خانگي اسڪولن جي سنڌي پڙهائيندڙ استادن ۽ مقامي صحافين لاءِ ٿيل تربيتي ورڪشاپ

خانگي اسڪولن جي سنڌي پڙهائيندڙ استادن ۽ مقامي صحافين لاءِ ٿيل تربيتي ورڪشاپ: ضلعو سانگهڙ

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران، 9 مارچ 2017ع، خميس جي ڏينهن، ميونسپل ڪميٽي هال سانگهڙ ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن ۽ مقامي صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ استادن ۽ صحافين شريڪ ٿي تربيت حاصل ڪئي، هي ورڪشاپ نهايت اهم هو، سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري اديب، محقق ۽ استاد تاج جويي، ٻوليءَ جي گرامر، تلفظ، اُچارن، جملن جي بيهڪ ۽ بيهڪ جي نشانين بابت بهتر نموني ڄاڻ ڏني. هن تربيتي ورڪشاپ ۾ سڀني استادن ۽ صحافين اداري جا ٿورا مڃيا ۽ ’آل پرائيويٽ اسڪول ائسوسيئيشن‘ سانگهڙ جي صدر علي ڏني شرسنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران آيل ٽرينر ۽ عملي کي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا ڏنا، ان موقعي تي ڳالهائيندي علي ڏني شر چيو ته، سانگهڙ ۾ تقريبن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي وڃي ٿي ۽ سنڌيءَ جا استاد پڻ موجود آهي، پر استادن جي ٽريننگ نه ٿي ٿئي، ان کوٽ کي محسوس ڪيو پئي ويو، پر اڄ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ان کوٽ جي پورائي لاءِ هي ورڪشاپ ڪرايو آهي، هيءُ قدم ساراهه جوڳو آهي، هن قسم جو ورڪشاپ هر تعلقي ۾ ٿيڻ گهرجي، ته جيئن وڌ کان وڌ استاد اُن مان پِرائي سگهن. اُن کان پوءِ تاج جويي ٽريننگ ڏيندي ڪيترن ئي اهم نُڪتن ڏانهن ڌيان ڇِڪايو، هُن چيو ته: سانگهڙ، سنڌ جي تاريخ ۾ ڳاڙهي ٽُٻڪي جي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن ضلعي مان پنهنجي وطن جي دفاع جو پهريون آواز حُرن جو اُٿيو هو، جيڪي وطن سلامت هوندا آهن، اُهي ئي پنهنجي ٻولي سلامت رکي سگهندا آهن، پنهنجي ٻوليءَ ۾ واڌارا سُڌارا ڪري سگهندا آهن، نئين سِر ترتيب ڏئي سگهندا آهن. ٻولي، جيڪا احساسن، اُمنگن ۽ جذبن جي ترجمان هوندي آهي. ٻوليءَ جون مُکيه صورتون ڳالهائڻ ۽ لکڻ ٻه هُونديون آهن، جڏهن ته اُن جون تاثراتي صورتون گهڻيون هونديون آهن، جيڪي ڪاوڙ، خوشي، ڏُک، پريشاني ۽ خوف وغيره جي صورت ۾ نمودار ٿينديون آهن ۽ اُنهن کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان جي عالمن لکت ۾ ڪجهه نشانيون مقرر ڪيون آهن، جن کي ’بيهڪ جون نشانيون‘ چئجي ٿو. ٻوليءَ جي ماهرن انھن سمورين نشانين کي ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي – پھريون، ابتدائي؛ ٻيون، ثانوي؛ ٽيون، ٻٽيون يا مرڪب نشانيون. هر هڪ قسم ۾ هيٺينءَ ترتيب موجب نشانيون اچي وڃن ٿيون. ابتدائي: (1) ٿورو دم ، Comma (2) اڌ دم ؛ Semi Colon (3) دم : Colon (4)پورو دم . Period 2. ثانوي: (1) ليڪ _ Dash (2) ڳنڌيندڙ ليڪ - Hyphen (3) ڏنگيون () Brackets (4) سوالي نشاني ؟ Question Mark (5) عجب جي نشاني ! Exclamation mark يا ندا جي نشاني (6) (يڪوئيون) واڪ جون نشانيون Single inverted commas (7) ٻٽيون واڪ جون نشانيون ”“ Double inverted commas 3. ٻٽيون يا مرڪب: (1) ٻڙي ٻڙي ٻڙي ... Hiatus (2) ٻھ ٻڙيون ليڪ :- Pointer (3) ڏنگين ۾ سوال جي نشاني (؟) Bracketed Question mark (4) ڏنگين ۾ عجب جي نشاني (!)Bracketed sign of Exclamation ابتدائي نشانيون: (1) ٿورو دم (، )، هيءُ نشاني ڪنهن به جملي جي جوڙجڪ لاءِ مُک هوندي آهي، جتي (۽) جو استعمال ڪبو، اُتي (، ) جو استعمال نه ٿيندو، پر ڪِن صورتن ۾ (۽) جي استعمال سان گڏ به (، ) هي نشاني ڪتب آڻبي، جتي خيال کي موڙ ڏبو. مثال طور: نور محمد ڪراچيءَ ويو، ۽ ويچارو ڪار حادثي ۾ گذاري ويو. هتي ڪراچيءَ وڃڻ ته مقصد هو، پر حادثو پيش اچڻ ”خيال کي نئون موڙ آهي.“ (2) اڌ دم (؛ )، هيءُ نشاني هُن (، ) نشانيءَ کان ٿوري زور ڀري آهي، هن کي اُن وقت استعمال ڪبو، جڏهن شين کي ڌار ڌار ڪبو. مثال طور: اسان جي ملڪ ۾ 4 بنيادي خاميون آهن. ڪرپشن؛ ناانصافي؛ اقربا پروري ۽ رُشوت. ساڳيا لفظ نمبر ڏئي به واضح ڪري سگهجن ٿا، پر جملي کي وڌيڪ مؤثر ۽ سُهڻو بڻائڻ لاءِ ’اڌ دم‘ ڏيڻ لازمي آهي. (3) دم (: )، اڌ کان پوءِ وڌيڪ زور ڀري نشاني ”دم“ آهي. پوري دم کان ڪجھھ گھٽ زور اٿس. اصل هيءَ نشاني پٺيان ايندڙ ڪنھن تفصيل يا وضاحت جي ڪري ڏني ويندي هئي ؛ پر گھڻي استعمال جي ڪري انھيءَ مان ٻيا بھ ڪارج ملڻ لڳا. دم استعمال تڏهن ڪبو آهي، جڏهن جملا تمام وڏا هوندا آهن ۽ ڪيترن ئي مداري جملن جي ذريعي ڳنڍيل ۽ ڳتيل هوندا آهن. ڪنھن پيچيدي خيال کي بيان ڪرڻ ۾ لازمي طرح ڊگھا جملا ڪم آڻڻا پوندا آهن : انھن کي صاف ۽ واضع ڪري بيھارڻ ۾ دم گھڻي مدد ڏئي ٿو . (4) پورو دم (. ) جتي جملو پورو ٿيندو، اُتي دم ڏبو. جن نالن جو يا ڊگرين وغيره جو مخفف ٿئي ٿو، اُتي دم جو استعمال ڪبو. مثال طور نالن جو مخفف: جي.ايم.سيد- ايم.ايڇ.پنهور وغيره ڊگرين جو مخفف: پي.ايڇ.ڊي- ايم.فل- ايم.اي وغيره ثانوي نشانيون: (1) ليڪ (-) خيال جي اظهار ۾ ليڪ – تمام وڏو ڪم ڏيندي آهي. مثال طور: هُوءَ اڄ نئين رنگ ۾ هُئي- سماج لاءِ فخر لائق هُئي. (2) ڳنڍيندڙ ليڪ (- )ڪي به مُرڪب لفظ ٺهڻ لاءِ ڳنڍيندڙ ليڪ جي نشاني ڏبي. مثال طور: رنگ – رتيءَ لهر، نيڻن – ڍنڍ، برقياتي – لهر، من- آڳنڌ. (3) ڏنگيون () ڪنهن به شيءِ کي واضح ڪرڻ لاءِ ننڍي ڏنگي جو استعمال ڪبو. مثال طور: هن ڪتاب ۾، سنڌ جي فقط اڍائي صدين (1592ع کان 1843ع تائين) جي اقتصادي تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي . (4) ٻٽيون واڪ جون نشانيون: (”“ ) جنهن به لکڻيءَ ۾ ڪو حوالو کڻبو ته اُتي هن نشاني (”“) جو استعمال ڪبو، ٻي صورت ۾ ننڍي ڪاما کي ڪتب آڻبو. اهڙيءَ ريت ٻين ’ثانوي نشانين‘ ۽ ’مُرڪب نشانين‘ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي، اُن بعد سوال جواب پڻ ٿيا ۽ تربيت وٺندڙن ۾ اداري پاران ’سند‘ ڏني وئي. هن موقعي تي تربيت وٺندڙن اصرار ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري کي گهرجي ته هن موضوع جو مواد ننڍڙي ڪتابچي جي صورت ۾ ڇپرائي هر ورڪشاپ ۾ اُن جون ڪاپيون ورهايون وڃن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ورڪشاپ جي پُڄاڻيءَ تي ورڪشاپ جي ڪو آرڊينيٽر نواز ڪنڀر ڳالهائيندي چيو ته: اسان سانگهڙ واسي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، جنهن هن قسم جو اهم ورڪشاپ منعقد ڪري ڄاڻ ڏني، هُن وڌيڪ چيو ته سانگهڙ، سنڌ جو اُهو تاريخي شهر آهي، جتي رهندڙ ٻين قومن جي ماڻهن به سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجايو آهي. زاهد اوٺي (پروگرام آفيسر) تربيت وٺندڙ استادن ۽ صحافين جا اداري پاران ٿورا مڃيندي چيو ته: سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران سڀني ضلعن ۾ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيا پيا وڃن، هن کان پهرين ٽنڊي محمد خان ۽ سجاول ضلعن ۾ ورڪشاپ ڪري چُڪا آهيون، هي ٽيون ورڪشاپ آهي. هُن وڌيڪ چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمئن آفيس جي مصروفيتن سبب شريڪ نه ٿي سگهيو، پر هُو جلد سانگهڙ جو دورو ڪري خانگي اسڪولن جي مالڪن ۽ صحافين سان ملاقات ڪندو. ورڪشاپ جي پُڄاڻيءَ تي تربيت وٺندڙن کي اداري پاران ماني کارائي وئي ۽ اداري جي وفد سانگهڙ پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل ’سورهيه بادشاهه ڪتابي ميلي‘ ۾ شرڪت ڪري اداري جي نمائندگي ڪئي ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان پڻ ملاقات ڪئي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي