”ٻوليءَ جو درست استعمال“ بابت تربيتي ورڪشاپ

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ”ٻوليءَ جو درست استعمال“ بابت ضلعي سطح تي مقامي صحافين ۽ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي تربيتي ورڪشاپ جي سلسلي ۾ 2 فيبروري 2017ع تي سجاول ضلعي جي صحافين ۽ استادن جي تربيت گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول جي هال ۾ ڪرائي ويئي. جنهن ۾ صحافين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محترم محمد ابراهيم ميمڻ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري تربيت جي شروعات ڪئي، محترم وفا حسين جت ڀٽائي سرڪار جي وائي ۽ محترم ذاڪر حسين کي آجياڻي تقرير ڪري مهمانن ۽ اٿارٽيءَ انتظاميه جا هن تربيت ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته صحافي ۽ استاد اهو طبقو آهن جيڪي ايندڙ نسلن جي تعمير ۽ سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو عملي ڪردار نڀائين ٿا. جن جو علم ۽ قلم ايندڙ وقت تي اثرانداز ٿيڻا آهن، هن چيو ته صحافت جو پيشو انگريز دو*ر کان شروع ٿيو صحافي جي ڪنهن به سماج لاءِ تمام وڏي ذميواري هوندي آهي اهو سچائيءَ کي پرکي ۽ پروڙي سماج اڳيان پيش ڪندو آهي، هن چيو ته ٻوليءَ جو بگاڙ ٿي رهيو آهي ان لاءِ استادن ۽ صحافين تي وڌيڪ ذميواري آهي ته اهي هن بگاڙ کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائين ٻولي اٿارٽي ضلعي سطح تي وڃي هن قسم جي تربيت ڪرائڻ جو آغاز ڪيو آهي.

نامياري اديب محترم تاج جويي تربيت ڏيندي چيو ته انسان جڏهن کا جنم ورتو آهي تڏهن کان هڪ ٻئي سان رابطي جو سلسلو شروع ڪيو ڳالهائڻ وقت مختلف ڪيفيتون ٿينديون آهن ڏک ۽ خوشي جي الڳ الڳ ڪيفيت ٿيندي آهي مطلب هر عمل جي پنهنجي ڪيفيت هوندي آهي. محترم تاج جويي بورڊ وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي بيهڪن، اشارن ۽ ڪيفيتن بابت ليچر ڏنو.

تربيتي ورڪشاپ تي شهر سجاول جي ساڃاهه وند محترم دائود امر ميمڻ پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ کي محترم زين العابدين قريشي آرگنائيز ڪيو اداري پاران پروگرام آفيسر محترم زاهد اوٺي ۽ پبلڪ رليشن آفيسر محترم سليم جروار پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي