خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ (ضلعو: خيرپور)

خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ  (ضلعو: خيرپور)

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، خانگي اسڪولن جي استادن ۽ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي تاريخ 21 آگسٽ 2017ع تي، خيرپور ميرس ۾ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنهن ۾ استادن، صحافين ۽ شاگردن کان علاوه ناليوارن اديبن قربان منگي ۽ امر اقبال پڻ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙن کي تربيتي ليڪچر ناليواري اديب تاج جويي ڏنو، ۽ هن تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ لاءِ ناليواري ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو، ۽ اداري پاران زاهد اوٺي، علي نواز آريسر ۽ نظير چانڊيي هن ورڪشاپ جون ذميواريون نڀايون.

ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ابراهيم کرل آجياڻو ڏنو ۽ ڳالهائيندي چيو ته: ”اسان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ ان جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ٿورائتا آهيون، جنهن پنهنجي ٽيم موڪلي اسان جي ضلعي جي استادن ۽ صحافين جي ٻوليءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا آهن. ادارو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، خيرپور ۾ استادن، استادياڻين ۽ صحافين لاءِ هتي ورڪشاپ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دُرست ٻولي پرهائڻ ۽ لکڻ بابت آگاهي ڏني پئي وڃي. ان مان اندازو ٿئي پيو ته هيءُ ادارو سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ دُرست استعمال لاءِ سنجيده آهي. سنڌي ماڻهن کي پنهنجي درست ٻوليءَ جي سکيا ملي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سٺو ڪم هوندو! آءٌ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ هميشه اداري سان سهڪار ڪندو رهندس.“

تاج جويي ليڪچر ڏيندي چيو ته: ”آءٌ ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو، جنهن مون کي هي اهم ذميداري سونپي آهي، ۽ آءٌ ڪوشش ڪندس ته ان کي سُٺي نموني نباهيان. سنڌي ٻولي نه رُڳو مادري زبان آهي، پر اُها قومي زبان پڻ آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪوششن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسلسل محنتن سنڌيءَ کي گوگل تائين پهچائي دنيا جي ڪيترين ٻولين سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ٻولين جو لاڳاپو ٻولين کي ترقي ڏياريندو آهي، ٻوليون هڪٻئي کان لفظ وٺنديون آهن، انهن کي پنهنجو ڪنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جي پٽي عربي رسم الخط ۾ هئڻ ڪري عربيءَ جا ڪيترا لفظ پنهنجا ڪيا آهن، پر سنڌيءَ جي گرامر جو مزاج پنهنجو آهي، جو عربيءَ ۾ چون ’خَيال‘ ته سنڌيءَ ۾ ’خِيال‘ وغيره. اها سنڌي ٻوليءَ جي وُسعت آهي، جو هن انگريزيءَ جي ڪيترن لفظن کي هضم ڪري ڇڏيو آهي، مثال طور: ’گلاس‘ انگريزيءَ جو نالو آهي، گلاس ڪنهن به شيشي کي چيو ويندو آهي، پر اسان جي ٻوليءَ جي مزاج ان کي پنهنجي صورت ڏني آهي، جو گلاس شيشي جو هُجي يا جِست جو، پر ان  کي گلاس ئي چئبو، اهڙيءَ طرح عربي کان رڳو اسان لفظ ڪونه ورتا آهن، پر خود عربي ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا لفظ شامل ٿيا آهن. مثال طور: هُو ’ڀَتُ‘ کي چون ’ڀَتَ‘ اسين ’چانور‘ کي ’چانور‘ چوندا آهيون، پر عرب ’چانور‘ کي به ’ڀَتَ‘ چوندا آهن، اهڙي طريقي ٻيا به ڪيترا لفظ آهن، جيڪي عربيءَ ۾ شامل ٿيا آهن.  

ٻولين کي هڪڙا ٻاهريان خطرا هوندا آهن، ٻيا اندروني خطرا. مثال طور: ريڊيو، ٽي. وي، اخبارون، پرائمري اسڪول ۽ درسي ڪتاب اسان جي ٻوليءَ جا مورچا آهن ۽ جي انهن مورچن ۾ بگاڙ هوندو ته اها ٻولي وڌي نه سگهندي.

زير اضافت جو اجايو استعمال:

خونِ جگر-جگر جو خون

جوشِ جنون- جوش ۽ جنون

قابلِ داد- داد جي قابل

داغِ دل- دل جو داغ وغيره

فارسي اسمن جو گهڻو ۽ اجايو استعمال:

آئنده- آئندي يا آئندو

نظريه- نظريو/نظريا

موقعه- موقعو/موقعا/موقعي

جذبه- جذبو/جذبا

جويه- جويو/جويا

ڀُٽه- ڀُٽو/ ڀُٽا

عربي ۽ فارسيءَ جو جمع:

جذبات- جذبا

واقعات- واقعا

خيالات- خيالَ. تنهنجا خيال ڏاڍا وڻيا.

احساسات: احساسَ. دل ۾ احساسَ هُجڻ گهرجي.

وسائل: وسيلا

مسائل: مسئلا

مضامين: مضمونُ/مضمونَ

رسائل: رِسالا

حالات: حالتون

تقارير: تقرير

اُردوءَ جو اثر:

لاشون: لاشَ

ڪتابون: ڪتابَ

مؤنث ۽ مذڪر جو غلط استعمال

دل جهڙي نازڪ شيءِ اردوءَ ۾ مذڪر آهي ۽ ڪتاب جهڙي سخت شيءِ مؤنث آهي. انهي اثر هيٺ اسان جا ڪيترا ليکڪ مذڪر ۽ مؤنث جو خيال ڪونه ڪندا آهن، مثال طور:

رَت ڳاڙهي آهي: رَت ڳاڙهو آهي

موسم سُٺوآهي: موسم سُٺي آهي، هتي اهو پڻ واضح ٿو ڪجي ته سنڌيءَ ۾ موسم جا ٽي نالا آهن ۽ اُهي ٽيئي مؤنث آهن. موسم، مُند، رُت

اولاد چڱي آهي: اولاد چڱو آهي

سماج سُٺي آهي: سماج بهتر آهي

’و‘ جو اضافي استعمال:

آب و هوا- آب هوا

آمدورفت- آمدرفت

غم و اَلم- غم ۽ اَلم

دل و دماغ- دل ۽ دماغ وغيره

ڌاريون صفتون:

سالانه ڪنوينشن: ساليانو ڪنوينشن، سالياني رپورٽ

ماهانه: ماهياني ونڊي، مهيني جو پگهار، ماهوار اُجرت

عارفانه ڪلام: عارفاڻو ڪلام

شاعرانه خيال: شاعراڻو خيال، شاعراڻي سوچ

روزانه اخبار: زوزاني اخبار

مختلف علائقن ۾ لهجن جو فرق:

لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جا ماڻهو ’مڇي‘ کي ’مشي‘ ۽ ’ڇا‘ کي ’شا‘ چون. لهجي ۾ ڳالهائڻ وقت ته ايئن ڳالهائي سگهجي ٿو، پر لکڻ مهل معياري صورت ۾ لکڻ گهرجي. يا وري ڪن علائقن ۾ ’پُٽم‘،لکندا آهن، جيڪو پڻ فارسيءَ جو اثر آهي، سنڌيءَ ۾ ’مُنهنجو پُٽ‘ لکڻ گهرجي.

فارسي حرف جر:

ازان سواءِ: ان کانسواءِ

اگرچه، حالانڪ، چناچه: جيتوڻيڪ، پر وغيره

علامه آءِ آءِ قاضي اخبارن جي ٻوليءَ لاءِ پمفليٽ/بينر تيار ڪيو هو، جنهن ۾ هن ٻوليءَ جي بگاڙ جي حوالي سان هنن ڳالهين جو ڌيان ڇڪايو هو ته:

لاڙڪاڻو مان پيو اچان: لاڙڪاڻي مان پيو اچان

رتوديرو جي ڳوٺ ۾ باهه: رتيديري جي ڳوٺ ۾ باهه

مورو ۾ گڏجاڻي: موري ۾ گڏجاڻي وغيره

يا وري ڪن جاين تي ’و‘ کي ’ي‘ ۾ تبديل ڪرڻ وقت انهن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور: ٺارُو شاهه ۾ جلسو هتي مٽائي ٺاري شاهه لکيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي، ڇاڪاڻ جو هي ’ٺارُو‘ آهي، ’ر‘ تي پيش هئڻ ڪري ان کي برقرار رکبو.

انڊيا جي سنڌي:

نئي روشني: نئين روشني

لوهو وَهڻ لڳو: لهُو وهڻ لڳو

ڄار ۾ ڦسايو: ڄار ۾ ڦاسايو

پڃري ۾ پنڇي پيو پر هڻي: پڃري ۾ پکي پيو پر هڻي.

بيهڪ جون نشانيون:

بيهڪ جون نشانيون ٻوليءَ جي حُسن ۾ واڌارو ڪنديون آهن، بيهڪ جي نشانين کان سواءِ لکڻي نه رُڳو ڇَسي لڳندي آهي، پر ان جو مفهوم پڻ تبديل ٿي ويندو آهي. مثال طور:

اچ نه وڃ

هاڻي هتي ڪابه نشاني ڏني نه ويئي آهي، ان ڪري جملي جي صُورت واضح نه ٿي ٿئي ۽ نشانين جي وجهه سان ان هڪڙي جملي جون ٽي الڳ الڳ صورتون واضح ٿي سامهون اچن ٿيون.

اچ، نه وڃ

اچ نه، وڃ  وغيره

بيهڪ جون نشانيون چهري جي تاثرن کي ظاهر ڪن ٿيون، جنهن ۾ اکيون، ڳل، چپ ۽ هٿ حرڪت ڪندا آهن، جنهن مان خوشي توڙي غم جو تاثر سامهون ايندو آهي. انهن نشانين کي اسان جي عالمن لکت جي صورت ۾ مخصوص ڪيو آهي ۽ اُنهن کي لازمي قرار ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جي دُرست استعمال سان ئي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو.“

بيهڪ جي نشانين تي تفصيلي سمجهايو ويو، جنهن ۾ ابتدائي، ثانوي توڙي ٻيون نشانيون سمجهايون ويون، ۽ تربيت وٺندڙن تمام گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اداري جا ٿورا مڃيا.

هن تربيتي ورڪشاپ جي اهميت بابت نوجوان شاعر امر اقبال ڳالهائيندي چيو ته: اسان وٽ اڪثر خانگي اسڪولن ۾ هڪ ته سنڌي پڙهائي ڪونه ٿي وڃي ۽ جي پڙهائي وڃي ٿي ته اڌو گابري. ساڳي ئي وقت صحافت سان لاڳاپيل قلمڪار سنڌي ٻوليءَ جي دُرست استعمال جي قابل نظر نه ٿا اچن، اهڙيءَ صورتحال ۾ خيرپور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار پاران محترم تاج جويي جو هيءُ ليڪچر تمام لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ اُهي سنڌي ٻوليءَ جي دُرست استعمال طرف هڪ قدم اڳتي سُري سگهندا. اسان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ صاحب جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جي ضلعي ۾ هيءُ اهم تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايو.

ناليواري اديب قربان منگي چيو ته: سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ استادن ۽ صحافين لاءِ تربيت جو جيڪو سِٽاءُ ترتيب ڏنو آهي، اهو نهايت ئي شاندار ڪم آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته ان قسم جا تربيتي پروگرام ٿيڻ سان ٻوليءَ ۾ وڌندڙ بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو.  ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ کي تجويز ڏيان ٿو ته تربيتي ورڪشاپن جي هن سلسلي کي تعلقي سطح تائين آندو وڃي ته اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندو.

ورڪشاپ جي پُڄاڻيءَ تي حصو وٺندڙن کي اداري پاران سند پڻ ڏني وئي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي