آڊيو وزيوئل اسٽوڊيو

آڊيو وزيوئل اسٽوڊيو اداري جو آڊيو وزيوئل شعبو باقائدي متحرڪ آهي، جنهن ۾ ڪئمرائون، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو ضروري سامان مهيا ڪيو ويو آهي، هن شعبي جي ڪمن ۽ ذميوارين ۾ اداري جي پروگرامن جي رڪارڊنگ ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ شامل آهي، ان کان سواءِ پروگرامن جون سي ڊيون ۽ ڊي وي ڊيون تيار ڪرڻ پڻ هن شعبي جي ذميوارين ۾ شامل آهي، هي شعبو، سنڌيءَ ۾ آوازن جي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ جي ڏس ۾ سنڌي ڊرامن، گيتن، تقريرن ۽ ليڪچرن وغيره جون ڪئسٽون ۽ سي ڊيون پڻ محفوظ ڪندو آهي. تازو هڪ جديد بنيادن تي تيار ڪرايل اسٽوڊيو کي پڻ هن شعبي جو حصو بڻايو ويو آهي. جيڪو حيدرآباد ۾ پنهنجي نوعيت جو واحد اسٽوڊيو آهي، جتي سنڌي جي مختلف لهجن ۽ محاورن کي رڪارڊ ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج جي سلسلي ۾ ٻيا پروگرام به رڪارڊ ڪيا ويندا. هي اسٽوڊيو ثقافتي ۽ ادبي پروگرامن جي رڪارڊنگ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو، جن ۾ سگھڙن جون ڪچهريون ۽ ٻيون آئوٽ ڊور سرگرميون به شامل آهن.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي