سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪرايل قومي ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن (ٻي نشست)

قومي ڪانفرنس جي ٻي نشست جي صدارتي خطاب ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيو ته تربيت دوران تصور واضح هجڻ ضروري آهي نه ته تربيت جو فائدو ناهي، ۽ تصور واضح ڪرڻ لاءِ مادري ٻولي جو استعمال بنيادي ضرورت آهي. هن چيو ته الله پاڪ انسان کي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ کيس قلم جو استعمال سيکاريو. هن چيو ته مادري ٻولي جي اهميت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي پر هميشه سنڌي ٻولي کي توڙي ٻين مادري ٻولين تي اردو ٻولي فوقيت ڏني  وئي آهي، هن چيو ته ٻولين جي خاتمي جو واحد ڪارڻ انهن جو مناسب استعمال نه ڪرڻ آهي اسان سڀني کي گهرجي ته وڌ کان وڌ سنڌي ٻولي جي استعمال کي يقيني بڻايون تڏهن ئي ٻولي محفوظ ٿي سگهي ٿي. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شوري خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته قومن جي زوال کان بچڻ جو هڪ طريقو ٻولين جي ترقي ۽ تحفظ پڻ آهي. هن چيو ته مادري ٻولي ۾ ٻڌايل ڳالهه دل تائين پهچي ٿي ۽ دماغ تي نقش ڇڏي ٿي. هن چائينيز ٻولي جي سکيا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، هن چيو ته سي.پيڪ منصوبي کانپوءِ هن ٻولي ۾ تربيت حاصل ڪرڻ پڻ اهم آهي. ڊاڪٽر سڪندر شوري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي حوالي سان افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته ان حوالي سان جنهن سطح تي ڪم ڪرڻ گهرجي ها اوترو ڪم نه ٿي سگهيو آهي پر هاڻي ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪئي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته نه صرف خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي لازمي پڙهايو وڃي، پر ان کي دفتري ٻولي طور پڻ رائج ڪيو وڃي. هن چيو ته اسين اردو ٻولي جي خلاف نه آهيون پر هر ٻولي جي پنهنجي افاديت هجي ٿي. هن ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي سائيٽ پڻ سنڌي ٻولي ۾ تيار ڪئي پئي وڃي. بلوچستان يونيورسٽي کان آيل ناليواري اسڪالر ۽ اديب حامد علي بلوچ بلوچي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي چيو ته بلوچي بلوچستان کان علاوه ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي، ملڪ کان ٻاهر ڪيترائي بلوچي رهن ٿا پر بلوچي ٻولي کي سرڪاري ٻولي طور صوبي اندر به قبول نٿو ڪيو وڃي. بلوچي ٻولي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، بلوچي ٻولي هميشه سرڪاري عتاب هيٺ رهي آهي. مادري زبان کان سواءِ ڪنهن به قوم جي ڪا به سڃاڻپ نه هوندي آهي، سردار اختر مينگل جي حڪومتي دؤر ۾ مادري ٻولي بلوچيءَ جي ترقي لاءِ قدم کنيا ويا جنهن دوران پرائمري نصاب ۾ مادري ٻوليءَ کي لازم قرار ڏنو ويو ۽ ٻارنهين ڪلاس تائين آپشنل مضمون طور شامل ڪرايو جنهن جي وڃڻ کانپوءِ بلوچي زبان جي مالڪي نه ٿي. خيبر پختونخواهه مان آيل نامور اسڪالر ڊاڪٽر عبدالله جان عابد پشتو ٻوليءَ بابت مقالو پيش ڪندي چيو ته ٻار جي تربيت پنهنجي مادري زبان ۾ ٿيندي آهي ۽ مادري زبان ئي مضبوط رشتا ٺاهيندي آهي ۽ ٻار کي تعليم به مادري زبان ۾ ڏني وڃي تڏهن ئي اسان پنهنجي تعليم وڌائڻ سان گڏ ٻولي کي پڻ بچائي سگهون ٿا. هن چيو ته هر قوم جو پنهنجي مادري زبان سان مضبوط ۽ جذباني رشتو هوندو آهي. لاهور مان آيل ناليواري اسڪالر ۽ اديب جميل احمد پال پنجابي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي چيو ته اسان پنجابي ٻوليءَ وارا سنڌي ٻوليءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا. پاڪستان ۾ پنجابي ٻولي سميت ڪنهن به ٻولي تي ايترو ڪم ناهي جيترو سنڌي ٻولي تي ڪم ٿيو آهي، اسان سنڌي تي رشڪ ڪريون ٿا. انگريزن جو پنجاب تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ پنجابي قوم جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان جا ست اٺ نسل پنجابي ٻوليءَ کان محروم رکيا ويا. هن چيو ته هڪ اهڙو ادارو ٺاهيو وڃي جنهن ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي هجي جنهن سان ٻوليءَ ماءُ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهجي. ناليواري دانشور جامي چانڊيي چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي سنڌي اسان جي سڃاڻپ آهي، ٻوليون پنهنجي جوهر ۾ حسين هونديون آهن، ڪنهن به ٻوليءَ سان تعصب نه رکڻ گهرجي. جيسيتائين وفاق ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي تيسيتائين سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي نافذ ڪري سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان بل منظور ڪرايو وڃي. هن چيو ته سنڌي ٻولي جي جياپي لاءِ ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻو پوندو. ٻولي اها بچندي جيڪا ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندي. نامور دانشور انعام شيخ چيو ته ڪنهن کان اگر مادري زبان جو حق کسيو وڃي ان کي جيئڻ جو ڪو به حق نٿو بچي. روزانو انگريزي جا ڏهه لفظ سنڌيءَ ۾ وڌي رهيا آهن جنهن طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، هن چيو ته سنڌي ماڻهو جو سنڌي ٻولي سان جذباتي وابستگي آهي، سنڌي ٻوليءَ جا اٺ نو چئنل آهن اهي سرڪار ناهن قائم ڪرايا پر اسان جي ماڻهن قائم ڪيا آهن جيڪو ٻولي سان پيار جو ثبوت آهي.

ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ٺهراءُ پيش ڪري منظور ڪيا ويا انهن ۾:

  1. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي آئين ۾ اهڙي گنجائش موجود آهي، ان ڪري چئني صوبن ۾ اتان جي ٻولين، ’سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو‘ کي قومي ٻوليون مڃيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان بل پاس ڪرائي آئيني ترميم ڪئي وڃي.
  2. يونيسڪو جي پاس ڪيل بين الاقوامي اصول موجب اهو هر ٻار جو بنيادي حق آهي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ پرائمري سطح تائين پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي، ان بنيادي حق جي روشنيءَ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ تعليم جي وزارتن کان ٻار جي انهيءَ بنيادي حق تي عمل ڪرائڻ جي گُهرڪجي ٿي.
  3. ملڪي سطح تي چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن (Competitive Examinations) لاءِ سنڌ ۾ سنڌي ۽ ٻين صوبن جي رهواسين کي پنهنجو امتحان پنهنجي مادري ٻولين ۾ ڏيڻ جو اختيار ڏنو وڃي.
  4. سنڌ ۾ موجود سمورن غير سرڪاري اسڪولن کي قانوني طور پابند بنايو وڃي ته اهي سنڌي ٻوليءَ جي لازمي تدريس واري گهرج پوري ڪن ۽ اهڙي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.
  5. سنڌي ٻوليءَ جي دفتري حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ 1994ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وزير اعلى سيد عبدالله شاهه طرفان ڏنل هدايتن (Directives) تي نڪتل نوٽيفڪيشن تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي.
  6. سنڌ ۾ ڪاروبار ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين جي وڪري وارين شين تي ڏنل ڄاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ به لکي وڃي.
  7. سنڌ ۾ موجود مختلف بئنڪن جي ’اي.ٽي.ايمز‘ جي سافٽ ويئر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيو وڃي.
  8. سنڌ ۾ قائم سمورين يونيورسٽين ۾ جتي جتي سنڌي شعبا قائم ٿيل آهن انهن کي ’انسٽيٽيوٽس‘ ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ جتي سنڌي شعبو قائم ٿيل نه آهي اُتي جلد کان جلد سنڌي شعبي جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.
  9. پاڪستان ۾ هلندڙ ڪرنسي نوٽن تي سنڌي ٻولي به لکي وڃي، جيئن ماضي ۾ هڪ روپئي ۽ پنجن روپين وارن نوٽن تي سنڌيءَ ۾ لکيل هوندو هو.
  10. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي وڌيڪ قانون سازيءَ ذريعي صحيح معنيٰ ۾ ائين ’بااختيار‘ بنايو وڃي، جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ موجود ’لئنگئيج اٿارٽين‘ کي اختيار ڏنل آهن.

 

پاڪستان جي سمورين مادري ٻولين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ انهن جي تقابلي مطالعي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ابتدائي طور سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي نگراني هيٺ هڪ انسٽيٽيوٽ/بورڊ قائم ڪري ڪم جي شروعات ڪئي وڃي. گڏوگڏ هن اداري جي باقاعده قيام بابت سنڌ حڪومت سان لکپڙهه کي يقيني بڻايو وڃي.

 

اداري جو نالو:

(1) انسٽيٽيوٽ فار پروموشن آف مدر لئنگُيجز اسٽڊيز (Institute for the Promotion of Mother Languages Studies)

(2) (IMLS) انسٽيٽيوٽ آف مَدر لئنگُيجز اسٽڊيز (Institute of Mother Languages Studies)

(3) (ICSML) انسٽيٽيوٽ فار ڪمپيريٽو اسٽڊيز آف مَدر لئنگُيجز (Institute for Comparative Studies of Mother Languages)

 

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي