’اوائلي سنڌو لکت جي ڀاڃ‘ (سمجهه) جي عنوان هيٺ سيمينار

’اوائلي سنڌو لکت جي ڀاڃ‘ (سمجهه) جي عنوان هيٺ سيمينار

سنڌي لئينگئيج اٿارٽي پاران 17 آگسٽ 2017ع تي ڊاڪٽر اين.اي بلوچ هال ۾ ’اوائلي سنڌو لکت جي ڀاڃ‘ (سمجهه) جي عنوان هيٺ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت آثار قديمه جي ماهر ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ڪئي، صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري چيو ته سنڌو لکت دنيا ۾ اها لکت آهي جنهن جون تمام گهڻيون ڀاڃ ٿي چڪيون آهن، پر اهي ڀاڃ مڃڻ لاءِ ڪير تيار ناهي، هي هڪ گهڻ رخ مسئلو آهي، ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ان جو رستو موجود آهي جيڪو اسان جي تمام گهڻي مدد ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌو لکت جي ڀاڃ جو مسئلو اسان جي جياپي جو مسئلو آهي، اسان جو جيترو به علمي پورهيو آهي اهو ٺيڪ ته آهي پر اهو تحقيقي مدد سرانجام نٿو ڏي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا جيڪي ادارا ۽ يونيورسٽيون آهن اتي جي نوجوانن ۾ اها صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان ملي ان کي چارٽ ڏنو ته ان تي ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ انڊس اسڪرپٽ واري ڪم جو پنڌ شروع ٿي چڪو آهي، اسان ان جا طريقا دريافت ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته سنڌو لکت جي ڀاڃ ۾ تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته اسڪرپٽ اهڙي شئي آهي جيڪا ٻولي جو وزن کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان وٽ آرڪيالاجي جي حوالي سان تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، اسان کي پراڻي طريقه ڪار کي پڙهڻ جي ضرورت آهي، ان ذريعي ئي اسان اڳتي وڌي سگهنداسين، جڏهن اسان ماضي سان رشتو قائم رکنداسين تڏهن ئي ٻولي جي ڀاڃ ڪري سگهنداسين.

سيمينار کي خطاب ڪندي چيئرمئن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته ٻولي تي تحقيق وارو ڪم يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جو آهي، پر افسوس ته ان پاسي گهربل توجه نٿي ڏني وڃي، هن سنڌو ماٿري جي تهذيب جو مثال ڏيندي چيو ته مهين جي دڙي مان هٿيار نه مليا آهن پر اتان سمبارا جهڙا اهڃاڻ مليا آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو ته  سنڌو ماٿري جا ماڻهو هزارين سال اڳ به امن پسند هئا ۽ اڄ به سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۾ مهين جي دڙي جي وقت جا اثر موجود آهن، هن ٻڌايو ته اڳئين زماني ۾ لکت مهرن جي صورت ۾ هوندي هئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ اسانجي نوجوانن کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهي لسانيات تي ماسٽرس ڪن. هن چيو ته لسانيات هڪ انتهائي اهم موضوع آهي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته اڄ جي هن جديد دور ۾ جتي ٻيون قومون پنهنجي ٻولي کي بچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهن اتي اسان کي به گهرجي ته اسين پنهنجي شاهڪار ٻولي کي بچائڻ سان گڏوگڏ ان جي ترقي ۽ پکيڙ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته رڳو ورسيون ۽ شامون ملهائڻ سان سنڌي ٻولي کي نٿو بچائي سگهجي. پر ان ڏس ۾ عملي ڪمن جي ضرورت آهي.

پروفيسر رستم خاصخيلي چيو ته مهين جي دڙي جي ٻولي مان 70 کان 80 سيڪڙو لفظن جو تعلق سنڌو ماٿري سان آهي، انهن لفظن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مهين جو دڙو دريائي هو، ۽ دريا جي ڪناري واپار ٿيندو هو ۽ جيڪا لکت دريافت ٿي آهي ان جو تعلق ٻُڌ ڌرم سان آهي، هن چيو ته مون سنڌو لکت جي ڀاڃ براهمي اسڪرپٽ ۾ ڪئي آهي، هي ڀاڃ پهريون ڀيرو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ٺاهي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌي براهمي اسان کي قرآن شريف پڙهڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي سنڌي ٻولي جي ڪيتري عزت آهي.

سنڌي ٻولي ڪمپيوٽنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي پنهنجي  مقالي ۾ چيو ته اسان وٽ ٻولي جي ڀاڃ (سمجهه) لاءِ ڪنهن به قسم جي سنجيدگي ناهي پوءِ ڀلي اهي سرڪاري يا خانگي ادارا هجن، اسان وٽ فقط جذبو آهي جنهن تحت اسين ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو مهين جي دڙي جون علامتون ڪي.بورڊ وسيلي ٽيڪسٽ تي آيون آهن، مهين جي دڙي جون ڪل 1839 علامتون آهن ۽ اهو ڪم تمام وسيع آهي. هن ٻڌايو ته اوائلي دور ۾ سنڌي ٻولي جا سوين لفظ يورپي ٻولين ڏانهن منتقل ٿيا، مثال طور جيئن ’ٽاٽ مان ٽائيٽ‘، ’لاٽ مان لائيٽ‘ ۽ ’ڏيهاڙي مان ڊائري‘ سميت ٻيا ڪيترائي لفظ جيڪي اچار جي تبديلي سان يورپي ٻولين ۾ شامل ٿيا آهن. هن چيو ته اسين او.سي.آر جهڙو سافٽ ويئر ٺاهي سگهون ٿا جنهن تحت مصري، چيني ۽ عراقي جهڙين پراڻي لکڻين جي نمونن جي ڊي.ڪوڊنگ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سرڪاري ادارا لساني علمن جا ماهر، آرڪيالاجسٽ ۽ مالي ۽ فني وسيلا ڏنا وڃن ته مهين جي دڙي جي لکت سمجهي سگهجي ٿي جيڪو 2025-2030 تائين ممڪن آهي.

سنڌي ٻولي ڪمپيوٽنگ جي ماهر شبير ڪنڀار چيو ته سنڌو تهذيب جي آثارن مان مليل تحريرن کي سنڌو لکت چئون ٿا پوءِ اها مهرن جي شڪل ۾ هجي، ڊرائنگ يا وري چٽسالي جي شڪل ۾ هجي، سنڌو لکت ۾ هيستائين ڪا به ڊگهي لکت ناهي ملي سگهي، جڏهن ته سِيلن ۽ مُهرن ۾ صرف 14 نشانيون آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين ڀارت جي علائقي ’ڊولا ويرا‘ مان 9 فٽ 10 انچ جو ڊگهو بورڊ مليو آهي جنهن تي صرف 10 نشانيون آهن. هن چيو ته سنڌو لکت جي نشانين کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته براهمي ۽ سنڌو لکت ۾ هڪجهڙائي آهي، منهنجي تحقيق موجب اوائلي چيني ۽ سنڌو لکت ۾ پڻ ڪافي حد تائين هڪجهڙائي آهي. هن چيو ته چيني اوائلي لکت جا 30 هزار هڏين تي لکيل نمونا سنڀالي نيشنل ميوزيم ۾ رکيا ويا آهن پر بدقسمتي سان اسان جو ورثو چوري ٿيل آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ادارن کي هاڻ اکيون کولڻيون پونديون، پوري دنيا ۾ موجود سنڌو لکت جي مهرن ۽ نشانين جون تصويرون ڪڍي ڪمپيوٽر تي آڻي تاريخي ڪم کي سائنسي بنياد تي ڪرڻو پوندو.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي