ٻاراڻو ادب ماضي ۽ حال (سيمينار)

ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ’ٻاراڻو ادب ماضي ۽ حال‘ جي عنوان هيٺ سيمينار منعقد ڪرايو ويو.

سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري شاعر اياز گل چيو ته ٻار انسان جي زندگي ۽ دنيا جي بقا ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، ماضي ۾ گلڙن جهڙا ٻارڙا تنظيم ۽ سنڌي ادبي سنگت ادبي تربيت ڪئي ۽ ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان پنهنجي ذميواري سمجهي ٻارڙن جي ادب لاءِ لکيو. 20 سال ٻاراڻي ۾ ڪجهه نه لکيو ويو پر 79ع کان پوءِ ٻارڙن جي ادب ۾ تيزي اچي ويئي پوءِ سياسي جماعتن جي ٻارڙن جي ذيلي ونگز به رسالا ڪڍڻ شروع ڪيا. هن چيو ته هن وقت ايڏي وڏي ترقي تي منزلون طعي ڪري آيا آهيون ته اهي ڪم پيا نه ٿين، ٻارڙن جي ادب تي ڪم نه پيو ٿئي، هن وقت ذميواري ڪونهي. کوڙ سٺا ڪتاب به اچن پيا پر اڪثريت ليکڪن انعامن طرف ڊوڙ آهي. ٻار جي اهميت اسان جي زندگي ۾ ڇا آهي، اهو سوچڻو پوندو، ٻارن جا ميلا ٿيڻ کپن، ادارا ٺهڻ گهرجن اها اسان سڀني جي انفرادي ۽ ادارن جي ذميواري آهي. سنڌي سماج ۾ ٻه ٻارڙا راحت ۽ انتخاب رول ماڊل آهن، اهو تربيت جو اثر آهي، ٻار جي تربيت سان سندن مستقبل ۽ سماج جي بهتري لاڳاپيل آهي. ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ٻار لاءِ مثبت اثر به ڇڏي سگهن ٿا. هن چيو ته ادارا ٻارن جا ڪتاب ڇپرائين، ليکڪن کي مڃتا ڏين، ٻاراڻي ادب کي هٿي ڏين. سرڪار ۽ ادارا ذميواري قبول ڪن، والدين، استادن ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀبائڻ گهرجي. ٻارڙن لاءِ لکڻ سان اسان کي نه فقط مڃتا ملندي پر امرتا ملندي. سنڌي ٻارن جو 20 نومبر نه پر سال ۾ اهڙا ڏينهن کوڙ هجڻ گهرجن.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سيمينار ۾ آيل مهمانن جي آجيان ۽ مقصد ٻڌائيندي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ايندڙ نسل جيڪو سنڌ جو وارث آهي، قوم جي مستقبل، ادب ۽ ٻولي جو وارث آهي، انهن کي ٻولي ۽ ثقافت ڪيئن منتقل ڪريون، ٻار ٻولي ڪيئن لکن ۽ ڳالهائن اهو ٻڌائڻو آهي. اسڪولي زماني ۾ چيل بيت ياد رهندا هئا، ان سان يادگيري وڌندي آهي، ٻار نئين دنيا کي تصور ۾ آڻڻ شروع ڪري ٿو. ٻار ادب ۽ ٻولي ڏانهن پيار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ سائنسي دور آهي، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل هٿن ۾ آهن، ان ۾ نه ٻولي ملندي، نه ڪلچر، نه شاهه لطيف جا بيت ملندا. اسان جا ثقافتي رنگ ڇا آهن، ٻار ان کان اڻڄاڻ هوندا، ٻولي، ادب ۽ ثقافت کان اسان جو ايندڙ نسل محروم ٿيو ته اها جنگ اسان هارائي ويهنداسين. هن چيو ته اڳ ۾ ٻارن کي لوڪ ادب جون ڪهاڻيون پڙهايون وينديون هيون، ٻارن ۾ نئون شوق پيدا ٿيندو هو. 72-75ع ۾ ٻارڙن جي رسالن ڪمال جو ڪم ڪيو،. لکڻ پڙهڻ ڏانهن ان رسالن رجحان وڌايو، اڄ به ٻارڙن جي شاعري بهترين ٿي رهي آهي، ٻارن جو ادب ۽ ڪتاب بهترين ڇپجن ٿا، پر اهو ٻارن کي ٻڌائڻ ۽ پڙهائڻ گهرجن.

نامياري شاعره مريم مجيدي چيو ته لکت ۾ ادب پوءِ آيو پر ان کان اڳ نانين ۽ ڏاڏين ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون ٺاهيون جيڪي ٻڌائينديون هيون. انسان جيڪو ڪوشش ڪري ٿو ان کي ان مطابق مڃتا ملندي آهي، فطري طور ٻار ماحول سان سکندو آهي، ان جي نشونما بهتر ٿيندي ته اهو اڳتي هلي بهتر سماج کي تخليق ڪندو. ليکڪ جيسين ٻار جي ذهني سطح کي محسوس نٿو ڪري تيسين ٻاراڻي ادب جو تخليق معياري نه هوندو. اسان جو مستقبل سنوارڻ لاءِ بنيادي ڪم ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، ڪتاب ۽ رسالا ڪڍجن اهي اسڪولن تائين پهچائجن، لکندڙن کي همٿائيندي انهن کي مڃتا ڏجي.

نامياري اديب تاج جويو چيو ته سماج جي ارتقا ٻارن جي ارتقا کانسواءِ اڌوري آهي، جيسين ذهني نشونما صحيح ناهي تيسين اهو سماج بهتر نه ٿي سگهندو. مرزا قليچ بيگ 457 ڪتاب مختلف موضوعن تي لکيا، ٻاراڻي نصاب ۾ بهترين گيت لکيا. ڪشن چند بيوس به نصاب لاءِ بهترين گيت لکيا، محمد صديق مسافر سميت ڪيترن ئي شاعرن بهترين نظم لکيا. ڪشن چند پاڻ استاد هو ۽ ٻارن سان رانديون ڪندي گيت لکيا اهي اڄ به ذهن تي چٽيل آهن. هن چيو ته اڳ ٻارن جي اسڪولن ۾ ڪشادا ميدان هئا اڄ ننڍڙين ڪوٺين ۾ ٻار پڙهن ٿا، ٻارن کي تازي هوائن ۾ پڙهائڻ سان سٺي اوثر ٿيندي آهي، ٻارن جي نشونما لاءِ کليا ميدان هجڻ گهرجن. هن چيو ته ٻولي ۽ ادب جي ترقي ٻاراڻي ادب کانسواءِ ناممڪن آهي، ٻارن جو پرچو اچڻ گهرجي، ماضي ۾ مختلف شهرن مان انفرادي ڪوششون ٿيون، ضرورت انهن کي همٿائڻ جي ضرورت آهي، تعليم کاتي کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جيئن پنجاب ۾ تعليم کاتو رسالا ۽ ڪتاب اسڪولن لاءِ منظور ڪندي آهي، هتي به ائين ٿيڻ گهرجي ۽ هن قسم جا سيمينار ڪرڻ گهرجن.

نامياري ليکڪا ذيب نظاماڻي چيو ته انسان جنهن ڪردار کي وڌائي پيش ڪري ٿو ان جو تعلق سوچ سان آهي، فڪري لحاظ کان ماءُ جي لولي سان آهي، اها ٻار جي سماعتن ۾ بنيادي تخليق هوندي آهي، جيڪا هميشه لاءِ اتساهه ڏئي ٿي، ماءُ جي لولي ڀلي ڳوٺ جي ماءُ ٻڌائي يا شهر جي ماءُ پر ان ۾ به وڏو اتساهه آهي. هن چيو ته ڪشن چند بيوس تمام سهڻا گيت ۽ نظم ڏنا، هڪ هڪ سٽ ۽ هڪ هڪ لفظ ٻارن جي فڪري تربيت ٻڌائي ٿو. ٻار پنهنجو سمجهندڙ کي ئي پنهنجو سمجهي ٿو. ٻار جون فطرت کي شاعر سمجهن ٿا ان جي گهرجن کي سمجهن ٿا، انهن جي شاعري ئي ٻارن جي شخصيت تي اثر انداز ٿئي ٿي.

ياسر قاضي چيو ته ٻاراڻي شاعري ۽ ٻارڙن لاءِ شاعري ان لفظن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ٻاراڻي شاعري ۽ ٻاراڻي ادب کي سمجهي ئي ان کي اهميت نٿا ڏيون، ان ڪري ٽرم تبديل ڪرڻ گهرجن، ٻارڙن لاءِ ادب ۽ ٻارڙن بابت ادب ۾ فرق آهي، ان لفظن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ٻارڙن لاءِ سنڌي ۾ ڪارٽون هجڻ گهرجن، ٽاڪ شوز ٿيڻ گهرجن ۽ ڪهاڻين، ويڊيو گيمز ۾ ۽ پنهنجي شخصيتن، شهرن ۽ ماڳ مڪانن جا ڪردار هجڻ کپن جيئن اهي انهن شيئن کان واقف ٿي سگهن.

وفا مولا بخش قمبراڻي چيو ته ٻاراڻي ادب جو گذريل پوڻا 2 سئو سالا شاندار رهيا، هاڻي ان کي بچائڻ لاءِ ادبي ۽ سرڪاري ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ گهرجي ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪن کي مڃتا ڏيڻ گهرجي جيئن اهي بهتر ادب تخليق ڪري سگهن.

سيمينار دوران ٻن معصوم ٻارن راحت ۽ انتخاب بڙدي شاهه سائين جا بيت ٻڌايا.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي