سائين ابراهيم جويي جي چاليهي جي موقعي تي علمي، ادبي ۽ تعزيتي ريفرنس

 

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ محمد ابراهيم جويو يادگار ڪميٽي پاران18 ڊسمبر 2012 تي سائين ابراهيم جويي جي چاليهي جي موقعي تي علمي، ادبي ۽ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪرائي ويئي.

            ريفرنس جي صدارت ڪندي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ناليواري ليکڪه مهتاب اڪبر راشدي چيو ته جويي صاحب جي جهڙي به تحرير کڻو ۽ جيڪا به سِٽَ ڏسو ان جي محور سنڌ نظر ايندي، ان سنڌ سان جِنون جي حد تائين محبت ڪئي. پنهنجي هٿن سان پمفليٽ لکي ورهايا. سنڌ جويي صاحب جي لاءِ هڪ يونيورسل شيءِ هئي جنهن جي خوشحاليءَ لاءِ هُن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن چيو ته جنهن جويي صاحب کي نئين سنڌ جو معمار ته سڏيون ٿا پر اڄ هِن سنڌ جي ڪهڙي حالت آهي، جتي روايتون دفن ٿي ويون، تعليم تباهه ٿي وئي، عزتِ نفس محفوظ نه آهي، اسان ڪهڙي دنيا ۾ آهيون ان جي ڪا به خبر ناهي. جويي صاحب جي هر ڳالهه لبرل ۽ روشن خيال نظر ايندي. پهرين عالمي جنگ دوران جنم وٺندڙ ٻارڙي دنيا جي اُٿل پُٿل کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ کي درياهه ۾ لُڙهندي ڏٺو، هُن ٻي عالمي جنگ ۾ انسانيت جي بربادي ڏٺي. ان جي ازالي لاءِ هُن پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪيو، ايترو ڪم ته ادارا به ناهن ڪري سگهندا ۽ اهڙي شخص کي سمجهڻ لاءِ زندگيون گهرجن. هن چيو ته ٻين ٻولين جي شاهڪار ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ جِن شخصيتن ترجمو ڪري آندو اُهو انهن جو ذاتي شوق هو پر ڇا اسان جو ادب اِن قابل ناهي جو اُهو دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿئي اهو سرڪار جو ڪم آهي، اُن حوالي سان مون 3 سال پهرين بيورو آف ٽرانسليشن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل پاس ڪرايو پر اهو بيورو الائي ڪڏهن ٺهندو؟

            سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته جويو صاحب جي تاريخ تي ڳالهايون ٿا ته ائين لڳندو آهي ڄڻ پوري هڪ صديءَ جي تاريخ تي ڳالهائي رهيا آهيون ۽ اها صدي 20هين صدي آهي، جنهن ۾ وڏا انقلاب آيا ۽ وڏيون جنگيون لڳيون، محمد ابراهيم جويو ان پوري اُٿل پُٿل جو اکين ڏٺو گواهه هو ۽ جويي صاحب جو وڏو ڪم اهو هو ته هِن سنڌ ۾ سيڪيولر، فلسفي ۽ فِڪر کي  متعارف ڪرايو، جويو صاحب مساوات ۽ برابريءَ تي يقين رکندڙ انسان هو، هو اهڙي شخصيت هو جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي نظريي تي قائم رهيو، هُن سنڌ کي علم ۽ سيڪيولر سوچ ڏني ۽ ان نظريي جي ضرورت ڪنهن هڪ ٻِن صدين جي لاءِ نه پر ان جي ضرورت تاحيات رهندي آهي.

            پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته جويي صاحب جي پوري زندگي ڀرپور محرومين ۾ گذري، پوءِ به هُن خوشحال سنڌ جو خواب ڏٺو ۽ ان خواب جي تعبير جي لاءِ ماڻهن کي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ورهاڱي وقت سنڌ جي سياستدانن کي سمجهائڻ چاهيو پئي ته سنڌ هڪ آزاد ۽ الڳ وطن آهي، انگريزن سان ان بنياد تي ڳالهائجي، هن چيو ته جويي صاحب پهريون ڏاهو هو جنهن پوري هڪ صدي گذاري ۽ ان صديءَ جو گواهه رهيو، سندس زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي پي.ايڇ.ڊي ٿي سگهي ٿي ۽ جويي صاحب جيڪو خواب ڏٺو اسان سڀني جي ذميواري آهي ته جويي صاحب جي ان خواب کي پوري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

            ناليواري ليکڪه مهتاب محبوب چيو ته جويو صاحب سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ گهاٽي بَڙَ جي ڇانوَ جيان هو جنهن هميشه اُتساهه ڏنو ۽ سنڌ سان سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ سيکاريو ڇو ته سندس محبتن جي محور سنڌ هئي.

            ناليواري شاعر اياز گُل چيو ته جويو صاحب جهڙي شخصيت زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جوان رهيو ۽ سڄي عمر سنڌ سنوارڻ ۾ گذاري، هن چيو ته جويو صاحب اتساهه ڏيندڙ استاد هو ۽ هن هميشه نوجوانن کي اُتساهيو، جويي صاحب سان جڏهن به ملبو هو ته ڪٿي به محسوس نه ٿيندو هو ته اسان کانئس عمر يا ڪم ۾ ننڍا آهيون.

            اڳوڻي براڊڪاسٽر نصير مرزا چيو ته جويو صاحب هڪ مڪمل روشن خيال انسان هو جنهن پوري زندگي فڪر ۽ فلسفي جي تعليم ڏني، جويي صاحب جيڪو علمي پورهيو ڪيو ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

            جويي صاحب جي ڏوهٽي محسن جويي چيو ته جويو صاحب پوري زندگي تمام گهڻو ڪم ڪيو ان ڪم جو بنياد نيشنلزم آهي، سندس ان ڪم کي دنيا اڳيان آڻڻ لاءِ ٽرانسليشن بيورو جي ضرورت آهي، هن چيو ته جويو صاحب هڪ هاريءَ جو پٽ هو ۽ هر شيءِ کي گُلزار ڪرڻ لاءِ آتو هو، هو روحن کي ريج ڪرڻ ڄاڻيندو هو، جويو صاحب جي محبت جي محور هميشه سنڌ رهي ۽ هُن سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو.

            زرعي يونيورسٽيءَ جي استاد پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته جويو صاحب هڪ سيڪيولر ۽ روشن خيال مزاج جو انسان هو، جنهن سموري زندگي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو.

            تعزيتي ريفرنس کي ڊاڪٽر دودي مهيري، امداد چانڊيي ۽ ٻين خطاب ڪيو  ۽ ان موقعي تي ڏيئا روشن ڪيا ويا.

 

 

 

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي