سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جا شعبا

 

سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل شعبو:

اداري پاران شايع ٿيندڙ ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل کي هن وقت نئين انداز سان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسيءَ تحت جاري ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ جون 2016ع ۽ ان کان پوءِ وارا شمارا هيڪ  (HEC)جي معيار تحت ڇپجن ٿا. هن تحقيقي جنرل ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر اسڪالرن ۽ محققن جا مقالا شايع ٿيندا آهن.

آڊيو ويوئل سيڪيشن

اداري اندر ۽ ادري کان ٻاهر اداري جي پروگرامن جي رڪارڊنگ، فوٽوگرافي ۽ ٻين اهڙن ادارن ۽ تنظيمن جا پروگرام ادبي ۽ ثقافتي پروگرام رڪارڊ ، ايڊٽ ڪري محفوظ بنائڻ جن سان سنڌي ٻوليءَ جي باختيار اداري جو سهڪار هوندو آهي. اهي سڀ ڪم اداري جي آڊيو ويوئل شعبي جي ذميوارين ۾ شامل آهن. انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ (EFT) جي مالي سهڪار سان هن شعبي اندر هڪ جديد آڊيوويوئل اسٽوڊيو پڻ قائم ٿيل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي سندن حياتيءَ ۾ رڪارڊ ڪري سندن فن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي. هيءُ شعبو ريڊيو اسپولس جي شڪل ۾ موجود سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ڊرامن کي سي ڊين تي ڪاپي ڪري محفوظ ڪري چڪو آهي ۽ اهو ڪم هلندو آهي.

ميڊيا سيل:

2017ع جي شروعات کان اداري جي پبلڪ رليشن شعبي کي جديد گهرجن موجب وسيع ڪندي ميڊيا سيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اداري جي سرگرمين جي باري ۾ ميڊيا تي خبرون پهچائڻ ابلاغي ادارن سان رابطا ڪاري اداري جي مختلف پروگرامن ۽ سيمينار وغيره جي رپورٽ تيار ڪرڻ، اداري جي سالياني رپورٽ، ٽه ماهي بلٽين تيار ڪرڻ، مختلف سماجي حلقن طرفان اداري تي ٿيندڙ تنقيد ۽ اخبارن ۾ ايندڙ منفي خبرن جي وضاحت ڪرڻ هن شعبي جي ذمي آهي. ان کانسواءِ هن ميڊيا سيل طرفان ۽ سوشل ميڊيا تي به اداري جي سرگرمين جي تشريح ڪئي ويندي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي رٿابنديءَ ۽ ترقي وارو شعبو:

سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ واڌاري واران مقصدن جي حاصلات لاءِ اسڪيمون تيار ڪري سنڌ حڪومت کان ADP ذريعي مالي معاونت حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ رٿابندي وارو شعبو اداري جي اهم شعبن ۾ شمار ٿئي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي ڊڪشنري بورڊ، سنڌي بريل، سگهڙن جي ڪچهرين (لهجا) وغيره جهڙيون اسڪيمون هن شعبي معرفت، سنڌ حڪومت کان منظور ٿي تڪميل تي پهتيون آهن. هن وقت هن شعبي طرفان، اداري اندر ايف ايم چئنل شروع ڪرڻ لاءِ هڪ اسڪيم سنڌ حڪومت کي موڪلي وئي آهي. جڏهن ته پئمرا جو هڪ وفد به هن سلسلي ۾ اٿارٽيءَ جو دورو ڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ لاڏائو قبيلن جي ٻوليءَ کي رڪارڊ ڪرڻ واري هڪ رٿا تي به تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. پاڪستان ريلوي، نئشنل هاءِ وري اٿارٽي، پاڪستان پوسٽ ۽ نادرا سان، سنڌ صوبي جي حدن اندر ريلوي اسٽيشنن ۽ مفاصلو ڏيکاريندڙ پٿرن جا نالا اردو سان گڏ سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ حيدرآباد شهر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل اشارا بورڊ به تبديل ٿي چڪا آهن. گڏوگڏ سنڌ جي مشاهيرن جون تصويرن واريون ٽڪليون جاري ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ هي شعبو لکپڙهه هلائي رهيو آهي.

علامه غلام مصطفيٰ ريفرنس ائنڊ رسورس سينٽر
انفارميشن رسورس سينٽر، محققن ۽ عالمن کي انتھائي اھم ۽ مددگار مواد مھيا ڪري ٿو.ھن شعبي ۾ سنڌي ٻولي بابت ڇپيل مواد کي سنڌي ٻوليءَ جي محققن ۽ شاگردن کي فائدي پھچائڻ لاءِ گڏ ڪيو ويو آھي. هن سينٽر طرفان سنڌ ڊيٽابيس ۽ ڊاڪيومينٽيشن بابت مواد گڏ ڪرڻ  جو سلسلو به جاري آهي. لائبرري ۾ مختلف ڪارنر به قائم ڪيا ويا آهن.

هن وقت رسورس سينٽر ۾ 2500 ڪتاب ۽ 1300 رسالا جن ۾ وڌو تعداد ٻوليءَ تي لکيل ڪتابن ۽ رسالن جو موجود آهي. ۽ 1958 کان اڄ تائين مختلف اخبارن جو رڪارڊ مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيل آهي، هتي روزاني 16 عدد اخبارون به پڙهندڙن جي تحقيق لاءِ خريد ڪيون وينديون آهن.

رسورس سينٽر ۾ جديد سافٽ ويئرن جي مدد سان مواد ڪمپيوٽرائيزيشن ڪيو پيو وڃي.

  1. ڪتابي مواد (LIMS)- Library Information & Management System)
  2. رسالا ۽ اخبارون (Library Manager)
  3. ڪتابن جي درجه بندي (Classification)
  4.  

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل:

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا اداري جي اهم رٿائن مان هڪ آهي، هيءَ اسڪيم 1999 ۾ اٿارٽيءَ جي وسيلن سان شروع ڪئي ويئي هئي. هي انسائيڪلوپيڊيا جي پهرين جلد جو ڪم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾، شيخ محمد اسماعيل  (مرحوم) ۽ سندن معاون ڪارڪنن ڪيو. پر ڪن حالتن سبب اهو جلد ڇپجي نه سگهيو بعد ۾ 2008عبدالقادر جوڻيجي جي دور ۾ انسائيڪلوپيڊيا جي هڪ اسڪيم تيار ڪرائي رقم منظور ڪرائي وئي هئي جنهن بعد ع ۾ ان اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو ويو هو.هن وقت تائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا 10 جلد اکر الف کان ش تائين ڏنل آهن، جنهن ۾ سنڌ، سنڌوماٿري، تهذيب، سنڌوندي، شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شهر، ڳوٺ ماڳ مڪان، شخصيتن ۽ ٻين اهم موضوعن تي نهايت مستند معلومات ڏنل آهي.

سنڌي انفرميٽڪس شعبو:

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري  پاران، سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ جي سلسلي   سال 1998 ۾ سنڌي انفرميٽڪس شعبو قائم ڪيو ويو هو.
هن شعبي وقت به وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ  جديد تقاضائن کي سامهون رکندي اهم ڪم ڪيا آهن. هن مهل تائين جيڪا ترقي ٿي آهي مختصر طور هن ريت آهي:

  1. سنڌي او سي آر ( سنڌي ٻوليءَ جي فوٽو يا اسڪين ٿيل مواد کي ٽيڪسٽ ۾ بدلائڻ ۽ ان ۾ ايڊٽ ڪرڻ)
  2. پارٽس آف اسپيج (ڳالهائڻ جا لفظ) (سنڌي ٻوليءَ کي لکڻ يا ڳالهائڻ مهل، جملن جي سڀني لفظن کي پاڻمرادو گرامر جي حصن ۾ ڏسيندڙ سرشتي جو قيام. جنهن سان خودڪار ترجما، تصويرن مان سنڌي اکر ڪڍڻ ۽ مصنوعي آوازن جي مدد سان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجھڻ ۾ مدد ملندي
  3. آن لائين لائبري جنهن ۾ اداري جا ڇپيل ڪتاب ٽيڪسٽ ۾ اپ لوڊ ٿينداآهن جنهن کي سرچ انجن  آسانيءَ سان سرچ ڪري سگهي ٿي.
  1. آن لائين ڊڪشنرين جو پورٽل تيار ڪيو ويو آهي هن پورٽل ۾ سوا ڇهه لک لفظ موجود آهن. جنهن ۾ سنڌيءَ مان انگريزي يا انگريزيءَ مان سنڌي لفظن جا متبادل لفظ، پهاڪا، چوڻيون فني اصطلاح ۽ خاص لفظ ڳولي گهربل مفهوم پڙهي سگهجن ٿا.
  2. لنڊن جي ڪمپنيءَ ”سويفٽ ڪي ڪيبورڊ“ وارن سان لهه وچڙ ڪري  سمارٽ فونن جي جڳ مشهور ۽ ڪامياب ترين ”ڪيبورڊ“ ٺاهڻ واري ڪمپني ”سويفٽ ڪِي ڪيبورڊ“ (Swift Key Keyboard) ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرايو آهي.
  3. انٽرنيٽ لاءِ  استعمال ٿيندڙ برائوزر جنهن ۾ گوگل ڪروم ۽ فاير فاڪس شامل آهن انهن برائوزرن لاءِ هڪ ايڪسٽينشن تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن به انگريزيءَ يا سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي معنيٰ يا تشريح هڪ ٽڙڪ (ڪلڪ) سان حاصل ڪري سگھجي ٿي.
  4. سنڌي ٻوليءَ جي رجسٽرڊ انٽرنيشنل ڪوڊ (SD) کي گوگل ۽ مائڪرو سافٽ تسليم ڪري پنهنجي مرڪزي پروگرامنگ ۾ داخل ڪريو ڇڏيو آهي.
  5. آن لائين سنڌي سکيا جو ڪورس مڪمل طور تي تيار ڪيو ويو آهي  جيڪو دنيا جي سڀني پليٽ فارمن ۽ ڊوائيسز تي کلي سگھي ٿو.  جنهن مان ڪافي ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. اٿارٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن جي ورچوئل لائبريري تيار ٿي رهي آهي  جنهن ۾ اٿارٽيءَ جا ڇپيل ڪتاب رکيا ويندا.
  6. پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن لاءِ درسي گيتن جو پورٽل تيار ڪيو ويو آهي.
  7. دنيا جي ويب ورلڊ جا اهم سرشتا ”ورڊ پريس“ ۽ ”جوملا“ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن.
  8. 11 ڊڪشنرين جون اينڊرائيڊ ايپليڪيشنون تيار ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ”ڦلواڙي“ جي پڻ ايپليڪيشن تيار ڪئي وئي آهي. جيڪي گوگل پلي تان مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري موبائيل ۾ انسٽال ڪري سگهجن ٿيون.
  1. اداري جي ويب سائيٽ کي وقت به وقت اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي.
  2. اداري جو يوٽيوب تي چينل ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ وقت به وقت ٿيندڙ سرگرمين جي رڪارنڊنگ پڻ هن چينل تي اپلوڊ ڪئي ويندي آهي.
  3. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پروجيڪٽ تي جديد پروگرامنگ تحت آن لائين ويب سائيٽ ٺاهي پئي وڃي جيڪا يوزر فرينڊلي ۽ ايڪسس ڪرڻ بلڪل آسان هوندي.
  4. سنڌي ڪمپيوٽنگ جا ڪلاس ھلي رھيا آھن جن ۾ شاگردن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڄاڻ ڏني پئي وڃي.

قليچ ڪتاب گهر:

هي شعبو اٿارٽيءَ جي ڇپيل ڪتابن کي وڪرو ڪري آمدني پيدا ڪرڻ جو هڪ اهم وسيلو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي باختيار اداري طرفان هن وقت تائين 290 کن ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا آهن، جن کي سنڌيءَ جي مختلف علمي ۽ ادبي حلقن تائين پهچائڻ لاءِ مارڪيٽنگ جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي مڙني مک شهرن جي مشهور ڪتاب گهرن تائين اداري جا ڪتاب پهچائڻ هن شعبي جي ذمي آهي ۽ گڏوگڏ مارڪيٽنگ شعبي جي نگرانيءَ ۾ اداري جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ قليچ ڪتاب گهر قائم ٿيل آهي، جنهن ۾ نه صرف اداري جا ڪتاب وڪري لاءِ موجود آهن پر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مڙني ادبي ۽ علمي ادارن جا ڪتاب به محققن، استادن ۽ شاگردن جي سهولت لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي مناسب اگهن تي دستياب آهن.

پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن بيورو:

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي قيام 92-1991 وقت جيڪي مختصر شعبا قائم ٿيا، انهن ۾ پبليڪيشن جو شعبو اهم رهيو،ڇو جو پروگرام ۽ پبلڪ رليشنز، لائبرري ۽ مارڪيٽنگ جون ذميواريون به هن شعبي حوالي هيون ۽ خبرنامو ”سنڌي ٻولي“ جو وقت تي جاري ٿيڻ به هن شعبي جي ذمي هو.

ڪم جي گهڻائي سبب 2000ع ۾ هن شعبي کي وسيع ڪندي ”پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن بيورو“ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ ساڳين ذميوارين سان گڌ ڪي اضافي ذميواريون به ڏنيون ويون، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب ۽ ترجمي جي شعبي جو الڳ الڳ قيام ۽ گڏوگڏ اڪيڊمڪ سرگرميون به هن بيورو جي حوالي ڪيون ويون، جنهن ۾ غيرمادري زبان وارن لاءِ سنڌي سيکارڻ جاڪلاس ڪراچيءَ سميت مختلف شهرن ۾ شروع ڪيا ويا هئا.

اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي رٿابندي ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سموريون سرگرميون به هن بيورو جي حوالي رهيون ۽ ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جنرل جو اجرا به ڪيو ويو. هن بيورو طرفان مختلف ڪانفرنس جا سوينئر تيار ڪرڻ ۽ ڇپائڻ به پنهنجي ذمي ڪيو.

هن وقت اهي ڪم مختلف شعبن جي قيام بعد انهن شعبن جي حوالي ڪيل آهن ۽ پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن بيورو پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن جي مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. 290 کان مٿي ڪتاب شايع ٿي  چڪا آهن ۽ 50 کن رٿائون مختلف مرحلن ۾ آهن.

 

 

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي فيس بُڪ تي