سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس

مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري  پاران ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته اڄ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ تاريخ ساز ڏينهن آهي جڏهن سنڌي ٻولي کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڪوششن، امر فياض ۽ سندس ساٿين جي محنت سان OCR جهڙو هڪ بهترين سافٽ ويئر تيار ڪري نه صرف موجوده دؤر پر ايندڙ نسلن تي هڪ احسان ڪيو آهي جيڪو کين تاريخ ۾ جيئرو رکڻ لاءِ ڪافي آهي. سنڌي ٻولي هن وقت جديد ٻولين ۾  شامل ٿي وئي آهي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ موهن جي دڙي تي ڪرايل عالمي ڪانفرنس بابت سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته اڄ کان ويهه سال اڳ منهنجو خواب هو ته آءٌ موهن جي دڙي تي اهڙي ڪانفرنس ڪرائي ان جي اهميت کي دنيا اڳيان آڻيان ۽ سنڌو ماٿري جي تهذيب کي ڀٽي صاحب کانپوءِ عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريان ۽ منهنجي ان خواب کي ساڀيان ملي جنهن تي سنڌ حڪومت يا ڪنهن اشتهاري اداري جو هڪ روپيو به خرچ نه آيو آهي ۽ نه ئي 38 ڪروڙ موهن جو دڙو ڪانفرنس تي خرچ ٿيا آهن، عالمي سطح جي ڪانفرنس تي صرف 2 ڪروڙ 30 لک روپيا خرچ ٿيا. هن چيو ته انهيءَ عالمي ڪانفرنس ذريعي دنيا جي بهترين آرڪيالاجي ماهرن کي گهرايو ويو جن موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ جٽادار تجويزون ڏنيون جن تي عمل ڪري اسين موهن جي دڙي جهڙي عظيم ۽ قديم ماڳ کي محفوظ ڪري سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته نه صرف موهن جو دڙو پر سنڌ جي هر تاريخي ماڳن جي حفاظت، ترقي ۽ تعمير کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪلچرل ڪاريڊور قائم ڪري رهيا آهيون، هن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي مجيب پيرزادي، يوسف ٽالپر ۽ ماروي ميمڻ پاران پيش ڪيل قراردادن کي رد ڪيو ويو جڏهن ته هن وقت سينيٽ ۾ ان حوالي سان ٻه قراردادون پيش ڪيل آهن جن ۾ هڪ ڪريم خواجه ۽ ٻي سسئي پليجو ۽ عاجز ڌامراهه پاران پيش ڪيل آهن جن کي مشورو ڏنو آهي ته مجموعي طور تي هڪ ئي قرارداد پيش ڪئي وڃي جيڪا لاڀائتي ثابت ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پڪي قلعي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ آبادي آهي، ۽ پڪي قلعي جي ديوارون زبون حالي جو شڪار آهن جن جي بحالي لاءِ اتان جي چونڊيل عوامي نمائندن جي مدد سان قلعي جي ديوارون جي تعمير ڪرائي ويندي. ان موقعي تي صوبائي وزير اعلان ڪندي چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪالوني جوڙائي ويندي ۽ اٿارٽي جي هال کي وسيع ڪرائي آڊيٽوريم جي شڪل ۾ ٺهرايو ويندو. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 21 فيبروري مادري ٻولين جي حوالي سان اڄ جي ڪانفرنس اهم آهي، سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو پنهنجي ماءُ ٻولي سان پيار ڪري ٿو ۽ هن ڪانفرنس جو مقصد سنڌي ٻولي جو بچاءُ، ۽ حفاظت لاءِ ڪم ڪرڻ بابت ماهرن جون تجويزون گڏ ڪرڻ آهي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبي کان پوءِ چائنيز ٻولي جي اهميت وڌي آهي ان سلسلي ۾ اسين چاهيون ٿا ته اسان جو مزدور يا ڊرائيور جڏهن بيجنگ پهچي ته اتان جي ماڻهن کي شاهه لطيف جو ڪلام چائينيز ٻولي ۾ ٻڌائي، ان ڏس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چائينيز ٻولي سکيا ڪورس مرڪز قائم ڪيا ويندا ۽ ان حوالي سان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن سان پڻ مشاورت ڪئي وئي آهي، لئنگئيج اٿارٽي ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته هن ڏينهن جو مقصد اهو آهي ته سڀني کي ٻولي ۽ ڪلچر بابت آگاهي ڏيون، اڄوڪو ڏينهن ان ڳالهه جي گواهي آهي ته اسان قومي ٻوليءَ جي جدوجهد ۾ شامل آهيون. اسان پاڪستان جي ٻين سڀني ٻولين سان ڀائيچارو ڪرڻ چاهيون ٿا، سنڌي ٻولي ادارو قائم ئي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ آهي، جنهن لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، سنڌي ٻوليءَ کي جديد دؤر جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪمپيوٽنگ ضروري آهي، اسان جيسيتائين نوجوانن کي اڳتي نه آڻينداسين، تيسيتائين سنڌي ٻولي کي ترقي ڏياري نه سگهنداسين. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ ضلعي سطح تي پروگرام ڪرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ صحافي، استاد ۽ شاگرد شامل آهن. نامور اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان تاريخ ساز مرحلي مان گذرون پيا، پاڪستان سرڪار توڙي پارليامنٽ اسان جي ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، سنڌي ماڻهن لاءِ ناڪاري تاثر ڏيکاريا وڃن ٿا. سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ نوجوان نسل شروعات ڪئي آهي، اسان ٻولي متعلق ٻين کي چوڻ بجاءِ پاڻ کي ڏسون ته اسان ڇا ڪيو آهي، اسان ايس.ايم.ايس به سنڌي ۾ نٿا ڪريون، سنڌ سرڪار خانگي اسڪولن کي لائسنس ڏئي پئي، اهي چون پيا ته اسڪولن ۾ سنڌي نصاب بدران پنجاب بورڊ جو نصاب پڙهايو ويندو، خانگي تعليمي ادارا نيشنل، عربي، چيني، انگريزي پڙهائڻ لاءِ تيار آهن پر سنڌي پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر فقيرداد کوسي چيو ته ماجد ڀرڳڙي جي خواب کي امر فياض ۽ سندس سٿ پاءِ تڪميل تي پهچايو آهي، سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽنگ جي مقابلي ۾ آڻڻ تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي، سنڌي ٻولي کي هٿي ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ رومن سنڌيءَ ۾ ايس.ايم.ايس ڪيون. ناليواري صحافي ۽ شاعر نياز پنهور چيو ته وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڄ جو ڏينهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، جنهن دؤر ۽ چئلنجز مان گذرون پيا ان لاءِ دوست ڪم ڪن پيا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي اهو ڪم ڪيو، جيڪو بظاهر مشڪل هو پر اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو. تنقيد ڪرڻ نهايت ئي آسان آهي پر ڪنهن جي قدر شناسي ڪرڻ نهايت ئي ڏکيو ڪم آهي. ان موقعي تي ڪمپيوٽنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي ’ڪمپيوٽنگ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اکر شناس (Optical Character  Recognizer) سنڌي گرامر جي خودڪار ترڪيب ڪاريءَ جي آن لائين سرشتن جو افتتاح‘ ڪيو ۽ ان دوران امر فياض ڳالهائيندي چيو ته آن لائين ٻولين ۾ سنڌي ٻولي اها خوش نصيب ٻولي آهي، جنهن جو ايشيا ۾ سڀ کان وڏو پورٽل آهي جنهن ۾ ساڍا ڇهه لک کان وڌيڪ لفظ شامل آهن، گذريل ڏيڍ سال کان OCR لاءِ ڪوششون ڪيون جنهن جي اڄ ڪاميابي ملي آهي. OCR جو وڏو فائدو تصويري ڪتابن کي لکت جي صورت ۾ آڻڻ آهي، OCR جي مدد سان سنڌي فانٽس ۾ ’ايم بي لطيفي، عوامي ۽ ادبي فانٽس کي پڙهي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ کي مسمار ٿيڻ جو خطرو آهي، اسان کي پنهنجي ٻولي بچائڻي پوندي. ڪانفرنس ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران تازو ڇپايل 19 ڪتابن: ’سنڌي لوڪ گيت ۽ ٻولي جي اوسر‘ (ڊاڪٽر پرسو گدواڻي)، ’راحة المومنين‘ (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)، ’سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس‘ (جئرام داس دولترام)، ’سنڌيءَ ۾ گرامر نويسي جي ارتقا‘ (شازيه پتافي)، ’ناميارا سائنسدان- 1‘ (قاضي منظر حيات)، ’ناميارا سائنسدان- 2‘ (قاضي منظر حيات)، ’ناميارا سائنسدان- 3‘ (قاضي منظر حيات)، ’سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ-1‘ (خالد آزاد)، ’سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ-3‘ (خالد آزاد)، ’فنِ تحرير جي تاريخ ‘ (غلام حسين رنگريز)، ’حميد سنڌي: هڪ اڻٿڪ انسان‘ (نصير مرزا)، ’زرعي سائنس‘ (محمد خان جروار)، ’سنگيت سنسار‘ (سيد حاڪم علي شاهه بخاري/عثمان ميمڻ)، ’فرائض الاسلام‘ (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)، ’سنڌي پهاڪا: لسانياتي، سماجي ۽ ثقافتي اڀياس‘ (ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي)، ’لغات لطيفي‘ (مرزا قليچ بيگ)، ’سنڌي ٻولي تحيقي جرنل‘، ’آئيي سنڌي سيکهين‘ (ڊاڪٽر فهميده حسين) ۽ ’سنڌي لئنگئيج‘ (سراج) جو مهورت پڻ ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ سنڌ سميت پاڪستان جي ناليوارن ٻولي ماهرن جميل احمد پال، نسيم احمد، حامد علي بلوچ، تاج جويي، نصير مرزا، رسول بخش درس، محمد علي ڏيپلائي، ڊاڪٽر  شير مهراڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ٻڄاڻي محفل موسيقي ۾ ناليواري راڳين ذوالفقار علي، مظهر حسين، برڪت فقير، استاد امير علي ۽ ٻين سُر وکيريا.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي