ايم بي سنڌي پاڻمرادو سنڌي اکر شناس

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، تمام سنڌي ويب ڊولپرن جي سهولت لاءِ هتي ايم بي سنڌي پاڻمرادو سنڌي اکر شناس پروگرام رکي رهي آهي ته اهي هي اسڪرپٽ پنهنجي سنڌي ويب سائيٽن تي انسٽال ڪري بغير سنڌي فانٽ هڻڻ يا ڪنهن اضافي پروگرامنگ جي لڳائڻ کان سواءِ پاڻمرادو سنڌي لکت پنهنجي سڌائي (ساڄي کان کاٻي پاسي) ڪري سگھي. هي پروگرام سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪمپيوٽنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي ۽ صائمه اصغر ٺاهيو آهي.

اوهان کي اهو آگاه ڪيو پيو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ پهرين اسڪرپٽ ڪمانڊ آهي جيڪا ڪميوٽنگ جي ڳجھي پروگرامنگ ۾ ٺاهي وئي آهي جيڪا جديد اجڪس ۽ جاوا جي تاڃي پيٽي تي ڊولپ ڪئي وئي آهي.

تفصيل ڊائون لوڊ ٿيل فولڊر ۾ هدايتن جي شڪل ۾ رکيا ويا آهن. اوهان بس اهو اسڪرپٽ پنهنجي ويب سائيٽ جي انڊيڪس ۾ هڻي آزمايو.

هيٺ ڏنل تصوير تي ڪلڪ ڪري ڊائون لوڊ ڪريو.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي