ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌ جي نامياري شاعر، صداڪار ۽ صحافي پرواني ڀٽي جي حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ عيادت ڪئي

7 نومبر 2016ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ سنڌ جي نامياري شاعر، صداڪار ۽ صحافي پرواني ڀٽي جي حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ عيادت ڪئي، ان موقعي تي اٿارٽي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته پروانو ڀٽي سنڌي شاعري جو تمام وڏو نالو هئڻ سان گڏ هو بهترين صحافي، صداڪار ۽ اداڪار به رهيو آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ تعليم کاتي ۾ استادي جهڙي پيشي ۾ رهي هن تعليم جي پڻ خدمت ڪئي ۽ بعد ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي شخصيت جي صحبت ۾ رهي هو صحافت جي ميدان ۾ لهي پيو. هن چيو ته پرواني ڀٽي هڪ پوليس سپاهي جي گهر ۾ اک کولي ۽ هو پاڻ به سنڌي ادب ۽ ٻولي جو سچو سپاهي ٿي رهيو. هن چيو ته پرواني ڀٽي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آيو آهيان، الله کيس صحت ڏي ۽ هو ٻيهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪري. ان وقت سيڪريٽري محترم هارون عنايت عباسي، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي صدر محترم رفيق عيساڻي، محترم سليم جروار پڻ موجود هئا.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي