاضي اخبارن جي ٻوليءَ لاءِ پمفليٽ/بينر تيار ڪيو هو، جنهن ۾ هن ٻوليءَ جي بگاڙ جي حوالي سان هنن ڳالهين جو ڌيان ڇڪايو هو ته:

لاڙڪاڻو مان پيو اچان: لاڙڪاڻي مان پيو اچان

رتوديرو جي ڳوٺ ۾ باهه: رتيديري جي ڳوٺ ۾ باهه

مورو ۾ گڏجاڻي: موري ۾ گڏجاڻي وغيره

يا وري ڪن جاين تي ’و‘ کي ’ي‘ ۾ تبديل ڪرڻ وقت انهن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور: ٺارُو شاهه ۾ جلسو هتي مٽائي ٺاري شاهه لکيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي، ڇاڪاڻ جو هي ’ٺارُو‘ آهي، ’ر‘ تي پيش هئڻ ڪري ان کي برقرار رکبو.

انڊيا جي سنڌي:

نئي روشني: نئين روشني

لوهو وَهڻ لڳو: لهُو وهڻ لڳو

ڄار ۾ ڦسايو: ڄار ۾ ڦاسايو

پڃري ۾ پنڇي پيو پر هڻي: پڃري ۾ پکي پيو پر هڻي.

بيهڪ جون نشانيون:

بيهڪ جون نشانيون ٻوليءَ جي حُسن ۾ واڌارو ڪنديون آهن، بيهڪ جي نشانين کان سواءِ لکڻي نه رُڳو ڇَسي لڳندي آهي، پر ان جو مفهوم پڻ تبديل ٿي ويندو آهي. مثال طور:

اچ نه وڃ

هاڻي هتي ڪابه نشاني ڏني نه ويئي آهي، ان ڪري جملي جي صُورت واضح نه ٿي ٿئي ۽ نشانين جي وجهه سان ان هڪڙي جملي جون ٽي الڳ الڳ صورتون واضح ٿي سامهون اچن ٿيون.

اچ، نه وڃ

اچ نه، وڃ  وغيره

بيهڪ جون نشانيون چهري جي تاثرن کي ظاهر ڪن ٿيون، جنهن ۾ اکيون، ڳل، چپ ۽ هٿ حرڪت ڪندا آهن، جنهن مان خوشي توڙي غم جو تاثر سامهون ايندو آهي. انهن نشانين کي اسان جي عالمن لکت جي صورت ۾ مخصوص ڪيو آهي ۽ اُنهن کي لازمي قرار ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جي دُرست استعمال سان ئي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو.“

بيهڪ جي نشانين تي تفصيلي سمجهايو ويو، جنهن ۾ ابتدائي، ثانوي توڙي ٻيون نشانيون سمجهايون ويون، ۽ تربيت وٺندڙن تمام گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اداري جا ٿورا مڃيا.

هن تربيتي ورڪشاپ جي اهميت بابت نوجوان شاعر امر اقبال ڳالهائيندي چيو ته: اسان وٽ اڪثر خانگي اسڪولن ۾ هڪ ته سنڌي پڙهائي ڪونه ٿي وڃي ۽ جي پڙهائي وڃي ٿي ته اڌو گابري. ساڳي ئي وقت صحافت سان لاڳاپيل قلمڪار سنڌي ٻوليءَ جي دُرست استعمال جي قابل نظر نه ٿا اچن، اهڙيءَ صورتحال ۾ خيرپور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار پاران محترم تاج جويي جو هيءُ ليڪچر تمام لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ اُهي سنڌي ٻوليءَ جي دُرست استعمال طرف هڪ قدم اڳتي سُري سگهندا. اسان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ صاحب جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جي ضلعي ۾ هيءُ اهم تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايو.

ناليواري اديب قربان منگي چيو ته: سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ استادن ۽ صحافين لاءِ تربيت جو جيڪو سِٽاءُ ترتيب ڏنو آهي، اهو نهايت ئي شاندار ڪم آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ان قسم جا تربيتي پروگرام ٿيڻ سان ٻوليءَ ۾ وڌندڙ بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو.  ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ کي تجويز ڏيان ٿو ته تربيتي ورڪشاپن جي هن سلسلي کي تعلقي سطح تائين آندو وڃي ته اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندو.

ورڪشاپ جي پُڄاڻيءَ تي حصو وٺندڙن کي اداري پاران سند پڻ ڏني وئي.

وڌيڪ پڙهو...
صفحو 1 مڪمل 6

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي