سنڌي لوڪ ادب ڏيهاڙو- ڪنوينشن

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي ناليواري محقق، ڏاهي، ٻولي ماهر، لغت نويس ۽ لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 99هين سالگره جي موقعي تي ڊاڪٽر اين.اي بلوچ هال ۾ ’سنڌي لوڪ ادب ڏيهاڙو‘ ملهايو ويو جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ سرائيڪي پٽي جي سگهڙن شرڪت ڪئي، لوڪ ادب ڪنوينشن جي صدارت پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ڪئي، صدارتي خطاب ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيو ته بلوچستان، پنجاب، هندستان ۽ ايراني سرحدون توڙي سنڌ کان ٻاهر آهن پر اهو سڄو علائقو قديم سنڌ جو آهي جتي اڄ به سنڌي ثقافت جيئن جو تيئن موجود آهي. انٽرنيٽ جي دؤر ۾ ان سنڌ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سولو ٿي ويو آهي، هن چيو ته مشيني واڌ ويجهه کان پوءِ رهڻي ڪهڻي، لباس، زيورن ۽ استعمال وارين شين ۾ وڏو فرق اچي چڪو آهي تنهنڪري پراڻين شين کي بچائڻ لاءِ انهن نالن ۽ شڪلين جي ڊاڪيومينٽريز ٺهڻ گهرجن. ناليواري اديب محترم تاج جويي چيو ته سنڌي سگهڙن ۽ عالمن ارغون ۽ ترخان دؤر ۾ وڏيون سختيون برداشت ڪيون پر پوءِ پنهنجي ٻولي ۾ شاعري ڪري ٻولي جي آبياري ڪئي. هن چيو ته پرائمري استاد ۽ سگهڙ ٻوليءَ جا حقيقي محافظ ۽ رکوال آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻهراڙين ۾ نج ٻولي استعمال هئڻ سبب ڻ-ڃ-ڙ سان شروع ٿيندڙ شڪاري دؤر واري اصلي ٻولي جا لفظ اڄ به موجود آهن، سنڌي ٻولي اٿارٽي جي ڪمپيوٽنگ ماهر محترم امر فياض ٻرڙي چيو ته نيٽ تي ٺهندڙ سنڌي لغت ۾ سنڌي ٻولي جا گهڻي کان گهڻا لفظ شامل ڪنداسين ته پنهنجي ٻوليءَ کي وڌيڪ محفوظ ڪري سگهنداسين. هن چيو ته انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي. تمام گهٽ وقت ۾ اسان ٻولي کي وڏي مقام تي پهچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لائق فرزند محترم ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ چيو ته ڳجهارت وڏو فن آهن، جنهن ۾ ڳجهه کي ڳولڻو پوي ٿو، سنڌي لوڪ ادب تي جيترو ڪم ٿيو اهڙو ڪنهن به ٻولي ۾ لوڪ ادب تي ناهي ٿيو. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب تي وڏو ڪم ڪري 42 ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ کي بغير ڪنهن معاوضي جي ڏنا. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سگهڙن جي مقابلن ۾ ڪجهه اصول طئي ڪيا هئا جن ۾ ڳجهارت جو سُر ٻڌائڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي چيو ته سگهڙن عاجزي واري انداز سان پنهنجي ٻوليءَ جي سنڀال هر ڏکڻي دور ۾ ڪئي آهي هن چيو ته مون اُٺ بابت تحقيق ڪندي سنڌيءَ ۾ اٺ لاءِ استعمال ٿيندڙ 52 نالا هٿ ڪيا آهن جن ۾ وڌيڪ لسٻيلي ۽ ڪڇ جي سگهڙن جي شاعريءَ مان مليا آهن، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي باني محترم عاجز رحمت الله لاشاري چيو ته اڄ لوڪ ادب جي تمام وڏي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي سنڌي لوڪ ادب ڏيهاڙو ملهائي ان کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر بلوچ جهر جهنگ وڃي لوڪ ادب کي سهيڙيو ۽ ان ڪم سنڌي لوڪ ادب کي هميشه لاءِ جياپو ڏنو آهي. لوڪ ادب ڪنوينشن کي محترم علي ڏني نظاماڻي، محترم محمد جمن ڀٽي، محترم غلام محمد منگي پڻ لوڪ ادب تي ڳالهايو. تقريب ۾ چئن سگهڙن جي ڪتابن جو مهورت پڻ ڪيو ويو. تقريب ۾ حسن درس اڪيڊمي جي انور سولنگي ۽ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب تنظيم جي سربراهه عاجز رحمت الله لاشاري کي سندن خدمتن عيوض اوارڊ ڏنا ويا.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي