خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ (ضلعو: سکر)

خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ (ضلعو: سکر)

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، 22 آگسٽ 2017ع تي، پريس ڪلب هال سکر ۾ خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنهن ۾ استادن، صحافين ۽ شاگردن کان علاوه ناليواري اديب، نقاد ۽ اڳوڻي ڪمشنر ڊاڪٽر بدر اُڄڻ، خانگي اسڪولن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محترم مظهر علي ڀُٽي خصوصي طور شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن کي تربيتي ليڪچر ناليواري اديب تاج جويي ڏنو، ۽ هن تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ لاءِ ناليواري ليکڪ، ناولنگار ۽ صحافي ممتاز بخاريءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته اداري پاران زاهد اوٺي، علي نواز آريسر ۽ نظير چانڊيي هن ورڪشاپ جون ذميواريون نڀايون.

سڀ کان پهرين ممتاز بخاري آرگنائيزر جي حيثيت ۾ آجياڻو ڏيندي چيو ته: اسان سکر واسي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ٿورائتا آهيون، جنهن ٻوليءَ جي دُرست استعمال بابت هيءُ ليڪچر منعقد ڪرايو آهي، جيڪو يقيناً ڄاڻ سان ڀرپور هوندو. هن طرح جا تربيتي پروگرام اهميت وارا هوندا آهن، ڇو ته ٻولين ۾ بگاڙ کانپوءِ سنوار تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ان لاءِ وقتائتا قدم کڻبا آهن. جديد دَور سائبر اسپيس جو آهي، ان ڪري هي پروگرام ٻوليءَ ۾ وُسعت ڏيڻ ۽ اُن جي بيهڪ، خاص ڪري بنيادي گرامر جي اُصولن کي لاڳو ڪرڻ ۽ انهن جي مسلسل استعمال ڪرڻ لاءِ بيحد ضروري ۽ فائيديمند آهن. استادن ۽ صحافين لاءِ هيءُ ورڪشاپ تمام گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو.“

تاج جويي ليڪچر ڏيندي چيو ته: ”هيءُ ليڪچر نهايت ئي اهم موضوع تي آهي، ڇاڪاڻ جو پرائمري اسڪول ٻوليءَ جا ٿنڀا هُوندا آهن ۽ هيءُ تربيتي ورڪشاپ استادن ۽ صحافين کي ٻولي، تلفظ، گرامر ۽ بيهڪ جي نشانين کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌ جي ضلعن ۾ تربيتي ورڪشاپن جو  سلسلو شروع ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ جي جيڪا وِک وَڌائي آهي، ان ۾ اسان سڀنيءَ کي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي. سماجي، سياسي ۽ اقتصادي لحاظ کان جيڪي ٻوليون سُڌريل هونديون، اُهي ئي قوم کي معاشي طور مضبوط ڪنديون. انگريزن جي دَور ۾ هُنن سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهندي برصغير جي سڀني ٻولين ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جو گرامر جوڙيو، شاهه سائينءَ جي ڪلام کي رسالي جي صورت ۾ محفوط ڪيو ۽ 1853ع ۾ ڪميٽي جوڙي رسم الخط ٺاهيو ۽ ان ڪميٽيءَ مختلف سرگرميون جاري رکندي 1857ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور لاڳو ڪيو، سرڪاري نوڪريءَ لاءِ بنيادي شرط سنڌي ٻوليءَ جو 18 مهينن جو ڪورس رکيو ويو، جنهن ڪري سنڌين سان گڏ انگريزن کي به سنڌي سِکڻي پئي. اهڙيءَ طرح مئٽرڪ تائين  سنڌيءَ جو سبق لازمي رکيو ويو، جيڪو ورهاڱي تائين برقرار رهيو.

ٻوليون، مذهب ۽ وطن ڪي به دليل نه گُهرندا آهن، سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهريان خطرا اهي آهن ته کيس اُهي اختيار ناهن مليا، جيڪي هڪ پُروقار ٻوليءَ کي هُجڻ گهرجن، ۽ اندروني خطرا هي آهن ته اسان پاڻ پنهنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪري رهيا آهيون، اسان جو استاد ٻار کي دُرست نه ٿو پڙهائي، اسان جا قلمڪار ۽ صحافي لاتعداد غلطيون ڪندا آهن. ان پاسي ڌيان ڏيڻ گُهرجي. هتي سکر جي خانگي اسڪولن جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محترم مظهر علي ڀُٽو موجود آهي، اسان ان کي اپيل ٿا ڪريون ته هُو خانگي اسڪولن ۾ سنڌيءَ کي لازمي قرار ڏين، ڇاڪاڻ جو ٻار خواب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏسندو آهي ۽ خدارا! ٻارن کان خوابن جي ٻولي ته نه کَسيو. ميڊيا جو حال اهو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ٽي.وي تي هلندڙ پٽيءَ ۾ ”گوث بخش“، ”کُدابخش“، ”اکبار“، ”کبر“، ”کالقڏنو“ ۽ ”بُکاري“ وغيره لکيل هوندو آهي، جيڪو ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو بِگاڙ آهي.  اڪثر چيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جا لفظ شامل ٿي ويا آهن، جيڪو ٻوليءَ جو بِگاڙ آهي، پر تازو هندستان جي ماهر، نقاد راجيش رائو چيو آهي ته: ”دنيا جون لاتعداد ٻوليون موهن جي دڙي جي سنڌو لکت مان نڪتل آهي، سنڌي 15 هزار سال آڳاٽي زبان آهي.“ تنهنڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته ”سنڌيءَ جا لفظ ٻين ٻولين ۾ شامل ٿيا آهن.“ عربيءَ جو مثال وٺجي ته عربيءَ ۾ ٺيٺ سنڌيءَ جا ڪيترا لفظ صدين کان استعمال پيا ٿين. مثال طور: بصر کي چون ”بصل“، ٿُوم کي چون ”ثُوم“، يا وري سنڌيءَ ۾ موهن جي دڙي کان وٺي ”ساسر“ کي ”ساسر“ ئي سڏيو وڃي پيو، جيڪو ٻين به ڪيترين ٻولين ۾ مُروج ٿي ويو آهي، تنهنڪري اسان کي پنهنجي تحقيق جو دائرو اڳتي وڌائي نتيجا ڪڍڻا پوندا ته سنڌي ٻين ٻولين کان لفظ ورتا آهن يا ٻين ٻولين کي لفظ ڏنا آهن. ان کان علاوه اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن اسان پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن سنجيده رَويو رکنداسين. اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ آهن، جن ۾ پيش ۽ زبر جي مَٽا سان لفظ واحد ۽ جمع ٿيندا آهن، تنهنڪري انهن جي استعمال وقت خاص ڌيان ڏيڻ گُهرجي.

واحد            جمع             غلط استعمال

ڪتابُ           ڪتابَ          ڪتابون

لفظُ               لفظَ             الفاظ

حالت            حالتون          حالات

حادثه           حادثو/حادثا      حادثات

جسمُ            جسمَ            جسمون

لاشُ             لاشَ               لاشُون

افواهه           افواهَه            افواهون

جيلُ              جيلَ              جيلون

نظمُ             نظمَ                نظمون

غزلُ             غزلَ                غزلون

قدرُ              قدرَ                 اقدار/قدرون

اهڙيءَ طرح ’و‘ جو اجايو استعمال ڪري جملي جي اندر ٺوسيو ويندو آهي، جيڪي فارسيءَ جو اثر آهي، اسان جا ڪيترا ليکڪ ان مان اڃا جان ڇڏائي نه سگهيا آهن. مثال طور:

دل و دماغ تر و تازه ناهي

دوستن سان گڏ سير و تفريح ڪئي

يا وري پنهنجا خوبصورت لفظ ڇڏي، ڌارين لفظن کي هرو ڀرو استعمال ڪرڻ. ’محض‘ جي جاءِ تي ’رُڳو ‘يا ’اتفاق‘ ڇو نه ٿو استعمال ڪيو وڃي. يا وري ڪِن جاين تي اضافي استعمال به بگاڙ آهي. مثال طور: ”سپوٽ پُٽ“، ”ڪپوٽ پُٽ“ لکيو ويندو آهي. حيدربخش جتوئي سنڌ جو سپوٽ پُٽ آهي. سپوٽ سان گڏ پُٽ ڪونه لکبو، حيدربخش جتوئي سنڌ جو سپوٽ آهي. يا وري لکندا آهن ”هي ماڻهو صوفي منش آهي.“ هتي منش ۽ ماڻهو ٻئي ڪونه لکبا، ڇوته منش جي معنيٰ به ماڻهو ئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو دامن تمام وسيع آهي، ان ۾ ڪيترا لفظ مُروج ٿي ان جو حصو بڻجي ويا آهن، ته ڪيترن لفظ کي سنڌي ٻولي اڄ تائين قبول ناهي ڪيو، ان جي باوجود اسان جا ليکڪ انهن کي ٻوليءَ ۾ ٽُنبڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو نهايت ئي غلط آهي. ان کان علاوه بيهڪ جي نشانين جو يا ته غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، يا وري بلڪل به ناهي ڪيو ويندو ۽ بيهڪ جي نشانين جي غلط استعمال يا استعمال نه ڪرڻ ٻنهي صورتن ۾ جملا تبديل ٿي ويندا آهن، مفهوم مٽجي ويندو آهي. ڳالهه واضح نه ٿي سگهندي آهي.

استادن، صحافين، اديبن ۽ نون لکندڙن کي گُهرجي ته هُو پنهنجي ٻوليءَ لاءِ سنجيده ٿين، ڇاڪاڻ جو بنيادي تعليم سُٺي هوندي ته ٻار جي اڳتي اَوسر به بهتر ٿي سگهندي. ساڳيءَ طرح جيڪي سينيئر صحافي آهن، اُهي ڪنهن حد تائين ٻوليءَ جو دُرست استعمال ڪندا آهن، اجايا لفظ ٽُنبڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خبر ٺاهيندي ڊيسڪ تي ويٺل مُنجهي پوندو آهي. مثال طور:

رتوديرو: رتيديري جي ڀرسان فائرنگ

هتي رتوديرو ۽ رتيديري ٻئي لکيا ويا آهن، ٻنهي ۾ فرق نشانيءَ جي ڪري واضح ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو رتوديرو علائقي جو نالو آهي، پر اُهو جڏهن جملي ۾ استعمال ٿيو آهي ته ان جي صورت تبديل ٿي آهي. اهڙيءَ طرح بيهڪ جي نشانين جو استعمال ٻوليءَ جي لاءِ لاڀائتو ٿيندو. سڀ کان وڌيڪ جيڪا نشاني استعمال ٿئي ٿي، سا آهي ڪاما (،) پر اسان جا ڪي دوست ڪاما جو اجايو استعمال ڪندا آهن، تنهنڪري ان کي سوچ سمجهه آهر استعمال ڪرڻ گهرجي.

تاج جويي بيهڪ جي نشانين بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ سڀيئي نشانيون سمجهايون، جنهن ۾ ڪاما، فل اسٽاپ، ڪولن، سيمي ڪولن، ڏنگي، ننڍي ڏنگي، وڏي ڏنگي، ليڪ، ڳنڍيندڙ ليڪ وغيره.

هن ورڪشاپ جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر بدر اُڄڻ چيو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، سنڌي ٻوليءَ جي دُرست استعمال لاءِ هي ليڪچر پروگرام تمام سُٺي ڪوشش آهي، ڇاڪاڻ ته صحافتي سلسلي ۽ پرائمري اسڪول سطح تي تمام گهڻو بگاڙ اچي ويو آهي. اها ڪوشش يونين ڪائونسل ۽ پرائمري اسڪول ليول تائين ڪرڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو. هر پرائمري اسڪول جي استادن کي ٻوليءَ واري اداري پاران تربيت لاءِ گُهرايو وڃي يا تعلقي سطح تي اهڙا پروگرام وڌ کان وڌ ڪرايا وڃن ته ٻوليءَ جي وڌندڙ بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو.“

خانگي اسڪولن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (سکر) مظهر علي ڀُٽي چيو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سکر شهر ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي لاءِ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو آهي، جيڪو تمام گهڻو ساراهه جوڳو عمل آهي. اصل ۾ هر قوم جي سُڃاڻپ سندن ٻولي هوندي آهي. الله پاڪ اسان جي ٻوليءَ کي تمام گهڻو وسيع ڪيو آهي. پاڪستان گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي، پر تعليم جي لحاظ کان پاڪستان  ۾ هتان جي ٻولين مان صرف ٻن ٻولين ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. هڪ قومي زبان اردو ۽ ٻي اسان جي مٺڙي ٻولي سنڌي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ سان سچا نه آهيون، اسان کي پنهنجي ٻولي بچائڻي آهي ته پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي لازمي طرح پڙهون ۽ پڙهايون. اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، جنهن هن اهم موضوع تي ليڪچر منعقد ڪيو، جنهن ۾  اسان جي ذهني تربيت ٿي آهي. ان کانسواءِ آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي گذارش ڪندس ته هُو سڀني ضلعن ۾ خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽرس سان رابطي ۾ اچي انهن سان لکپڙهه شروع ڪئي وڃي، انهن سان ميٽنگون ڪيون وڃي ته لازمي طرح اُهي پنهنجن ضلعن جي اسڪولن کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪندا.

ليڪچر جي پڄاڻيءَ تي اداري پاران تربيت وٺندڙن کي سَند پڻ ڏني وئي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي