شعبن جي سربراهن سان گڏجاڻيون

چيئرمئن صاحب جي هدايتن تي هر هفتي جي پهرين اڱاري تي صبح جو 11 وڳي اداري جي سربراهن جي گڏجاڻي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي پهرين گڏجاڻي 30 نومبر 2016ع تي ٿي، جنهن ۾ سمورن شعبن جي انچارجن شرڪت ڪئي، چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هي ادارو هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اداري جي ڪاميابي لاءِ هتي ڪم ڪندڙ هرعملدار توڙي ملازم جي سچائي، نيڪ نيتي سان ٽيم ورڪ طور ڪم ڪرڻ ضروري آهي جنهن سان ڪم ۾ آساني ٿيندي ۽ ادارو پنهنجي هر فن تي پهچي سگهندو. هن چيو ته اداري جا سربراهه تبديل ٿيندا رهندا آهن اهي پنهنجي آئيڊياز موجب اداري جي مقصدن کي سامهون رکندي ڪم ڪندا آهن پر اصل ڪم ته ملازم ڪن ٿا تنهن ڪري هر عملدار توڙي ملازم قابل عزت ۽ احترام آهي. اسان گڏيل طور سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، گڏجاڻي ۾ سمورن شعبن جي ڪارڪردگي تي تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ طئي ٿيو ته هفتيوار گڏجاڻي ڪري ڪم ڪارين بابت آگاهي ڏني ويندي، جڏهن ته مهيني ۾ ماهوار رپورٽ لکت ۾ جمع ڪرائي ويندي. گڏجاڻي  ۾ مجموعي طور ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي