سنڌي لغتون

سنڌي ڊڪشنري بورڊ، سنڌ حڪومت جي منظور ڪيل اسڪيم هيٺ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي آفيس ۾، 7 سيپٽمبر 2012ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جو بنيادي ڪم ’مفصل سنڌي- سنڌي لغت‘ (20 جلد)، مختلف هنرن، علمن، سائنسي موضوعن جون ’سنڌي ۽ سنڌي انگريزي لغتون‘، سنڌيءَ سان گڏ سنڌي ۽ ٻين ٻولين جون لغتون ادبي اصطلاحن جي لغت وغيره تيار ڪرڻ شامل آهي.انهيءَ سلسلي ۾ ’مفصل سنڌي لغت‘ جو پهريون جلد (الف) اکر تي مشتمل (550 صفحا) 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جڏهن ته ٻيو جلد (ب ۽ ٻ) اکرن تي مشتمل (500 صحفا) ڇپائيءَ هيٺ آهي ۽ ٽئين جلد (ڀ ۽ ت) جو اڌ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ باقي اکرن تي پڻ ڪم جاري آهي.

’سنڌي ڊڪشنري بورڊ‘ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محترم تاج جويي جي سرواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ٽيم ۾ لغت ساز: پروفيسر سيد شير شاهه، ريسرچ آفيسر: حافظ غلام سرور ٻرڙو، اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور ضراب حيدر، ناصر قاضي، محمد بخش ٿيٻو ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر راز محمد لغاري ڪم ڪري رهيا آهن. انهن سڀني لغتن کي هاڻي اٿارٽيءَ جي سنڌي ڪمپيوٽنگ پاران انٽرنيٽ تي آن لائين پورٽل جي صورت ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن دنيا ۾ سڀ ماڻهو انهن مان لاڀ حاصل ڪري سگھن. آن لائين لغتن جو پورٽل گھمو

آن لائين لغتن جو پورٽل گھمو

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي