سنڌ جي مختلف علائقن خاص ڪري ٻهراڙين جي شاگردن لاءِ هڪ تربيتي رٿا

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سنڌ جي مختلف علائقن خاص ڪري ٻهراڙين جي شاگردن لاءِ هڪ تربيتي رٿا جوڙي وئي آهي، جنهن سان پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج کان سواءِ شهري تعليمي ۽ تربيتي ماحول کان روشناس ڪرايو پيو وڃي. هن سلسلي ۾ خميس تي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڌاٻيجي جي استادن، نائين ۽ ڏهين درجي جي شاگردن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو دؤرو ڪيو، جتي کين اداري جي مختلف شعبن کاn متعارف ڪرايو ويو ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ٿيندڙ ڪم جي به کين ڄاڻ ڏئي وئي. استادن ۽ شاگردن جي آجيان ڪندي اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته اسان جو فرض آهي ته سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي ٻولي ڏانهن متوجهه ڪريون ۽ انهن جي ٻوليءَ جي حوالي سان تربيت ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته استاد جو فرض آهي ته نوجوان نسل کي باشعور بڻائي.

هن موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحميد ميمڻ اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ۽ هن صاحب اٿارٽيءَ جي انتظاميه جا ٿورا مڃيا.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي